ڪجه ڏينهن اڳ اسلام آباد جي عملدارن هڪ افغان بستي کي ڊاهي پٽ ڪري ۽ اتان جي رهواسين کي دربدر ڪري ڇڏيو.اهو عمل ڪري پنهنجي مالڪن کي خوش ڪري خوشين ۾ نه پيا ماپن ته انهن دهشتگردي جي پاڙ پٽي ڇڏي . سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اهي تڙيل ماڻهو ملڪ جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ وڃي آباد نه ٿيا هوندا ؟ ڇا اهي ٻئي هنڌ ڪنهن دهشتگردي واري ڪاروائي ۾ ملوث نه ٿا ٿي سگهن ؟ يا ڪنهن به پاڪستاني جي لا ڪنهن پريشاني جو سبب نه ٿا ٿي سگهن؟ اهڙن سوالن جو جواب جيڪڏهين ها ۾ اچي ته پو اهڙن حڪمرانن ۽ عملدارن کان اهو پڇاڻو ضرور ٿيڻ گهرجي ته اهڙو عمل ڪري انهن کي ڇا حاصل ٿيو ؟ اهڙي عمل لا سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته ڪتو به کاڌو ۽ ڪک به نه ڀري. ٿيڻ ته ائين ئي گهربو هو ته پهريائين سڀني رهندڙن جي سروي (انگ اکر) ڪري پو مرحليوار انهن کي پنهنجي ملڪ ڏانهن موڪلي پڪ ڪجي ها ،ته جيئن اهي وري بيهر سرحد پار ڪري پاڪستان ڏانهن موٽي نه اچن ها ،تنهن کان پو اهڙين آبادين جي ڪم جو سامان محفوظ ڪري باقي باقيات کي ڊاهي پٽ ڪجي ها ته ،اهڙي عمل کي تعريف جي لائق سمجهن گهرجي ها . باقي سنڌ جي پوليس وانگر ڪن ماڻهن جا گهر ڊاهي ائين خوش ٿيڻ ته انهن ڏوهارن ۽ دهشتگردن جي پاڙ پٽي ڇڏي آهي . اهڙا عمل سمجهه کان ٻاهر آهن . اميد ته وقت جا حڪمران ۽ عملدار آئينده اهڙن عملن ڪرڻ کان پاسو ڪندا .