سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ عبدالعزيز منڱريو طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2010۔

  1. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    دوستو،

    توهان سڀني کي ڄاڻ آهي ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي مان وڌ ۾ وڌ لاڀ پرائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ان کي پنهنجي ٻوليءَ لاءِ استعمال ڪجي.‏ انهيءَ مقصد جي پيش نظر مون پوين ٽيويهن ورهين کان ڪوششون پئي ڪيون آهن ۽ ڌڻي جو شڪر آهي ته اڄ اسان دنيا جي هر اهم آپريٽنگ سسٽم ۾ سنڌي استعمال ڪري سگھون ٿا.

    پر ان هوندي به، جيڪڏهن ڪو اهڙو شخص ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ چاهي جيڪو صرف سنڌي لکي ۽ پڙهي ٿو ڄاڻي، انگريزي مان واقف ڪونهي، ته ان لاءِ اڄ به اهو ممڪن ڪونهي ۽ ايئن اسان جي قوم جي اڪثريت لاءِ ڪمپيوٽر جو استعمال ان سببان ممڪن ڪونهي. اهو ڪم دراصل قوم جي تعليمي ۽ ٻوليءَ سان لاڳاپيل ادارن جو آهي ته هو عوام جي ٻولي ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي مهيا ڪن، پر جي انهن تي ڇڏيو ويو ته ويهه ورهيه ٻيا گذري ويندا ۽ معاملو شايد پوءِ به اتي جو اتي رهي. تنهنڪري مون سوچيو آهي ته اهو اسان مان اهي جيڪي انگريزي ٻولي جي ڄاڻ رکن ٿا ۽ ڪمپيوٽر جي بنيادي معلومات به اٿن سي پنهنجي مدد پاڻ جي آڌار ان ڪم کي هٿ ۾ کڻون.

    جيئن ته ونڊوز ۽ ايپل ميڪنٽوش حالانڪ اهم ترين آپريٽنگ سسٽم آهن پر اهي ڪاروباري ادارن جا پروپرائٽري سسٽم آهن جن کي اهي پاڻ ئي سنڌي لاءِ تبديل ڪرڻ جا مجاز آهن. دنيا جو ٽيون اهم آپريٽنگ سسٽم آهي لنِڪس اُبنٽو جنهن کي مون تازو استعمال ڪري ڏٺو ۽ هر لحاظ کان سنڌي لاءِ موزون ڏٺم. اهم ڳالهه هي آهي ته اوپن سورس سسٽم هئڻ ڪري، ٻولي سان لاڳاپيل شخص پاڻ ان کي پنهنجي ٻولي لاءِ استعمال جوڳو بڻائي سگھن ٿا. مون انهي مقصد لاءِ هي پليٽفارم ٺاهيو آهي. اچو، هٿ ونڊايو ته جيئن پنهنجي قوم جي لاءِ ڪمپيوٽر جو مڪمل طرح سان سنڌي ۾ استعمال ممڪن بڻايون.

    انهيءَ لاءِ ڪمپيوٽر جو ماهر هجڻ ضروري بالڪل ڪونهي. انگريزي ٻولي جي ڄاڻ هجي، اهو ڪافي آهي. جيڪي لفظ، محاورا يا جملا ڪمپيوٽر جي مخصوص محاورتي يا ٽيڪنيڪل ٻوليءِ سان واسطو رکندا هوندا انهن جي ترجمي لاءِ البته ڪمپيوٽر سان واسطي رکندڙ ۽ ٻوليءَ جي ماهر دوستن جي مدد درڪار هوندي. مان توهان سڀني کي درخواست ڪندس ته هن ڪم ۾ بهرو وٺي انهيءَ کي تڪميل تائين پهچايو. هي توهان جو پنهنجو ڪم آهي، پنهنجو ڪري هن کي هٿ ۾ کڻو. منهنجي حيثيت هن ۾ صرف ابتدا ڪرڻ واري جي آهي. سنڀالڻو توهان دوستن کي آهي، خصوصًا انهن کي جيڪي ڪمپيوٽر جي ڄاڻ رکن ٿا. هن ٽيم جي ميمبرشپ اوپن آهي. شامل ٿيو ۽ ميل لسٽ جي ذريعي باهم رابطي ۾ رهو.‏


