گُوندَرَ ڪِئو غَرَقُ، ماءُ ! مُهِجو جِندَڙو ڏکويَنِ مَرَڪُ، مَٿَي سَڳرَ پَنڌِڙو سُرُ رِپَ رِپَ = پربت، آفت گُوندَرَ = غم ڪِئو = ڪيو غَرَقُ = لوڙهي، ٻوڙي، نهوڙي ڇڏيو مُهِجو = منهنجو جِندَڙو = جان، جسم، بدن مَرَڪُ = فخر مَٿي = تي سَڳَرَ = رستو، راھ، پيچرو، واٽ، گس، منزل بيت جو پس منظر ~ او جيجل ماءُ ! غمن تہ منهنجي جسم کي نهوڙي فنا ڪري ڇڏيو آهي. ~ ڏکويلن لاءِ منزل جي ڳولا فخر جو باعث آهي. سمجهاڻي تڪليفون، ايذاءَ، عذاب ۽ اذيتون انسان جون ازل کان ساٿي ۽ دوست رهيون آهن. زندگيءَ جَي هن ڊگهي ۽ اڻانگي سفر ۾ جڏهن سڀ ساٿ ڇڏي اڪيلو ڪري ويندا آهن. تڏهن انسان جا اهي غم، ڳڻتيون، اوجاڳا، اوسيئڙا، انتظار ۽ ڀوڳنائون ئي مددگار بڻجي کيس ڏڍ، آٿت، اتساھ ۽ جيئڻ جو حوصلو ڏيندا آهن. ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو تہ ڏاڍ، جبر، ايذاءَ، عذاب، قيد، جيل ۽ کوليون ڏسي ڪڏهن بہ نہ گهٻرايو. پر نئين عزم، همٿ ۽ حوصلي سان محبوبَ ۽ منزلن جي تلاش، ڳولا، جاکوڙ ۽ جدوجهد جاري رکو. ڪاميابيون گلابن ۽ رابيلن جون مالهائون کڻي سدائين اوهان جون منتظر آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____