ونڊوز 10 جون 10 خاصيتون جيڪي مون به ڏٺيون.

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم دوستو!
اميد ته ٺيڪ ٺاڪ هوندا.
ڪجهه ڏينهن پهريان ئي مائڪروسافٽ پاران ونڊزو 10 جو ٽرائل ورجن (1 سال مُفت) رليز ڪيو ويو، انٽرنيٽ تي تعريف ٻُڌم ته هرکجي پيس، نيٺ شوق پورو ڪيم ۽ مُومل جي محلات ڏِسي ورتم ;) توهان سوچيو پيا ته ڪِٿي ونڊوز ۽ ڪِٿي مومل جي محلات! :) بس ائين سمجهو ته هِي مائڪروسافٽ جي آخري ونڊوز مومل جي محلات وانگي مڪمل جادُو سان ڀريل آهي. :) مطلب ته اڪثر شيون طلسم وانگر لڪيل اٿس :) هلون ٿا موضوع جي طرف ته ونڊوز 10 جون 10 خاصيتون جيڪي مونکي به وڻيون سي اوهان سان شيئر ڪرڻ وارو آهيان اُهي هي آهن

1 : ٽاسڪبار ۾ موجود ڳولا جو آپشن ، جيڪو تمام بهترين آهي جنهن سان توهان باآساني ڳولا ڪري سگهو ٿا ۽ هِتي جيڪڏهن توهان فيسبوڪ ڊاٽ ڪام يا سنڌسلامت ڊاٽ ڪام لکندا ته پاڻمرادو برائوزر کُلي پوندو ۽ ويبسائٽ کُلي پوندي. :)

4yynuYf.jpg

2: ٽاسڪبار ۾ موجود ٽاسڪ_وِيُو جو بٽڻ : جنهن سان ڪمپيوٽر ۾ ڪيتريون ئي فائلز برائوزرس وغيره کُليل هونديون هِن تي ڪلڪ ڪرڻ سان اُهي سڀ توهان جِي ڊيسڪٽاپ تي ظاهر ٿي پونديون، جنهن مان توهان پنهنجي مرضي مطابق ڪابه فائل يا فولڊر وغيره کولي سگهو ٿا.
20012276798_209939101b_o.jpg

3 : خوبصورت آن.آف بٽڻ، جيڪي اڪثر ٽيبليٽ يا ائنڊرائيڊ ۾ هوندا آهن، هِي بٽڻ مونکي تمام گهڻيو وڻيا.. :)

y3FcFTX.jpg

4 : مائڪروسافٽ ايج برائوزر جا بهترين فيچرز ، جَن ۾ (1) هائلائٽر، جنهن سان توهان ويبسائٽ جو ڪوبه حصو هائلائٽ ڪري سگهو ٿا، (2) پَين : جنهن سان توهان ويبسائٽ جي ڪنهن به حصي ۾ ڪجهه لکي سگهو ٿا ۽ ها پَين جا رنگ به مٽائي سگهجن ٿا :) :) (3) هِن ٽول جي مدد سان توهان ويبسائٽ ۾ ڪنهن به حصي کي ڪاپي ڪري اُن جي جئپيج ٺاهي دوستن ڏانهن موڪلي سگهو ٿا :) (4) نوٽ آپشن، جنهن توهان ويبسائٽ متعلق يا ويبسائٽ ۾ ڪنهن به موضوع وغيره متعلق نوٽ لکي سگهو ٿا ، ۽ پو توهان ترميمون محفوظ ڪري سگهو ٿا ۽ پڻ ٻين دوستن ڏانهن اهي ترميمون ونڊڻ لا مينيو بار ۾ کاٻي پاسي کان شيئر جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ٻين ڏانهن موڪلي سگهو ٿا :)

20206351281_02593ab1ae_o.jpg

5: ڦوٽو ايڊيٽنگ جي مکيه بهترين فيچرز وارو اميج ويوئر.. :) هِن image viewer ذريعي توهان تصوير کي خوبصورت پڻ بڻائي سگهو ٿا (اهي فيچرز جيڪي عام ائنڊرائيڊ سيٽ جي image viewer ۾ هوندا آهن سي اَٿَس)

jNT0KE.jpg

6: بهترين صلاحيتون رکندڙ ڪلڪيوليٽر جنهن سان توهان توهان ڊيٽا، واليوم، اينگل، ليگنٿ، ٽيمپريچر وغيره ڪلڪيوليٽ ڪري سگهو ٿا ۽ پڻ ڪنورٽ ڪري سگهو ٿا :)