    فورم جي لنڪ


    ميل لسٽ جي لنڪ

    هن پروجيڪٽ ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي نوجوان دوست ۽ ڪمپيوٽر سائنس انجنيئر عبدالرحيم نظاماڻي آهي، جن پوين چند ڏينهن ۾ ئي انهيءَ سلسلي ۾ جوڳي ڪوشش ڪئي آهي. مان هن سنيهي سان گڏ پنهنجي لنڪس اُبنٽو سسٽم تي هلندڙ ڪمپيوٽر جي ڊيسڪ ٽاپ جو اميج به ڳنڍيو آهي، جنهن مان توهان سسٽم ۾ هيل تائين آندل چند تبديلين جو نتيجو سنڌي ۾ ڏينهن وغيره جي نالن، مينو يا فهرست ۾ سنڌي جي استعمال، اي ميل ۾ سنڌي ۽ سنڌي اخبار جي ويب سائيٽ جي صورت ۾ ڏسي سگھو ٿا. هي لِنِڪس سسٽم آساني سان ونڊوز سان گڏوگڏ به استعمال ڪري سگھجي ٿو، جيئن مان ڪيان پيو، ۽ ان لاءِ مون انسٽالر پنهنجي ويبسائيٽ تي رکي ڇڏيو آهي جتان اتاري، يعني ڊائونلوڊ ڪري سگھو ٿا.

    نيازمند

    عبدالماجد ڀرڳڙي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    سائين محترم عبدالماجد ڀرگڙي صاحب جن جون سنڌي ٻوليءَ لئه ڪيل خدمتون تا قيامت ياد ڪيون وينديون ۔۔۔ ۽ اسانکي پڪو يقين آهي ته هينئر به هو پنهنجيون سڀ خوبيون سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ۽ وڌيڪ سهڻي نموني پيش ڪرڻ لئه پتوڙيندو هوندو ۔۔۔

    جيتوڻيڪ، مٿي ڪيل ڳالهه اسان ڪمپيوٽر کان اڻواقف ماڻهن لئه سمجهڻ ڏکي آهي پر پوءِ به ڪجهه سوال آهن ته ڇا هيءَ هڪ اهڙِي سائيٽ هوند جيئن ياهو يا هاٽ ميل آهي؟ جنهن ۾ سڀ سهولتون هونديون، ميل ڪرڻ، چاٽ ڪرڻ، خبرون ۽ اهي سڀ فيچرس جيڪي انگريزي ٻولين جي سائيٽس ۾ هونديون آهن ۔۔۔؟
    يا وري مورڳو اهڙو سوفٽ ويئر جنهن سان پورو ڪمپيوٽر سنڌيءَ ۾ هوندو، جيئن اسين هاڻ ڪمپيوٽر کوليون ٿا ته هر قسم جي هدايت انگريزيءَ ۾ لکيل آهي ۽ ڪپميوڙ هدايتون به انگريزيءَ ۾ ڏئي ٿو، ڇا هن سوفٽ ويئر سان ڪمپيوٽر جون سڀ هدايتون سنڌيءَ ۾ ٿي وينديون؟

    مهرباني ڪري ٿورو وڌيڪ ٻڌائيندا ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ۔۔۔ لک ٿورا
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    ادا عبد العزيز سٺي ڪوشش آهي الله اهو ڏينهن ڪري جو سسٽم کي سنڌي ۾ ڏسي سگهون
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    سنڌي ٻولي لا۽ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جون ڪوششون تاريخ ۾ سنهري اکرن ۾ لکڻ جهڙيون آهن

    سدائين گڏ
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    ادا عبدالعزيز هي ڪم جيڪو توهان ڏسيو آهي تمام بهترين ڪم آهي۔۔ واقعي سنڌي آپريٽنگ سسٽم ٺاهڻ وقت جي اهم ضرورت آهي۔۔ هينئر توهان جي ڳالهه وانگر ماڻهن جي گهڻائي انگريزي کان اڻواقفيت جي ڪري ڪمپيوٽر کان پري آهي۔۔۔
    سائين پهرين اهو ٻڌايو ته انهي ڪم جي نوعيت ڪهڙي آهي۔۔۔ ؟
    خالص پروگرامنگ جو ڪم آهي يا فقط ٽرانسليشن يا اڃان به ٻي ڪا شئي؟؟؟؟؟
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    ادا عبدالعزيز انهي ڳالهه جي آگاهي ڏيڻ لا لک قرب پر دوستن جي عرض مطابق مون غريب جو عرض ساڳيو آهي۔۔۔

