ان کان علاوه سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد جي نبي بخش هال ۾سنڌ فرينڊز آرگنائزيشن حيدرآبادپاران ڪامريڊ تاج محمد ابڙو 91 هين سالگره پڻ مانائتي ۽ شانائتي انداز سان ملهائي وئي جنهن جي صدارت سنڌ جي ڏاهي سائين قلندر شاهه لڪياري ڪئي ، جڏهن ته مهمان خاص سنڌي لينگويج اٿارٽي جو چيئرمين محترم سرفراز راڄڙ هو اعزازي مهمانن ۾ نوراحمد جهنجهي ، شفيع محمد چانڊيو، رفيق عيساڻي ، محترمه زاهده تاج ابڙو ، شاهده پروين ابڙو ۽ مير نادر علي تاج ابڙو هو هن سالگره جي تقريب ۾ شاعرن اديبن ليکڪن فنڪارن ۽ سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل به ٿي.