20206503591_e09d643cfd_o.jpg

7: بهترين ۽ خوبصورت مينيو بار :)
ZVleXa.jpg

8: ائنڊرائيڊ ۾ جيئن پلي اسٽور آهي تيئن ونڊوز جو اسٽور :) جنهن ۾ ائنڊرائيڊ جون ايپليڪشنز به جلد آنديون وينديون (فيسبوڪ، آئي.ايم.او ۽ ٻيون ايپليڪيشنز ۽ گيمز اڳ ۾ ئي موجود). :)

20206600331_255243be24_o.jpg

9: خوبصورت اسٽارٽ مينيو :) جنهن ۾ کوڙ ساريون ايپليڪيشنز (ويڌر ، اسپورٽس وغيره)
8J1gkQA.jpg

10 : مائڪروسافٽ وَن_ڊرائيو. جنهن سان توهان پنهنجي ڊيٽا کي پنهنجي ڪلائوڊ سرور تي رکي سگهو ٿا :)

BDvXk3.jpg

ونڊوز 10 ۾ ٻيا به کوڙ سارا فيچرز موجود آهن ، سڀ کان بهترين ڳالھ ته هي ونڊوز مونکي تمام هلڪي پئي لڳي ۽ استعمال ڪرڻ ۾ ائين پيو لڳي ته آئون ائنڊرائيڊ ٽيبليٽ پيو استعمال ڪريان :)

توهان به انسٽال ڪري ڏِسو :) پَڪ اٿم ته ٻيهر ونڊوز7 انسٽال ڪرڻ جو سوچيندا به ڪونه (ڇو ته جيڪو مزو مومل جي محلات ۾ آهي سو سوڍي جي حويلي ۾ ڪٿي ؟ :D )
 
سائين فيچرس ته اصل لاجواب آهن
پر اسان فقير ماڻهو امير جو محل ڏسي پنهنجي جهوپڙي کي اصل نه ساڙيون سو حال فلحال ونڊوز 8.1 زنده باد آهي مون وٽ

:D:D:D;)
 
هي ونڊوز آهي ته بهترين پر ڊائونلوڊ يا يو ايس بي ۾ ڪاپي ڪرڻ ۾ ڍير پئي ڪري.
في الحال هي ونڊوز ڪونه ٿو ڪريان.جيستائين هن جي سي ڊي مارڪيٽ ۾ اچي
 
هي ونڊوز آهي ته بهترين پر ڊائونلوڊ يا يو ايس بي ۾ ڪاپي ڪرڻ ۾ ڍير پئي ڪري.
في الحال هي ونڊوز ڪونه ٿو ڪريان.جيستائين هن جي سي ڊي مارڪيٽ ۾ اچي

سهڻا ! مُومل ماڻڻ ۾ ديريون ناهن ڪبيون :) ماڻڻي آهي ته ڪٿان به ڪري ماڻي وٺجي :)
 
ايج برائوزر جو هڪ نئون ۽ بهترين فيچر توهان ڏٺو آهي ؟؟
نه ته هيءُ ڏِسي وٺو :)
ريڊنگ ويو (Reading View) نالي هي فيچر برائوزر ۾ رهندي ڪوبه ويب پيج کولڻ کان پو ڪيبورڊ مان Ctrl+Shift+R دٻائڻ سان توهان جي برائوزر ۾ کُليل ويبسائٽ ۾ صرف پيج کي ڏيکاريندو :) فالتو اشتهارات ، ويبپيج هيڊر وغيره سڀ گُم ڪري توهان کي صاف پڙهڻ لا مواد ڏيندو :)
نمونو ڏِسي وٺو :)

9Rp6YY.jpg
 
تمام بهترين فيچر آ...
 
هي ونڊوز آهي ته بهترين پر ڊائونلوڊ يا يو ايس بي ۾ ڪاپي ڪرڻ ۾ ڍير پئي ڪري.
في الحال هي ونڊوز ڪونه ٿو ڪريان.جيستائين هن جي سي ڊي مارڪيٽ ۾ اچي

جيستائين مان سمجهجان ٿو ته هن جي سي ڊي مڪمل ڪونه هوندي ... ڊي وي ڊي سيٽ ۾ مڪمل ايندي. پر آنلائن وارو آپشن وڻيو .... پر سوال ته هڪ سال کانپوء ڇا ٿيندو؟؟؟
 
يار عبيد اسان ايڪس پي هلائڻ وارا ماڻهو ... اچي ڦاٿا آهيون .... پر ونڊو 10 جي وڏي تعريف ٿي هلي سو دل هرکجي پئي آ ...

