چوندا آهن ته لوه کي تڏنهن چٿي گهربل گهڙت ڏبي آهي جڏنهن هو گرم ترين ۽ ٻارڻ جو ڏيک ڏيُ ۽ توهان به اهڙي گرم لوه کي چٿڻ جا ماهر سڏجو ٿا ۽ مختلف انٽرويز ۾ ڪليم به ڪندا آهيو ته پوءِ هاڻ توهانجي سنڌ لاءِ خاموشي ڇو؟ يعني سنڌي پروڊڪشنس جي پروجيڪشن ۾ خاموشي ڇو ؟ جهڙوڪ (سنڌي فلم يا ڊرامون وغيره) . هاڻ هي وقت ٻيهر اچي ويو آهي ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪري، انتهائي سهولتن سان سنڌي سئنيما کي روائيو ڪري سگهجي ٿي. خاص طور تي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي، وڊيو افيڪٽس ۽ ڪروما جي استعمال سان ڳوٺ ۾ فلمائجدڙ فلمون به ڊبنگ سان يا امريڪا جي روڊن تي ۽ شهرن ۾ (ڪروما ٽيڪنالاجيءَ) جي مدد سان ماڊرن بڻائي دُنيا ۾ ڦهلائي سگهجي ٿي . پر توهانجو سنڌ مفاد لاءِ سرگرميون ان سلسلي ۾ مانند ڇو پيل آهن ؟ممڪن آهي پيري ڪارڻ هُجي . پر جتي چاهت ۽ جذبو هوندو آهي اُتي نئين ۽ مُنجهندڙ ٽهيءَ کي دڳ ته ڏيڻ گهرجي.
OUR EDUCATE SINDH POLICY THROUGH SOCIAL MEDIA After completion of our introduced (Free ON-LINE Courses) on Social Media & after the Final Test taken; this (Free On-Line) appreciation Certificates will be awarded on MERIT to those registered & passed participants.
ياد رهي ته تازو ڪراچيءَ جي اسڪالا سئنيما ۾ سرائڪي، پشتو ۽ پنجابي (ڊجيٽائيز ٽيلي فلمون ) نمائش لاءِ پيش ڪيون ويون آهن ۽ گهڻو ناڻو کڻي پنجاب ، ۽ ٻين صوبن ڏانهن کڻي هليويون آهن. ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ هاڻ رُڳو پشتو ۽ پنجابي فلمون به ڪراچيءَ مان سنڌ جو ناڻون پنهنجي فلمن جي نمائش ڪري کڻي پيون وڃن ته پوءِ سنڌي فلمون ڇو نٿيون نمائش ڪري سگهجن ۽ سنڌ جي شهر ۽ گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ کي اهو تاثر ڇو نٿو ڏنو وڃي ته هتي سنڌ وسنديون به آهن. اها توهان سينيئرس جي رسپانسپبلٽي آهي ته سنڌ جو حق ادا ڪريو ۽ جنهن سنڌ ۽ انهن جي ماڻهن توهان کي سُڃاڻپ ڏني آهي. اڳيان وڌايو، ان سنڌ جو ملي حق ادا ڪريو. لوه گرم آهي، سنڌي سئنيما روائيو ڪريو، پنهنجيصحيح ٻوليءَ جي سنڌي اسڪرپٽ ۽ اُچارن وسيلي سنڌي تهذيب، ڪلچر، روايتون ۽ توارين جي حفاظت ڪريو.
سنڌ جي نالي تي پئسو به مليو، عهدا به مليا، عزت به ملي ته سُڃاڻپ به پر جي هاڻ توهانجهڙا سينيئر پروڊيوسر، ايڪٽر ۽ ڊائريڪٽر هن سنڌي سيڪشن کان ٻاهر نڪري تماشو ڏسندا رهندا ته اڄ جو هي بگڙيل ۽ سفارشي، نا تجربيڪار نسل (ايڪٽر، ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر) اڳتي وڌي سنڌي ڪلچر، تهذيب ۽ تمدن ۾ تبديلي آڻي ڇڏيندو . اڄ جو پاور فُل ميڊيا بچيل سچيل ، سنڌي معاشرو ۽ ڪلچر بلڪل تباه و برباد ڪري ڇڏيندو جيئن اڄ ڪله سنڌي چئنلن ۽ پرائيويٽ پروڊڪشنس ۽ سي ڊيز تي ٺهندڙ ،پيش ٿينڙ اهڙا ڊرامان ۽ فلمون ڏسي محسوس ٿي رهيو آهي.ان ڪري هاڻ توهان جهڙن سينيئرس جي انتهائي شدت سان ضرورت محسوس ٿي رهي آهي، خدارا ميدان تي لهي پئو ۽ سنڌي سئنيما ۽ ڊرامن کي اڳئي جيان روائيو ڪري سنڌي معاشري ۽ تهذيب کي بچائڻ ۾ مدد ڪريو. بهترين، سماجي، تواريي اسڪرپٽ ڊراما ٽائيز يا فلمائيز ڪري بگڙيل نئين نسل ۽ موالي ڪلچر ۾ تيزيءَ سان رنگجندڙ قوم کي سندن اصل ماضي ياد ڏياريو ۽ مستقبل ۾ هلڻ جو طريقو سيکاريو. نوٽ ڪريو ته تازو سئنيما هالن ۾ (پراڻيون مشينون) هاڻ نين (ڊجيٽل مشينن )سان تبديل ٿي ويو آهن هاڻ توهان پنهنجي ڊجيٽائيز فلمون تيار ڪري، سئنيمائن جي (سي ڊي يا دي وي ڊي) مشينن تي آڻي پيش ڪري، سنڌ جو سرمايو ٻين صوبن ۾ وڃڻ کان بچائي سگهو ٿا.
هن وقت ٽيلي فلمون يا سوپ سيريل محض مخصوص هڪ خاص سوچ رکندڙن لاءِ سنڌي ٽيليويزن چئنلن جو حصو بڻيل آهن جيڪي، هاڻ تعليمي سبقن ۾ رنگجي سنڌ جي سئنيمائن جو حصو به بڻجي سگهن ٿيون ۽ ڪمائي سگهن ٿيون. سنڌي فلم انڊسٽري (سستائيءَ سان) روائيو ٿي مصيبت ماريل ، غربت ۽ منهنگائي ۾ وچڙيل، ماڻهن کي روزگار ڏئي سگهي جيڪي ڪلچر ڊپارٽمينٽ کان پنڻ جا عادي ٿي چُڪا آهن، کين پنهنجي اجر تي جيئڻ جو حق ڏياريو. موالي ڪلچر ۾ گهسيڙيل سنڌي ماڻهون کي روزگار ڏئي موالي ٿيڻ ۽ وڏيرن جي غلاميءَ کان بچايو ته جيئن انهن جي ذهنيت ۾ علم ۽ سوچ ۾ به واڌ آڻي سهجي ٿي.