مزاحيه غزل گڏهه جي سواري ختم ڪانه ٿي آ. تڏهن يار ياري ختم ڪا نه ٿي آ جيڪا ڪالهه بيگم پچائي هئي سا اها دال ساري ختم ڪانه ٿي آ هڻي چڪ مڇرن سڄائي وڌو آ اڃان رات ڪاري ختم ڪانه ٿي آ اوڙي پاڙي واريون گهڻيون ئي مُيون پر اڃان رن مون واري ختم ڪانه ٿي آ ختم گهر جا سارا ٽپڙ ٿي ويا هن مگر ناس ڪاري ختم ڪانه ٿي آ اسلم سومرو