منهنجي ليپٽاپ ۾ ونڊو 7 آهي ..... مان ونڊو10 ڪيئن اپڊيٽ ڪيان، ڪو سولو طريقو سمجهايو. هتي ڪو آپشن نظر ڪونه پيو اچي.
 
اهوڪم ته هڪ ئي ماڻهو ڪري سگهي ٿو....... گهرايو ان مانهون کي دعوت ڏيو توهان جا در دريون به ٺيڪ ڪري ويندو.............
 
اهوڪم ته هڪ ئي ماڻهو ڪري سگهي ٿو....... گهرايو ان مانهون کي دعوت ڏيو توهان جا در دريون به ٺيڪ ڪري ويندو.............

اهو همراهه به هاڻي گمنام ٿي ويو آ ... لڳي ٿو اشتهار ڏيڻو پوندو .. اچڻ جا سڀ واعدا ڪوڙا نڪتا
 
يار عبيد اسان ايڪس پي هلائڻ وارا ماڻهو ... اچي ڦاٿا آهيون .... پر ونڊو 10 جي وڏي تعريف ٿي هلي سو دل هرکجي پئي آ ...

منهنجي ليپٽاپ ۾ ونڊو 7 آهي ..... مان ونڊو10 ڪيئن اپڊيٽ ڪيان، ڪو سولو طريقو سمجهايو. هتي ڪو آپشن نظر ڪونه پيو اچي.

آسان طريقو هي آهي ته توهان ميڊيا ڪريئيشن ٽول کي استعمال ڪندي آنلائن ونڊوز انسٽال ڪريو :)
هيٺئين موضوع کي پڙهو :)
http://www.sindhsalamat.com/threads/43832/
اهوڪم ته هڪ ئي ماڻهو ڪري سگهي ٿو....... گهرايو ان مانهون کي دعوت ڏيو توهان جا در دريون به ٺيڪ ڪري ويندو.............

ادا هن دؤر ۾ هرڪو واڍو آهي :) بس جنهن وٽ اوزار آهن اهو ويهي واڍڪو ڪم شروع ڪري ٿو اگر نه ته پنهنجي گهر جون دريون ٺيڪ ڪري ٿو... هاڻ ته نئين دري آئي آهي جنهنجو نالو 10 دريون آهي ، اها دري لڳائڻ ۾ ٿوري دير ته لڳي ٿي پر سهڻي هئڻ ڪري ماڻهون ان جي مهانگي هُجڻ ۽ دير سان لڳڻ کي نظر انداز ڪريو ڇڏي. :)
 
يار عبيد اسان ايڪس پي هلائڻ وارا ماڻهو ... اچي ڦاٿا آهيون .... پر ونڊو 10 جي وڏي تعريف ٿي هلي سو دل هرکجي پئي آ ...

منهنجي ليپٽاپ ۾ ونڊو 7 آهي ..... مان ونڊو10 ڪيئن اپڊيٽ ڪيان، ڪو سولو طريقو سمجهايو. هتي ڪو آپشن نظر ڪونه پيو اچي.

ڳالهه توهان جي صحيح آهي پر ونڊوز 7 سان پراڻي دل آهي جيڪڏهن فارميٽ ڪري 3 ٽپا ڏئي 10 نمبر تي اچجي به ته اسان ڪمپني جا سافٽوئر ڪندي ڪندي رٽائر ٿي وينداينسين،
 
مون ادا انسٽال ڪئي هئي. منهنجي پي سي کي ته صفا ڳرو ڪري ڇڏيو هينئن سو مون وري ونڊو سيون انسٽال ڪئي.
ڪجهه ڊرائيور هن ونڊو ۾ کٽل هيا جيڪي ڪنهن سي ڊي مان به نه پئي ٿيا.
 
ادا اسان نون يوزرس لا رهنمائي ڪندا. ڇا ڊرائيورس جو مسئلو ته ن ٿيندو، آٽو ڊرائيور آهي يا 7 جيان مينيوئل ڪرڻا پوندا.
 
Back
Top