هڪ بيحد عجيب خبر آهي..!!
شريعت موجب ڪجهه مخصوص حالتن کانسوا ڪنهن به قبر کي تدفين ٿيڻ کان پو کولڻ ۽ مُردي کي ڏسڻ جائز نه آهي.
حقوق العباد جون ڪجهه صورتون آهن جن ۾ قبر ڪشائي جي اجازت ڏني ويندي آهي.
اڄڪلهه ته امانتن به مُردي جي تدفين ڪئي ويندي آهي ته جيئن ڪجه وقت کان پو ان جي ٻيهر ڪنهن مناسب جا تي تدفين ڪري سگهجي ، اصل ۾ اهو به جائز عمل نه آهي.
جيڪڏهن مينهن، ٻوڏ يا قدرتي آفتن سان قبر کلي وڃي ته ان لا شريعت موجب پردي جو خاص احتمام ڪجي ۽ جيتري قبر کلي وئي آهي ان جي تعمير ڪرڻ گهرجي. مختلف عالم سڳورن موجب ميت کي ٻاهر ڪڍڻ کان سوا مرمت ممڪن هجي ته غير ضروري مُردي کي ڪڍڻ يا ان کي ڏسڻ جي اجازت نه آهي ۽ قبر کي وڌيڪ کولڻ به جائز نه آهي.