• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڄڻ جوشان عاليشان ٿيندو

سڄڻ جوشان عاليشان ٿيندو
مرزا صاحبان ٽنڊوآغا جن وٽ هڪ عدد طرح مصرح تي ٿيل مشاعري جو غزل

سڄڻ جو شان عاليشان ٿيندو
جو احسان ان جو اڄ مهمان ٿيندو


نه کولي وار لنگهه مسجد جي سامهون
نمازي ڇا ملون بي ايمان ٿيندو


مون روئي هٿ ٻڌي اڄ عرضڙو ڪيو
بالآخر خوش سندم دربان ٿيندو


ڏسي پرچڻ رسڻ دشمن به پنهنجو
پريشان ٿي وري حيران ٿيندو


ادب جي ٿي نٿي نشر ۽ اشاعت
بي ادبي جو وڃين اعلان ٿيندو


نئون ڪو درد ڏيندين تون پوء ان مان
پراڻي درد جو درمان ٿيندو


اميرن کي ميسر زندگي ٿي
غريب آهي فقط قربان ٿيندو

جڏهن ڪڍنداسون نفرت ڪينو دل مان
تڏهن پنهنجو هي پاڪ اسٿان ٿيندو


اڃان آهي تسلسل خواب وارو
ڪڏهن آزاد پاڪستان ٿيندو

هتي اڄ ، ڪلهه پشاور ڇا خبر عيد
ڏهاڙو ٽيو وزيرستان ٿيندو


جڏهن هڪ قوم ٿي سندرو ٻڌوسين
ناممڪن جو تڏهن امڪان ٿيندو


پوء اوچو عشق جو ٿيندو ستارو
سڄڻ جو شان عاليشان ٿيندو

جي ايندين وقت سر وعدي مطابق
اهو احسان تي احسان ٿيندو



19315600753_5bde62993f_o.jpg

 
نه کولي وار لنگهه مسجد جي سامهون
نمازي ڇا ملون بي ايمان ٿيندو

مُلو بي ايمان نه ٿيندو، پر ايمان تازو ضرور ڪندو.
اهو سلسلو جي جاري رکندؤ
ته احسان جو احسان ٿيندو
 
Back
Top