    اسان جون دعائون سائين ڀرڳڙي صاحب سان گڏ آهن۔۔۔۔ جن پنهنجي ٻولي لا پتوڙيو آهي۔۔۔۔۔
     
  7. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    پيارا دوستو هي مشهور ابونٽو آپريٽنگ سسٽم آهي جيڪو اوپن سورس آهي ڏنل لنڪ کولي ميمبر ٿيو ۽ ڪم ۾ هٿ ونڊايو سموري معلومات اوهان کي مهيا ڪيئي ويئي آهي، وڌيڪ معلومات لا ڏنل لنڪ ۾ ايميل تي رابطو ڪريو، هي ڪو فورم يا ڪا سائيٽ ناهي هي هر هڪ سنڌي دوست جي لا هڪ غنيمت آهي جو کيس سنڌي آپريٽنگ سسٽم جي ڪم کي پوري ڪرڻ لا هي موقعو مليو آهي ، اوهان به شامل ٿيو ۽ ڪجهه نه ڪجهه هٿ ونڊايو۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    ادا هن پروجيڪٽ ۾ ڪهڙين فيلڊن وارا دوست هٿ ونڊائي سگهن ٿا؟
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    سائين عبدالعزيز ۔۔۔ مون وٽ هيٺيون لنڪ سرور ناٽ فائونڊ جو ايرر ٿو ڏئي ۔۔۔۔ مٿيون لنڪ پراسيس ڏيکاري لوڊ نه ٿو ٿئي۔۔؟ براءِ مهرباني لنڪن کي وري چيڪ ڪريو
     
  10. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    مست ڀا فورم جي لنڪ 200 پرسنٽ درست پئي ڪم ڪري، اوهان وٽ ڪا پرابلم هوندي ورائي چيڪ ڪريو۔ باقي اي ميل ۽ معلومات انهي گروپ تي ملندي،،
     
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,921
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    سائين توهان جي ڪوشش‌ ساراه جوڳي آهي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن جا سڀ سنڌي احسان مند آهيون اسان حال آهر هر مدد ڪرڻ لاء تيار آهيون ڇو ته ھي قوم جي ڀلي لاء ڪم آهي ڪنهن هڪ فرد جو ذاتي ڪم نه آهي ۔
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    ادا عبد العزيز مان پهريون به اوهان کان پڇيو پر جواب نه مليو وري پڇان ٿو
    ادا هن پروجيڪٽ ۾ ڪهڙين فيلڊن وارا دوست هٿ ونڊائي سگهن ٿا؟
     
  13. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    ڀا طاهر سنڌي هن ڪم لا ڪجهه خاص فيلڊ گهربل ناهن بس اهڙا دوست جيڪي ڪمپيوٽر سان ٿورو لٽريٽ هجن ۽ سنڌي انگلش ٽرانسليشن ڪري ونڃن انهن لا هي ڪم آسان آهي،
    اهو سمورو ڪجهه شايد پوسٽ ۾ لکيل آهي۔
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    دوستو! ادي مڱريي صاحب جي هدايت تي مون ان سائيٽ تي وڃي رڪنيت حاصل ڪئي آهي ۔۔۔ ڪوشش ڪري ان ابونٽو آپريٽنگ سسٽم کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب جي موڪليل اي ميل جي مدد سان ان لنڪ تي پهتس جت اسانکي ڪمپيوٽر/ سسٽم سان لاڳاپيل ڪجهه جملا لفظ مليا جن کي ترجمو ڪري محفوظ ڪرڻو آهي ۽ جيئن ته تمام گهڻا جملا ۽ لفظ آهن، انڪري ان ڪار خئير جي ڪم ۾ تمام پڙهيل لکيل سنڌين کي شامل ٿيڻو پوندو ته جيئن اهو ڀنڊار لفظن ۽ جملن جو مڪمل ٿي سگهي ۔۔۔

