سنڌي ماڻهن جي نمائندگي ءَ جي دعويٰ ڪندڙ گهڻي ڀاڱي سنڌي جوڌا پنهنجي ڪنهن ٻئي نظرئي جي سنڌي ماڻهونءَ جي غلطين تي ته ڪر کڻي ڀيٽا هوندا آهن ، زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو بڻائي بهندا آهن پر قومي اشوز تي ۽ غير سنڌين طرفان هيٺئين اهم اشوءَ تي بحث، لکڻ ۽ ڳالهائڻ يا شدت اختيار ڪرڻ کان لوائيندا ٿا اچن. ڇو؟ خدارا هاڻ ته اشوز جي سياست ڪريو ، نه ڪه ذاتي شخصيت پسندي نا پسنديءَ جي بنا تي قوم کي گهسيٽيو. هي پنهنجا ذاتي ، گهرولي ۽ نظريايتي مخالف مسئلن لاءِ پوءِ جرڳو ڪري حل ڪري وٺنداسون. قومي اشوز تي توجه ڏيو يا شق ڏيارڻ ٿا چاهيو ته توهان به ڪنهن جي مشن جي تڪميل ۾ آهيو؟ انتهائي حيرت ۽ ٻُڏڻ جو مقام آهي اُنهن اهڙن سنڌ جي ڏاهن ،تجزيا ڪارن ، سياسي ليڊرن ۽ جرنلسٽس لاءِ جيڪي سنڌ جي ڪيس اڳيان رُڪاوٽ بڻجندا نه پيا ڏسجن جڏنهن متعصب ٽيليويزن جا اينڪر ۽ جرنلسٽ، تجزيا نگار ، مُسلسل ،(مُتحده قومي موومينٽ) يا (مُهاجر قومي موومينٽ) پاران اڙدو ميڊيا تي ، پاڻ کي (اڙدو ڳالهائيندڙن) جي پارٽي سڏرائين ٿا ۽ ڪراچيءَ جو پورو شهر (اڙدو ڳالهايندڙن) جو شهر ڪليم ڪرڻ جي جستجو ۾ آهن ۽ چون ٿا ته ايم.ڪيو.ايم (اڙدو ڳالهائيندڙن) جي پارٽي ۽ نمائنده آهي ۽ ڪراچي ۽ سنڌ جا ٻيا شهر به (اڙدو ڳالهائيندڙن) جي اڪثريت سان سمجهن ٿا. جنهن مان لڳي ٿو ته اسان جا اهي ڏاها اڃا به ڪراچي شهر جي تواريخ کان ناواقف آهن ۽ ڳوٺاڻي ذهنيت ۽ لاڙو رکن ٿا.
سائين مُنهنجا ! ڇا اها حقيقت ناهي ته ڪراچي شهر جا اصل رهواسي ۽ باشندا 1947 کان اڳ به سنڌي ٻولي، بلوچي ٻولي، ڪڇي ٻولي ، گُجراتي ٻولي ،ميمڻي ٻولي، مارواڙي ۽ انگريزي ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ عيساين ۽ هندي ڳالهائيندڙ هندن تي مشتمل نه هُئي؟. ڇا اها به حقيقت ناهي ته ڪراچي شهر ۾ اڪثريت اڙدو ڳالهائيندڙن جي بجاءِ (ميمڻي ۽ گُجراتي، ڪڇي ٻولي ڳالهائيندڙن جي آهي) ته پوءِ ڪراچي شهر رُڳو (اڙدو ڳالهائيندڙن) جو ڇو ٿو ڪليم ڪيو وڃي ،جڏنهن ته ڪراچيءَ ۾ اڙدو ڳالهائندڙن جو تعداد محض 20 سيڪڙو آهي. باقي 80 سيڪڙو اڙدو ڳالهائيندڙن مان 40 سيڪڙو سنڌ جي ٻهراڙين ۾، 10 سيڪڙو مُلتان شهر ۾ ۽ ٻين صوبن جي شهر ۾ رهي ٿو ۽ اهي سڀ (ايم.ڪيو.ايم) ۾ ناهن. انهن جي اڪثريت جماعت اسلامي، پيپلز پارٽي سان گڏ ٻين سياسي پارٽين ۾ به آهي.
