محمد خان سيال
سينيئر رڪن
مون تازو هڪ پوستنگ ڪئي هئي ته ڇا 26 لک سنڌي انسان ناهن؟ پنجاب کان هڪ سوال ـ جنهن جي موٽ ۾ پنجاب جي شهر فيصل آباد سان واسطور رکندڙ هڪ شخص طارق لقمان سخت ردعمل ڏيکاريو آهي ۽ سنڌين کي ڊاڪو وغيره جي لقب سان نوازيو اٿس ـ ان جي موٽ ۾ مون ڪا به چڙ ڪانه ڏيکاري آهي پر ڳنڀيرتا سان کيس جواب ڏنو آهي ـ جيڪو مختصر هيٺ بيان ڪجي ٿو:
پيارا طارق لقمان ..خبر ناهي ته ڇو سچ ٻڌڻ تي اوهان کي ڪاوڙ وٺي وئي آهي ـ ڇا اوهان ۽ اوهان جهڙن ماڻهن ڪڏهن لکيو آهي ته پنجاب گذريل 25 ورهين کان، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ لازمي محدود پاڻي ڇڏڻ تي اعتراض ڇو ٿو ڪري جڏهن ته اها ڳالهه پاڻي ٺاهه ـ 1991 ۾ چٽي ريت ڄاڻايل آهي؟ جنهن جي نتيجي ۾:
1. انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي وئي آهي ـ
2. ماحولياتي الميي جنم ورتو آهي ـ
3 ـ سمنڊ جي پاڻي خشڪيءَ تي چڙهي اچڻ سبب 27 لک ايڪڙ زرعي زمين خراب ٿي وئي آهي ـ
4ـ ڪوٽڙي ۽ سنڌي سمنڊ يعني عربي سمنڊ جي وچ واري علائقي ۾ رهندڙ 26 انسان (سنڌي) اڃ ۽ بک سبب مري رهيا آهن ـ
5. انڊس ڊيلٽا مان وڏي پيماني تي مائيگريشن (لڏ پلاڻ) ٿي آهي ـ
مون کيس اهو به لکيو آهي ته جڏهن مان پنجاب جي زيادتين جو ذڪر ڪريان ٿو ته منهنجو مطلب پنجاب جا حڪمران ۽ پنجابي بيوروڪريٽ آهن ۽ نه ئي عام پنجابي ۽ اهڙي سمجھاڻي مون اڳ به ڏني آهي ـ
مون کيس اهو به لکيو آهي ته جڏهن چوڌري پرويز الاهي پنجاب اسيمبليءَ جو اسپيڪر هو (پنجاب جو وڏو وزير پوءِ بڻيو) ته هن ربوا کان چونڊيل هڪ ميمبر رائو عبدالرشيد کي پنجابي ٻوليءَ ۾ پنهنجي عهدي جو قسم کڻڻ ڪونه ڏنوهو ۽ اهو مان ئي هوس جنهن مختلف انگريزي اخبارون ۾ خط لکي، انهيءَ تي احتجاج ڪيوهو ـ مون تازو هڪ ڀيرو وري پوسٽنگ ڪئي آهي ته پنجابي ۽ ٻين پاڪستاني زبانن کي سندن حق ڏنو وڃي ـ
مون کيس اهو به لکيو آهي ته توهان جيڪا سنڌين خلاف اعتراض جوڳي ٻولي ڪتب آندي آهي، سان مان ڪتب ڪونه آڻيندس ڇاڪاڻ ته مون کي هڪ عام پنجابيءَ لاءِ عزت آهي ـ پنجاب جي حڪمرانن توڙي پنجابي بيوروڪريٽ خلاف لکڻ جو مقصد، عام پنجابيءَ خلاف لکڻ هرگز ناهي ۽ اهو ضروري نقطو نوٽ ڪندا ـ
سرائيڪين تي سنڌين طرفان پاڻيءَ جي مسئلي تي اعتراض نه ڪرڻ واري سندس موقف بابت مون کيس لکيو آهي ته مهرباني ڪري ٻڌايو ته پاڻي ٺاهه ـ 1991 ۾، بيان ڪرڻ جي باوجود، ڊائون اسٽريم ڪوٽڙيءَ ۾ ڪير پاڻي ڇڏڻ تي اعتراض ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ مٿي ڄاڻايل اهم مسئلا پيدا ٿيا آهن؟ پنجاب جا حڪمران يا سرائيڪي؟