اقتدار تي ويٺل ۽ انڌا عملدار

ڪجه ڏينهن اڳ اسلام آباد جي عملدارن هڪ افغان بستي کي ڊاهي پٽ ڪري ۽ اتان جي رهواسين کي دربدر ڪري ڇڏيو.اهو عمل ڪري پنهنجي مالڪن کي خوش ڪري خوشين ۾ نه پيا ماپن ته انهن دهشتگردي جي پاڙ پٽي ڇڏي .
سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اهي تڙيل ماڻهو ملڪ جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ وڃي آباد نه ٿيا هوندا ؟ ڇا اهي ٻئي هنڌ ڪنهن دهشتگردي واري ڪاروائي ۾ ملوث نه ٿا ٿي سگهن ؟ يا ڪنهن به پاڪستاني جي لا ڪنهن پريشاني جو سبب نه ٿا ٿي سگهن؟ اهڙن سوالن جو جواب جيڪڏهين ها ۾ اچي ته پو اهڙن حڪمرانن ۽ عملدارن کان اهو پڇاڻو ضرور ٿيڻ گهرجي ته اهڙو عمل ڪري انهن کي ڇا حاصل ٿيو ؟
اهڙي عمل لا سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته ڪتو به کاڌو ۽ ڪک به نه ڀري.
ٿيڻ ته ائين ئي گهربو هو ته پهريائين سڀني رهندڙن جي سروي (انگ اکر) ڪري پو مرحليوار انهن کي پنهنجي ملڪ ڏانهن موڪلي پڪ ڪجي ها ،ته جيئن اهي وري بيهر سرحد پار ڪري پاڪستان ڏانهن موٽي نه اچن ها ،تنهن کان پو اهڙين آبادين جي ڪم جو سامان محفوظ ڪري باقي باقيات کي ڊاهي پٽ ڪجي ها ته ،اهڙي عمل کي تعريف جي لائق سمجهن گهرجي ها . باقي سنڌ جي پوليس وانگر ڪن ماڻهن جا گهر ڊاهي ائين خوش ٿيڻ ته انهن ڏوهارن ۽ دهشتگردن جي پاڙ پٽي ڇڏي آهي . اهڙا عمل سمجهه کان ٻاهر آهن . اميد ته وقت جا حڪمران ۽ عملدار آئينده اهڙن عملن ڪرڻ کان پاسو ڪندا .
 
Back
Top