اهي مُهجار نه هُئا نه آهن ۽ نئي اڙدو ٻولي ڳالهائيندڙ. اهي )ميمڻ، ڪچي، اسماعيلي، بوهري ۽ اهڙيون ٻيون ذاتيون( جيڪي )ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر وغيره ) ۾ رهنديون اچن ۽ اُهي به 1947 کان اڳ سنڌ جي شهري قوتون هُيون جيئن توهان ۽ اسان آهيون، يعني (سنڌي)جنهنکي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻو هو ۽ آزاد ڇڏڻو نه هو، جنهن جي ماءُ ٻوليءَ جي ميچنگ به سنڌي ٻوليءَ سان آهي نه ڪه اڙدو ٻوليءَ سان پر اسانجي ڪن سنڌي ڏاهن، قوم پرستن يا سياستدانن ائين نه ڪيو ۽ انهن )شهري سنڌين( کي پانهنجي قومي يا سياسي پارٽيءَ ۾ جاءِ ڏيڻ بجاءِ اڪيلو ڇڏي ڏنو.جيڪي پوءِ مُٽهده جو حصو بڻجي ويا ۽ سندن فنانشيلي سهولتگار به، نه ته ڪاروباري شخصيتن جي )واڻين جو هندستان لڏڻ کان پوءِ اهو سندن ناڻو ۽ بزنيس سنڌ ۽ سنڌ جي بيروزگارن لاءِ استعمال ٿئي ها، ۽ سنڌي ماڻهون سندن پرائيويٽ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪري خوشحال ٿئي ها پر ائين نه ٿي سگهيو يا نه ڪرڻ ڏنو ويو. 7000 بي. سي کان سنڌ هڪ واپار جو مرڪز رهي آهي جنهنجو سبب هو ته مختلف قوم جو سنڌ ۾ لڏ پلاڻ ٿيو، ظاهر ٿيو ته واپاري ماڻهون ئي سنڌ جي خوشحاليءَ جو سبب بڻجن ٿا. وڏيرن ، جاگيردارن، رئيسن، پيرن، ميرن، شاهن ۽ ڀوتارن جي پاليل ڌاڙيلن جي وساطت سان سنڌ جي ٻئي هنودو و مُسلم واپاري گروپن )واڻيا ۽ ميمڻ ، شيخ) کي به ڳوٺ ڇڏڻ تي ڦري لُٽي، ڏن وٺي، سندن گهرن، زمينن ۽ واپارن تي قبضو ڪرڻ لاٰءِ انهن ڀوتارن سنڌ ڳوٺ بدر ڪري ڇڏيو ۽ اهوئي سبب آهي ته ڳوٺن مان سيٺين جي غائب ٿي شهر هجرت ڪري وڃڻ جي ڪري هاڻ ڳوٺاڻو سنڌي ، صحت، تعليم، واپار، ڏيتي ليتي ۽ هر شيءِ کان محروم آهي ۽ وڌ مُفلس، لاچار، ڀوتارن جو غلام ، چرسي، موالي، اوتارن ۽ بزرگن جي مزارن جي گرد مقبرن ، خانگاهن ۽ قبرن مٿان مٿو ٽيڪي، ڀنگ، چرس ۽ سُلفيءَ ۾ سُتو پيو آهي ۽ مهنت ڪرڻ کان بچي، ڪوڙيون نوڪرين، ڪوڙين شناختي ڪارڊن، زميني ڪاغذن، ڊوميسائلن، ڪاپي ڪلچر، سفارشي ڪلچر، ڪم چوريءَ جهڙن براين ۾ جڪڙجي چڪوۡ آهي، جنهن مان کين آجو ڪرڻو اهي.
ها اهو سچ آهي ته ڪراچي شهر ۾ (ايم.ڪيو.ايم) جو ووٽ آهي جيڪي گهڻ ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن ۽ پاڻ کي به ان ڪري پناهگير (مُهاجر) چورائين ٿا ۽ (ايم.ڪيو.ايم) ۾ آهن جو انهن جا خاندان هندستان ۾ به رهن ٿا ۽ اُهي مُسلسل هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ رشتيداريءَ جي ڪري سفر ڪن ٿا ۽ جيئن (ايم.ڪيو.ايم) پاڻ کي پناهگيرن (مهاجرن) جي پارٽي چورائي ٿي ته ان حساب سان اُهي انهن به ووٽ بينڪ ضرور اهن پر اڙدو ڳالهائيندڙ هرگز نه. اهو تفاوت ڪڍڻ ۽ سمجهڻ گهرجي. ٻي ڳالهه ته اڙدو زبان به رُڳو مُهاجرن جي زبان ناهي ۽ هجرت ڪندڙ مُهاجرن جي ڳالهجندڙ زبان اڙدو نه پر رانگهڙي آهي. بنگلاديش ۽ برما مان آيل پناهگير (بهاري) گهرن ۾ هڪ ٻئي سان بنگالي ۽ ٻيون زبانو ڳالهائين ٿا اڙدو هرگز نه. ته پوءِ (ايم.ڪيو.ايم) کي ۽ ڪراچي شهر کي اڙدو ڳالهائيندڙن جي پارٽي يا شهر ڇو ٿو تسليم ڪيو وڃي. جي 1947 کان اڳ جا رهائش پذير( ميمڻ۽ گُجراتي ٻولي ڳالهائيندڙ) ماڻهون (ايم.ڪيو.ايم) مان نڪري وڃن ۽ پاڻ کي ڪراچي يا ٻين شهرن جا اصل باشندا ۽ رهواسي محسوس ڪن ته (ايم.ڪيو.ايم) ۾ محض 20 سيڪڙو لڏ پلاڻ وارا بچندا ۽ اُهي. جيڪي مشڪل ان 20 سيڪڙو بنگالي ڳالهائيندڙ، برمي ڳالهائيندڙ، رانگهڙي ڳالهائيندڙ ۽ اڙدو ڳالهائيندڙ هوندا. ته پوءِ ڇو نٿا اڙدو ميڊيا جي اها سنڌ خلاف هلندڙ مسلسل تشهير ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ اسانجا سنڌي ، اخبارن ۽ ٽي وي تجزيا نگار، جرنلسٽ، ڏاها ۽ قومي، سماجي، سياسي سوچ رکندڙ خاموش ڇو آهن ۽ اهڙي تشهير جو حصوپاڻ به ڇو پيا بڻجندا وڃن. ياد رهي (يم.ڪيو.ايم) جي واقعي ڪراچي شهر ۾ اڪثريت ۽ ووٽر آهي اهو مڃڻ مُراد آهي پر اهو پناهگير (مُهاجر) بيس تي آهي نه ڪه اڙدو ڳالهائيندڙ بيس تي . ۽ ڪراچي شهر ۾ ميمڻي ، ڪڇي ۽ گجراتي ٻولي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آهي. نه ڪه اڙدو ڳالهائيندڙن جي. پوءِ ڀلي انهن ۾ اهو تازو (هندستان، برما، تائيوان، سائوٿ افريڪا، بنگلا ديش) مان سمگل ڪري ڪراچيءَ جي پُڇڙين ۽ نالن، پارڪن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ وارن جو تعداد ڇو نه هُجي. هن وقت جي ڪراچيءَ جي 2.5 ڪروڙ آبادي آهي ته انهن ۾ اڙدو ۽ مٿيون بوليون ڳالهائيندڙ محض 0.5 ڪروڙ هوندا. 1.75 ڪروڙ باشندا ته ميمڻي، ڪڇي ۽ گُجراتي ڳالهائيندڙ هن ٿا، باقي 0.25 ڪروڙ سنڌي، بلوچي، پنجابي، پٺاڻ ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائندڙ.