    جيتري حد تائين مونکي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته اهڙا سنڌي دوست جيڪي ڪمپيوٽر جي به ڄاڻ رکندڙ هجن ۽ سنڌي ٻولي جا به ماهر هجن ته جيئن انگريزي ۽ ڪمپيوٽر سسٽم سان لاڳاپيل لفظن جي صحيح ۽ تڇ معني ٿي سگهي ۔۔۔
    مثال هڪ جملو هو ته؛
    install this system in your hard disk
    هاڻ انجي سنڌي ڪرڻي هئي ۔۔۔
    سولي سنڌي ۾ ۽ عام طريقي سان ته ترجمو ٿيندو ۔۔۔پنهنجي هارڊ ڊسڪ ۾ هن نظام کي اتاريو،

    پر سوال اهو آهي ته ڇا هارڊ ڊسڪ سنڌي لفظ آهي؟ جواب آهي “نه” جي انجي سنڌي ڪجي ته ڪيئن ڪجي؟
    هاڻ ان جا تي جنهنکي اها خبر هجي ته ڪمپيوٽر ۾ هارڊ ڊسڪ آهي ڇا ؟ ۽ کيس سنڌي ٻولي جي پڪي ڄاڻ هجي ته ان لفظ کي به ڦيرائي سنڌي ڪجي۔

    سو اهڙا دوست جيڪي، ڪمپيوٽر جي ڄاڻ رکنٿا سي سنڌي ڊڪشنري کڻي ويهن يا وري تخليقي صلاحيتون استعمال ڪندي اهڙا لفظ ايجاد ڪن يا پراڻن سنڌي پراڪرتي لفظن کان مدد وٺي ترجمو ڪن ته انشاء الله ڪم آسان ٿيندو ويندو ۔۔۔ دوستن کي گذارش آهي ته هو ان سائيٽ تي وڃن ۽ سائين ڀرڳڙي صاحب جا ٻانهن ٻيلي ٿي سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار حسب توفيق ادا ڪن۔

    وڌيڪ ادو مڱريو منهنجي هن ليک تي تبصرو ڪري ٻڌائيندو ته ڇا مون صحيح چيو آهي۔
    دعائن ۾ گڏ
     
  15. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي


    سائين نثار خوش رهو آئون جلد هن متعلق هڪ عدد وڊيو جوڙي اپلوڊ ڪندس جيئن دوستن کي هي ڪم ڪرڻ لا آساني ٿئي۔۔
    باقي توهان واري ڳاله درست آهي پر اسان جيڪڏنهن ڪجهه ڪوشش ڪريون ته سنڌي ٻولي وسيع آهي هر هڪ لفظ جي معني ملي وندي جيئن هيٺيئين مسيج ۾ اسان جي دوست ڪجهه هن ريت لکيو آهي۔۔
    +++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++

    السلام عليڪم


    پيارا سنڌي دوستو، اُبنٽو کي سنڌيڪاريندي مون هيٺيون عام استعمال ٿيندڙ اصطلاحون هڪ هنڌ جمع ڪيون آهن، ۽ گڏ انهن جو ترجمو پڻ ڏئي رهيو آهيان. اهي ترجما منهنجي ناقص ذهن مطابق آهن، ان ڪري آئون چاهيندس ته سڀئي دوست ان سلسلي ۾ پنهنجا رايا ڏين ته جيئن انهن کي وڌيڪ بهتر بنائي سگهجي. هي الفاظ مون تڪڙ ۾ ترجمو ڪيا آهن، ۽ سمجهان ٿو ته شايد ان لسٽ مان ڪافي لفظ صحيح ترجمو نه ٿيا هوندا. تنهنڪري اوهان دوست هن لسٽ کي بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجا ترجما موڪليو ته جيئن ان کي فائنل ڪري سگهجي. انشاء الله ڪجھ وقت ۾ هن گروپ لاءِ هڪ ويبسائٽ يا فورم تيار ڪيو ويندو جنهن تي اهي الفاظ توڙي ٻيا الفاظ سانڍيا ويندا.

    Application/Applications = پروگرام
    Command = ڪمانڊ يا حڪم
    Computer = ڪمپيوٽر
    Copy = اُتاريو
    Cursor/Pointer = ?
    Custom (as in custom format)
    Cut = کڻو
    Default = ڊيفالٽ
    Desktop = ڊيسڪٽاپ
    Disabled = غير فعال
    Document = ?
    Edit = سنواريو يا سنوار
    Email = ايميل
    Enabled = فعال
    File = فائل
    Format = ?
    Hardware = هارڊويئر
    Icon = نشان
    Internet = انٽرنيٽ
    Keyboard = ?
    List = لسٽ
    Mail = ايميل
    Mouse = ?
    Option = ?
    Options = ?
    Panel = ? (پٽو يا چائنٺ)
    Paste = لاهيو
    Path = واٽ
    Preferences = ترجيحون
    Program/Programs = پروگرام
    Save = سانڍيو
    Save As = هينئن سانڍيو
    Select = چونڊيو (as in selecting text)
    Select = چونڊيو(as in selecting an option)
    Session = سيشن
    Settings = ترتيبون
    Software = سافٽويئر
    Text = ?
    Tools = اوزار
    User = ?
    Version = ورشن
    Web/www = ڄار
    Login = داخل ٿيو
    Logout = خارج ٿيو


    عبدالرحيم نظاماڻي
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    ادا سٺي ڪوشش آهي الله ڪاميابي ڏيندو
    جاري رکو
     
  17. حبيب ساجد

    حبيب ساجد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    271
    ڌنڌو:
    انچارج گارڊ پاڪستان ريلويز، روهڙي
    ماڳ:
    اڄ ڪلهه گارڊس ڪالوني روهڙيءَ ۾
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    اسان لا اها ڳالهه وڏي فخرجهڙي آهي ته سنڌسلامت ۾ پنهنجي پنهنجي فيلڊ جا ماهر ماڻهو موجودآهن جن پنهنجي پنهنجي حوالي سان وڏو ڪشٽ ڪمايو آهي ۔۔ شائين ماجد کان وٺي عزيز منگريو، اڪبر لاکو، رشيد سائين ، آفتاب سائين ۽ ٻيا کوڙ ساترا نالا آهن جيڪي پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪوششون وٺن پيا۔ اسان جو اهو نئون پراجيڪٽ جنهن تي اڄ ڪلهه زور شور سان ڪم هلي پيو ته دنيا جي ٻين عظيم ٻولين وانگيان اسان جو سنڌي ۾‌به پنهنجو آپريٽنگ سسٽم هجڻ کپي۔ دعا آهي ته جيئن جيئن محنتي دوست سرڪاري مدد وٺڻ کان سوا ئي پنهنجو پنهجو ڪم محنت ۽ شوق سان ڪن، تيئن تيئن اسان سڀن کي به انهن جي اخلاقي همٿ افزائي ڪرڻ کان نه ڪيبائڻ کپي۔
     
  18. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,921
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    سائين ڪي لفظ اهڙا آهن جن کان ڪمپيوٽر متعلق ٿورڙي ڄاڻ‌ رکڻ وارا به متعارف آهن منهنجي خيال ۾ انهن کي ساڳين لفظن ۾ رهڻ ڏجي فقط سنڌي اچار سان انهن کي لکجي وڌيڪ وري به جيڪا سنگت جي راء هارڊ ڊسڪ هڪ عام لفظ بنجي چڪو آهي يا انسٽال ڪريو ڪاپي پيسٽ وغيره معروف لفظ آهن اتاريو وغيره غير معروف لفظ ٿيندا وڌيڪ سنگت جي راء جو انتظار رهندو۔
     
  19. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    ادا صرف تعريف سان ڪم ناهي هلندو، هن ڪم جو حصوبڻجي اڳتي وڌو۔
     
  20. sajjad224

    sajjad224
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران سنڌي آپرٽنگ سسٽم جو آغاز توهان جي شرڪت گهربل آهي

    اها ًگالهه ته تمام مزو ڏيندڙ آهي۔۔۔۔ واهه!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو