• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موت، قبر،وقت ۽ آخرت.

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
موت،قبر، وقت ۽ آخرت.

جنگل ۾ هڪ ماڻهون جي پٺيان شينهن پئجي ويندو آهي.اهو ماڻهون جان بچاڻ لاء کوه ۾ ٽپ ڏيندو آهي ۽ رسي سان لڙڪي پوندو آهي.جڏهن هو هيٺ ڏسندو آهي ته کوه جي تري ۾ هڪ وڏو نانگ ويٺل نظرايندو آهي.ايتري دير ۾ ٻه ڪوئا(ڪاري ۽ اڇي رنگ جا) رسي کي ڪترڻ لڳا جنهن تي اهو ماڻهون لٽڪي رهيو هو. ان ماڻهون کي اوچتو کوه ۾ ماکي جو مانارونظر آيو.اهو ماڻهون ماکي کي اڱرسان زبان تي هڻي ٿو.ماکي جي مٺاس ان کان کوه جا مٿان بيٺل شينهن،تري ۾ ويٺل نانگ ۽ ٻئي ڪوئا جيڪي رسي ڪتري رهيا هئا وساري ڇڏيندا آهن. هو وساري ڇڏيندا آهي ته رسي ڪٽجڻ کانپوء آخر هن کي کوه ۾ به ڪرڻو پوندو۽ نانگ جو کاڌو ٿيڻوپوندو.

حضرت امام غزالي رحمت الله عليه فرمائين ٿا:_ آن ۾ شينهن
”موت “ آهي جيڪو هر وقت اسان جي پويان آهي. نانگ ”قبر“ آهي، جنهن ۾ هر حال ۾ اسان کي وڃڻو آهي ۽ اهئي ڪوئا ”ڏينهن ۽ رات“ آهن جيڪي اسان جي زندگي جي رسي کي آهستي آهستي ڪتري رهيا آهن ۽ اها ماکي ” دنيا “ آهي جنهن جي رنگينن کي ٿوروچکڻ جي ڪري اسان کان موت ،قبر ،وقت ۽ آخرت وسري ويئي آهي.

imgres

محترم ميمبرس! موت هر انسان (نفس ) کي اچڻوَآهي.اچو ته پنهنجي گناهن جي الله پاڪ کان معافي گهري ،نيڪ عمل ڪرڻ شروع ڪيون تاڪي موت جي سختي، قبر جي عذاب ۽ جهنم جي باه کان بچي سگهون.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
موت هر انسان (نفس ) کي اچڻوَآهي.اچو ته پنهنجي گناهن جي الله پاڪ کان معافي گهري ،نيڪ عمل ڪرڻ شروع ڪيون تاڪي موت جي سختي، قبر جي عذاب ۽ جهنم جي باه کان بچي سگهون.
الله سائين ٻنهي جهانن جي سردار جي صدقي اسان سڀني کي توفيق عطا ڪري آمين.
 
Back
Top