ڪورٽانا جي سرچ انجڻ “بِنگ” مان بدلائي “گوگل سرچ ” سيٽ ڪريو

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ محمد نويد جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2015۔

  1. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    ونڊوز 10 جي مشهور فيچر ڪورٽانا جي ڊيفالٽ سرچ انجڻ بِنگ سيٽ ٿيل آهي، جنهن کي تبديل ڪرڻ لاءِ مائيڪروسافٽ طرفان ڪو به طريقو ڏِنل ڪونهي. انهي کي تبديل ڪرڻ طريقو جيڪو انٽرنيٽ تي مونکي نظر آيو سو هڪ ٽِرڪ آهي، جنهن سان توهان گوگل سرچ کي ڪورٽانا جي سرچ انجڻ طور استعمال ڪري سگهو ٿا.
    • سڀ کان پهرين گوگل ڪروم کي ڊيفالٽ برائوزر طور سيٽ ڪريو.
    (ڊيفالٽ برائوزر تبديل ڪرڻ جو طريقو:
    All Settings > System >Default apps> Web Browser
    ۽ پوءِ گوگل ڪروم تي ڪلڪ ڪريو.)
    • انهي کان پوءِ گوگل ڪروم کوليو ۽ ان ۾ هڪ ايڪسينشن شامل ڪريو جنهن جو نالو ”ڪروم ٽانا“ آهي. ڪروم ٽانا کي شامل ڪرڻ لاءِ هيٺين لنڪ کي (گوگل ڪروم ۾ ئي) کوليو ۽ add to chrome تي ڪلڪ ڪريو.
    • هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو: Chrometana
    • ۽ پو بس! ڪم ٿي ويو ۽ آزمائي ڏسو.
    آزمائڻ لاءِ ڪورٽانا جي ذريعي ڪجھ سرچ ڪري ڏسو...

    ياد رهي ته اصل سرچ انجڻ بِنگ ئي سيٽ ٿيل آهي. ڪروم ٽانا صرف بنگ جي مواد کي گوگل سرچ ۾ سرچ ڪري نتيجا ڏيکاري ٿي...


    (مستقبل ۾ ڪورٽانا جي سرچ انجڻ کي تبديل ڪرڻ مائيڪروسافٽ جي پلان ۾ شامل آهي ۽ اها ونڊوز اپڊيٽ جو حصو هوندي، پر ايستائين صارفين بنگ کي ئي سرچ انجڻ طور استعمال ڪري سگهندا)

    اصل موضوع جي لنڪ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو