عبدالعزيز منڱريو
سينيئر رڪن
دوستو،
توهان سڀني کي ڄاڻ آهي ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي مان وڌ ۾ وڌ لاڀ پرائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ان کي پنهنجي ٻوليءَ لاءِ استعمال ڪجي. انهيءَ مقصد جي پيش نظر مون پوين ٽيويهن ورهين کان ڪوششون پئي ڪيون آهن ۽ ڌڻي جو شڪر آهي ته اڄ اسان دنيا جي هر اهم آپريٽنگ سسٽم ۾ سنڌي استعمال ڪري سگھون ٿا.
پر ان هوندي به، جيڪڏهن ڪو اهڙو شخص ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ چاهي جيڪو صرف سنڌي لکي ۽ پڙهي ٿو ڄاڻي، انگريزي مان واقف ڪونهي، ته ان لاءِ اڄ به اهو ممڪن ڪونهي ۽ ايئن اسان جي قوم جي اڪثريت لاءِ ڪمپيوٽر جو استعمال ان سببان ممڪن ڪونهي. اهو ڪم دراصل قوم جي تعليمي ۽ ٻوليءَ سان لاڳاپيل ادارن جو آهي ته هو عوام جي ٻولي ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي مهيا ڪن، پر جي انهن تي ڇڏيو ويو ته ويهه ورهيه ٻيا گذري ويندا ۽ معاملو شايد پوءِ به اتي جو اتي رهي. تنهنڪري مون سوچيو آهي ته اهو اسان مان اهي جيڪي انگريزي ٻولي جي ڄاڻ رکن ٿا ۽ ڪمپيوٽر جي بنيادي معلومات به اٿن سي پنهنجي مدد پاڻ جي آڌار ان ڪم کي هٿ ۾ کڻون.
جيئن ته ونڊوز ۽ ايپل ميڪنٽوش حالانڪ اهم ترين آپريٽنگ سسٽم آهن پر اهي ڪاروباري ادارن جا پروپرائٽري سسٽم آهن جن کي اهي پاڻ ئي سنڌي لاءِ تبديل ڪرڻ جا مجاز آهن. دنيا جو ٽيون اهم آپريٽنگ سسٽم آهي لنِڪس اُبنٽو جنهن کي مون تازو استعمال ڪري ڏٺو ۽ هر لحاظ کان سنڌي لاءِ موزون ڏٺم. اهم ڳالهه هي آهي ته اوپن سورس سسٽم هئڻ ڪري، ٻولي سان لاڳاپيل شخص پاڻ ان کي پنهنجي ٻولي لاءِ استعمال جوڳو بڻائي سگھن ٿا. مون انهي مقصد لاءِ هي پليٽفارم ٺاهيو آهي. اچو، هٿ ونڊايو ته جيئن پنهنجي قوم جي لاءِ ڪمپيوٽر جو مڪمل طرح سان سنڌي ۾ استعمال ممڪن بڻايون.
انهيءَ لاءِ ڪمپيوٽر جو ماهر هجڻ ضروري بالڪل ڪونهي. انگريزي ٻولي جي ڄاڻ هجي، اهو ڪافي آهي. جيڪي لفظ، محاورا يا جملا ڪمپيوٽر جي مخصوص محاورتي يا ٽيڪنيڪل ٻوليءِ سان واسطو رکندا هوندا انهن جي ترجمي لاءِ البته ڪمپيوٽر سان واسطي رکندڙ ۽ ٻوليءَ جي ماهر دوستن جي مدد درڪار هوندي. مان توهان سڀني کي درخواست ڪندس ته هن ڪم ۾ بهرو وٺي انهيءَ کي تڪميل تائين پهچايو. هي توهان جو پنهنجو ڪم آهي، پنهنجو ڪري هن کي هٿ ۾ کڻو. منهنجي حيثيت هن ۾ صرف ابتدا ڪرڻ واري جي آهي. سنڀالڻو توهان دوستن کي آهي، خصوصًا انهن کي جيڪي ڪمپيوٽر جي ڄاڻ رکن ٿا. هن ٽيم جي ميمبرشپ اوپن آهي. شامل ٿيو ۽ ميل لسٽ جي ذريعي باهم رابطي ۾ رهو.
فورم جي لنڪ
ميل لسٽ جي لنڪ
هن پروجيڪٽ ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي نوجوان دوست ۽ ڪمپيوٽر سائنس انجنيئر عبدالرحيم نظاماڻي آهي، جن پوين چند ڏينهن ۾ ئي انهيءَ سلسلي ۾ جوڳي ڪوشش ڪئي آهي. مان هن سنيهي سان گڏ پنهنجي لنڪس اُبنٽو سسٽم تي هلندڙ ڪمپيوٽر جي ڊيسڪ ٽاپ جو اميج به ڳنڍيو آهي، جنهن مان توهان سسٽم ۾ هيل تائين آندل چند تبديلين جو نتيجو سنڌي ۾ ڏينهن وغيره جي نالن، مينو يا فهرست ۾ سنڌي جي استعمال، اي ميل ۾ سنڌي ۽ سنڌي اخبار جي ويب سائيٽ جي صورت ۾ ڏسي سگھو ٿا. هي لِنِڪس سسٽم آساني سان ونڊوز سان گڏوگڏ به استعمال ڪري سگھجي ٿو، جيئن مان ڪيان پيو، ۽ ان لاءِ مون انسٽالر پنهنجي ويبسائيٽ تي رکي ڇڏيو آهي جتان اتاري، يعني ڊائونلوڊ ڪري سگھو ٿا.
نيازمند
عبدالماجد ڀرڳڙي