مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري

abdullah jarwar

سينيئر رڪن
دل ۽ دلبر

شاعر : مولوي حاجي احمد ملاح

دل به وئي دلبر به ويو. آئون ڪيئن سهان اهي سور ٻئي.
خواه ميڙين. خواه مارين. مون ڪيون منظور ٻئي.

خاص خدمت ۾ رهيو ٿي. چنڊ چوڏهين . ماه. سج.
در تي دربانيون ڏٺم پلپل .پري ۽ حور ٻئي.

اڄ سڄڻ سرمون وجهي . سهسين ڪيا سينگار هار.
گرز. گز . گهائين ڀلين. گهوڙا ! نه مٽ هڪ گهور ٻئي.

پيچ پائي منجه پسه . قابو وڌم ڪاڪل قريب.
من مڙهيم محبوب سان. جيئن مينهن ڪنڍي جا پور ٻئي.

پهلوانن جون پتيون . لاهيو لڙائي ۾ وجهن.
جنگ ۾ جاڙا ڀرون. ڀالا هڻن ڀرپور ٻئي

پنبڻيون ڪنهن پر نه پوريون. ڳاله هڪ هر گز هلن.
دم ڇڪينم. دل تڪينم. دم ڌڪينم. دور ٻئي.

جان جليم جوش ۾. جلوو پسي جانب جمال.
جوت جاڳي ات. جتي گڏجن تجلي طور ٻئي.

عشق “احمد“ ساري . نت رواڙيم رت ڦڙا.
محب ۽ محبت گڏيم . ميثاق کان مغرور ٻئي.
 
دل به وئي دلبر به ويو. آئون ڪيئن سهان اهي سور ٻئي.

واقعي ئي اهي وڏا سور آهن
 
Back
Top