عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
شهيد دولهه دريا خان - جي ايم سيد
سومرن جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ بعد انهن جي آخري حاڪم همير کي سمن قتل ڪري ان جي جاءِ تي سندن سردار اُنڙ پٽ ڀنڀه کي ڄام جو لقب ڏئي سنڌ جي گهڻي ڀاڱي تي حاڪم مقرر ڪيو. جيئن ته سنڌ جي ٻنهي بهترين گهراڻن جي مستند تاريخ اڃان تائين لکي ڪانه وئي آهي، ان ڪري انهيءَ جي حڪومت جو مفصل احوال ميسر ٿي نه سگهيو آهي. پر چچنامه ۽ تحفته الڪرام وغيرا جي مخلتف روايتن جي بنا تي 1360ع کان پوءِ ان گهراڻي جي شروعات شمار ڪري سگهجي ٿي. جا 1520ع تائين هلي اٽڪل 120 ورهيه کن حڪومت ڪيائون . ان عرصي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انهيءَ قبيلي جي سردارن جو تسلط هو جي ننڍين رياستن وانگر اندروني طور آزاد هئا ليڪن سڀئي سلامي وڏي حاڪم ڄام جي ڀريندا هئا. اهو دور به سنڌ لاءِ امن امان، ترقي ۽ تمدن جو باعث رهيو آهي_ انهن جي دور حڪومت ۾ ڪيئي وڏا ڳوٺ ٻڏا، علم پکڙيو، هنر زور ورتو، قومي روايتون ۽ دستور به قائم رهيا. سنڌ جي غيرت، روايات،حب الوطني ۽ آزاديءَ هي حفاظت لاءِ سومرن پاڻ ملهايو ته سمن وري تهذيب ۽ تمدن کي زور وٺائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. هن قبيلي ڪيترائي نامور حاڪم پيدا ٿيا جن مان ڄام تماچيءَ جو خاص مشهور آهي. جنهن جي ڪينجهر جي مهاڻيءَ، نوريءَ سان رومانس جي قصي کي شاهه عبدالطيف نهايت عمده پيرايه ۾ بيان ڪري انهيءَ دور جي عمده تصوير ڪڍي آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ امن امان، آبادي ۽ هنر جي زور وٺڻ ڪري آسودگي اچي ويئي هئي. مدرسه کليل هئا. هي حاڪم عالمن، شاعرن ۽ راڳ جي مجلسون ٿينديون هيون. عمديون ٻيڙيون، ان جا رنگا رنگي سڙهه ۽ ساز و سامان مجلس جي رونق کي وڌائيندڙ هئا. ڪينجهر جو نظارو نهايت عمدو هو. شاهه صاحب ان لاءِ فرمائي ٿو ته: هيٺ جــر مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪـونر ٽڙن، ور ٿي واهوندن، ڪينجهر خستوري ٿئـي. ”شاهه“
اهڙي طرح هن گهمندي هن جي نوريءَ نالي عورت تي نظر پئجي ويئي_ هوءَ هٿين پيرين آرکيڻن هئي هن جي من “ گيرب ۽ گاءِ نه هو_ تنهن جي نيڻن راءِ کي ريجهائي ڇڏيو_ نيٺ سمي سڃاڻي ٻيڙو ٻانهن ۾ ٻڌي کڻي راڻين ۾ شامل ڪيس پوءِ ته ڄام مهاڻن تي مڙئي محصول معاف ڪري ڇڏيا ۽ اڪثر ڪينجهر جي ڪناري مجلسون ۽ محفلون ٿينديون رهنديون هيون. اٽي ماڙي ٺهرايائين سندن قبرون مڪلي ٽڪريءَ تي شيخ حماد جماليءَ جي مقبري هيٺان. ان کان پوءِ انهيءَ گهراڻي جو ٻيو مشهور حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو ڄام ڀنڀه ٿيو. هي 866هه مطابق 1462ع تي تخت تي ويٺو . سندس ڏينهن ۾ حڪومت اتر طرف وڌي بهاولپور تائين وڌي پکڙي الهندي طرف سبي تائين ته ساري موجوده سنڌ سنسدس قبضي ۾ هئي. هي پاڻ وڏو عالم هو، عالمن درويشن جي صحبت کي پسند ڪندو هو. نهايت اعلى منتظم، منصف مزاج ۽ سخي هو. هن جي حڪومت 48 سال هلي. ان وچ ۾ نهايت امن امان قائم ٿيڻ ڪري ملڪ ترقي ڪئي. هن اڳيون ساموئي يا سمانگر ڇڏي ان جي ٽن ميلن جي مفاصلي موجوده ٺٽي جو شهر نئين سر ٻڌايو. جنهن ٿوري وقت اندر مدرسن، واپار، ڪارخانن، عالمن وغيره ڪري نهايت زور ورتو. اهو سمن جي اوج جو دور هو. نواب دريا خان هن مصنف مزاج، منتظم ۽ مردم شناس حاڪم جو وزيراعظم. ان بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته اصل ۾ هن ڄام صاحب جي وزير لکمير وٽ نوڪر هو. سندس اصل نسل جو پورو پتو نٿو پوي. سندس اوائلي نالو قبوليو هو. هڪ دفعي ڄام نندو شڪار تي نڪتو ساڻس وزير لکمير به گڏ هو. رستي تي ڄام صاحب کي اڃ لڳي. ڄام صاحب جو نوڪر پري هو ان ڪري قبولي ڇوڪري کيس پاڻي آڻي ڏنو. ڄام صاحب ڏٺو ته ان ۾ ڪي ڪک پيل هئا. ان بابت ڄام صاحب سبب گهريو. هن جواب ۾ ٻڌايس ته قبلا جن کي سخت اڃ هئي يڪدم پاڻي پي وري سواري ڪن ها ته طبيعت تي خراب اثر پوي ها. ان ڪري ڪک وجهي ڏنم ته سائين جن آهستگيءَ سان پاڻي پين. سندس اهڙي عقل واري جواب کان ڄام صاحب متاثر ٿي کيس پاڻ وٽ نوڪر ڪري رکيو. جتي آهستگي ٿي ترقي ڪندو تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ بعد لياقت ۽ ايمانداريءَ ڪري پهرين وزير ۽ پوءِ وزيراعظم جي درجي تي پهچي نواب خان اعظم ۽ فرزند خاص جا لقب حاصل ڪيا.کيس فوجن جي سپهه سالاري به ملي. هاڻ نواب دريا خان عرف نواب مبارڪ خان جي نالي سان سڏجڻ لڳو. هي انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جي مڪاني بدامنين دور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان ڪري ساري صوبي جي حڪومت گهڻي وقت تائين نهايت امن امان ۽ خوش اصلوبيءَ سان هلڻ لڳي. انهن ڏينهن ۾ بابر بادشاهه سمرقند کان نڪري اچي ڪابل ۾ ديرو ڄمايو هو. شاهه بيگ ارغون ان جي خوف کان ٻئي ملڪ وسائڻ جي خيال کان سنڌ تي سندس ڀاءُ مرزا سلطان محمد جي هٿ هيٺ لشڪر چاڙهي موڪليو جن آگره، چانڊڪا، منديجا ۽ ماڇين جو ڪوٽ اچي ڦريا ۽ لٽيا. ان خبر پوڻ تي ڄام نندي وڏو لشڪر نواب دريا خان جي هٿ هيٺ ان جي مدافعت ڪرڻ لاءِ چاڙهي موڪليو. جنهن هلوڪر ڳوٺ وٽ پهرين جنگ ۾ ارغونن جي لشڪر کي شڪست ڏني. جنهن ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ سلطان محمد مارجي ويو. باقي سندس بچيل لشڪر قنڌار ڏانهن ڀڄي ويو. اها معمول