• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچيءَ ۾ 50 نوجوان ڇوڪرين جي زوري عصمت لٽيندڙ علي حاجاڻي کي 45 ورهيه جيل جي سزا

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڪراچيءَ جي ڊفينس، ڪلفٽن ۽ ويجھڙائيءَ وارن علائقن ۾، سال 2009 ڌاري، اڍائي ورهين جي عرصي تائين دهشتگرديءَ جي علامت بڻيل ۽ ڪيترين نوجوان ڇوڪرين جي زبردستي عصمت لٽيندڙ علي حاجاڻيَ کي 45 ورهيه قيد جي سزا ٻڌائي آهي ـ
سندس والد اڳوڻو اِي ڊي او ايجوڪيشن (گل محمد حاجاڻو مرحوم) هو ـ ملزم تي ڌاڙن جو الزام به ثابت ٿيو آهي ـ جن ڇوڪرين جي هن عزت لٽي هئي، انهن مان ڪجھه ڇوڪرين همت ڪري عدالت ۾ ملزم کي سڃاتو ۽ مٿس لعنتاڻو به وڌائون ـ
هو گھڻو ڪري رات جو سير سفر يا خريداريءَ لاءِ گاڏين ۾ ويندڙ اڪيلين ڇوڪرين جي زبردستي عزت لٽيندو هو ۽ اهڙو جنون چريائپ جي حد تائين سندس سر تي سوار رهندو هوـ (حوالو: امت 05 آگسٽ 2015) ـ
ٻئي طرف، اهو به معلوم ٿيو آهي ته محمد علي حاجاڻو ڪجھه سال سعودي عرب ۾ به رهيو ۽ موٽڻ کانپوءِ هن اڪيلين يا مائٽن سان گاڏين ۾ گڌ ويندڙ نوجوان ڇوڪرين کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻايو ۽ ڪجھه ڪيسن ۾، هن گاڏين اندر مائٽن جي موجودگيءَ ۾ پوئين سيٽ تي نوجوان ڇوڪرين جي عزت لُٽي ـ هو سدائين سفيد رنگ جي ٽويوٽا ڪار ۾ سفر ڪندو هو ـ
محمد علي حاجاڻي ڪيترين ئي شريف ۽ ناميارن ڪُٽنبن سان واسطو رکندڙ ڇوڪرين جي عزت داغدار ڪئي جن مان ڪيترن ڪُٽنبن، بدناميءَ جي ڊپ کان ڪيس به داخل ڪونه ڪرايا ـ پوليس کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ گھڻيون ڪوششون ڪيون پر هو هر ڀيري واردات ڪرڻ کانپوءِ سگهو ئي ڀڄي ويندو هوـ هو ڌاڙن هڻن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرين جي عصمتن لٽڻ کي، وڌيڪ ترجيح ڏيندو هو ـ هڪ صحافي موجب مٿس 50 نوجوان ڇوڪرين جي عزت لٽڻ جو الزام آهي ـ اڃا به مٿس گھڻا ڪيس هلندڙ آهن ـ
 
Back
Top