موت،قبر، وقت ۽ آخرت. جنگل ۾ هڪ ماڻهون جي پٺيان شينهن پئجي ويندو آهي.اهو ماڻهون جان بچاڻ لاء کوه ۾ ٽپ ڏيندو آهي ۽ رسي سان لڙڪي پوندو آهي.جڏهن هو هيٺ ڏسندو آهي ته کوه جي تري ۾ هڪ وڏو نانگ ويٺل نظرايندو آهي.ايتري دير ۾ ٻه ڪوئا(ڪاري ۽ اڇي رنگ جا) رسي کي ڪترڻ لڳا جنهن تي اهو ماڻهون لٽڪي رهيو هو. ان ماڻهون کي اوچتو کوه ۾ ماکي جو مانارونظر آيو.اهو ماڻهون ماکي کي اڱرسان زبان تي هڻي ٿو.ماکي جي مٺاس ان کان کوه جا مٿان بيٺل شينهن،تري ۾ ويٺل نانگ ۽ ٻئي ڪوئا جيڪي رسي ڪتري رهيا هئا وساري ڇڏيندا آهن. هو وساري ڇڏيندا آهي ته رسي ڪٽجڻ کانپوء آخر هن کي کوه ۾ به ڪرڻو پوندو۽ نانگ جو کاڌو ٿيڻوپوندو. حضرت امام غزالي رحمت الله عليه فرمائين ٿا:_ آن ۾ شينهن ”موت “ آهي جيڪو هر وقت اسان جي پويان آهي. نانگ ”قبر“ آهي، جنهن ۾ هر حال ۾ اسان کي وڃڻو آهي ۽ اهئي ڪوئا ”ڏينهن ۽ رات“ آهن جيڪي اسان جي زندگي جي رسي کي آهستي آهستي ڪتري رهيا آهن ۽ اها ماکي ” دنيا “ آهي جنهن جي رنگينن کي ٿوروچکڻ جي ڪري اسان کان موت ،قبر ،وقت ۽ آخرت وسري ويئي آهي. محترم ميمبرس! موت هر انسان (نفس ) کي اچڻوَآهي.اچو ته پنهنجي گناهن جي الله پاڪ کان معافي گهري ،نيڪ عمل ڪرڻ شروع ڪيون تاڪي موت جي سختي، قبر جي عذاب ۽ جهنم جي باه کان بچي سگهون.
موت هر انسان (نفس ) کي اچڻوَآهي.اچو ته پنهنجي گناهن جي الله پاڪ کان معافي گهري ،نيڪ عمل ڪرڻ شروع ڪيون تاڪي موت جي سختي، قبر جي عذاب ۽ جهنم جي باه کان بچي سگهون. الله سائين ٻنهي جهانن جي سردار جي صدقي اسان سڀني کي توفيق عطا ڪري آمين.