عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
ڪراچي هڪ تمام وڏي آباديءَ وارو شهر هوندي ۽ ملڪ کي 60 سيڪڙو آمدني مهيا ڪندڙ هوندي به ڪنهن موثر ٽرانسپورٽ سسٽم لاءِ واجهائي رهيو آهي. لکين ماڻهو روزانو پنهنجي ملازمتن تعليمي ادارن ۽ ننڍن وڏن ڪاروبارن کي هلائڻ خاطر گھرن مان نڪرندا آهن ،جن ۾ تمام ٿورن کي عزت واري سواري دستياب هوندي آهي .بسون ناپيد ٿينديون ويون ،ڪوچون به ٽٽي ڦٽي ختم ٿيڻ لڳيون اهڙِي مشڪل وقت ۾ بجاءِ حڪومت کي ڪا سهولت مهيا ڪري ،برسات جي ڏيڏرين جيان چنگچي رڪشه آيا، جن هن شهر جي پبلڪ ترانسپورٽ جو بار پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي کنيو.ڏسندي ڏسندي شهر چنگچين سان ڀرجي ويو سواري آسانيءَ سان ملندڙ به هئي ته سستي به . اهي رڪشه هلائيندڙ گھڻا تڻا مها ٻوڏ جي نتيجي ۾ ايندڙ سنڌي نوجوان آهن ،جيڪي پنهنجي پيٽ گذر سان گڏ ڪراچي شهر جي خدمت به ڪري رهيا آهن.
سنڌ هائيڪورٽ هڪ نهايت ئي افسوسناڪ فيصلي تحت انهن رڪشن تي پابندي مڙهي انهن کي شهر مان فورن هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي جيڪو نه صرف هزارين چنگچي رڪشه هلائيندڙ نوجوانن کي بيروزگاريءَ جي عذاب ۾ ڌ ڪيندو بلڪه هن شهر جا مسافر عورتون ۽ ٻار به پريشانيءَ جو شڪار ٿيندا. ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته سنڌ هائيڪورٽ اهو فيصلو واپس وٺي يا ايستائين اها سهولت رهي جيسين انهن نوجوانن کي متبادل روزگار ملي ۽ حڪومت به شهرين کي ٽرانسپورٽ جي سهولت مهيا ڪري ڏئي؟