اسان کي سڪ محبت ۾ گهرجي ٿي ڪا دلداري....

اسان کي سڪ محبت ۾ گهرجي ٿي ڪا دلداري
_____________________________________

اسان کي سڪ محبت ۾ گهرجي ٿي ڪادلداري
اسان هون پيار جا پانڌي نظرون نينهن نظاري

اسان جون التجائون هن محبتي هن جا هن ماڻا
وياسين سڪ ۾ ٿي ساڻا لبن تي ورد آ جاري

نگاهن جي ادائن ۾ وڏو اسرار عزمت آ
ڏسن ٿا يار جي سڪ مان انهن باه آ ٻاري ...

رڳو رهزن اداسيون هي رڳو ماتم بنا هن جي
اسان وٽ هونش ئي ناهي هلي ٿي آه ۽ زاري....

اسان ماندا رهون من ۾ هنن کي ڄاڻ ڪا ناهين
اندر جي يار الفت هي وڌي ٿي روز ٿي ڀاري ...

اسان جن کي آهي چاهيو سدائين سک هجن سهڻا
اسان وٽ ديد روزي ۾ ڪڏهن ٿيندي هي افتاري.....

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top