Is it not surprise MQM is claiming Karachi city consist on 85% URDU speaking people's and Sindhi Leaders, legends and other communities of Karachi (residential Earlier 1947) are still silent to challenge the fake statistics of MQM and not responding properly? while all knowing that majority of Gujrati speaking (Agha Khan Community & Bhohri Community) and Memoni speaking peoples & KACHI speaking are living in Karachi, with Sindhi speaking, Balochi speaking, Brahvi speaking, Marwari's , English speaking (Christians), Bangali speaking, Punjabi speaking (Christians), Hindi speaking (Hindouse), Old setllers Muslim Punjabi speaking & Pushto speaking, and more other communities and all are Son of Soil of Karachi, Earlier 1947 and today their population is apx 2 karores out of 2.5 karor Karachi populations. Those Claiming URDU SPEAKING also had different mother tongue rather Urdu, Like RANGHARS, TAILLIES etc and migrated to SINDH in Majority after 1954 their. The total population of such multi-language Indians migrate to Sindh is hardly 01 Karore and all are not only Settled in Karachi City of which 60% emigrates are living in Sindh Rural areas & 40% in Sindhi Cities, Majority in Karachi and Hyderabad only. along with Bengali, Bihari, Burmi, speaking rather URDU SPEAKING. Now since the total population of Karachi is 2.5 karore and lessor numbers of urdu speaking are living in remote areas and Majority Gujrati, Kachi & Memoni speaking in Central Karachi and old citizens and they had their own mother tongue rather URDU, if are minuses, hardly 20% URDU Speaking Claimers, and all or distributed in other parties like Jamait Islami, PPP, Noorani guroup suni rather only in MQM. Yes no doubt MQM is majority a voter party of Karachi & Hyderabad Sindh cities today but only due to induction of 70% populations of Memons and Gujrati, Marwari and they all are not URDU speaking communities. As we said one Karoor URDU speaking were migrated to Pakistan & 90% settled in Sindh, whereas 10% in Multan, other Punjab cities and most are not only MQM Voters but hardly 50% of them. and rest 50% are voters of other political and relegious parties. So when MQM claim to be URDU speaking party is not true because MQM holds 50%Memons, 20% Gujrari/marvari speakings. hence proved that MQM is not representatives of URDU SPEAKING in Karachi or Pakistan. The Memoni, Gujrati and Marwari speaking supports MQM because their relatives also belongs to India and they frequently move from India to Pakistan. So MQM could claim Majority of MUHAJIR (Pannahgeer) of various mother tongue speaking but not a URDU Speaking Party. All the Journalists, Anchors, analysts of Karachi are giving mis information and against the ground realities of Sindh to other Provinces anchors and journalists who are transmitting it word to word rather analyses or study self. It is now responsibility and liability of SINDH SON OF SOIL Sindhi Leaders and Sindhi Media Journalists & TV anchors especially to give heavy sound and thrust on their channels rather to accept every fake in this connection. Still their silence is beyond understanding indicates they are just expanders of narrations rather student of research, analysis, history, study to probe, if not equally responsible of propaganda being seen regularly carried on URDU TV CHANNELS & NEWS PAPERS against Sindh & Sindhi peoples.