گڏهه جي سواري.... اسلم. سومرو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ اسلم s
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

اسلم s

سينيئر رڪن
مزاحيه غزل

گڏهه جي سواري ختم ڪانه ٿي آ.
تڏهن يار ياري ختم ڪا نه ٿي آ

جيڪا ڪالهه بيگم پچائي هئي سا
اها دال ساري ختم ڪانه ٿي آ

هڻي چڪ مڇرن سڄائي وڌو آ
اڃان رات ڪاري ختم ڪانه ٿي آ

اوڙي پاڙي واريون گهڻيون ئي مُيون پر
اڃان رن مون واري ختم ڪانه ٿي آ

ختم گهر جا سارا ٽپڙ ٿي ويا هن
مگر ناس ڪاري ختم ڪانه ٿي آ
اسلم سومرو
 
Back
Top