• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ابراهيم جويو صاحب جي سئو ساله سالگرهه : ڏاهپ ۽ شعور جي هڪ صدي جو سفر

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڏاهپ ۽ شعور جي هڪ صدي جو سفر مڪمل ڪرڻ سچ ته هڪ خواب مثل آهي. پر سنڌ جي هن ڏاهي شخص سائين محمد ابراهيم جويو صاحب ڪالهه آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ جڏهن پنهنجي عمر جي هڪ صدي مڪمل ڪرڻ وٽ ڪيڪ ڪاٽيو ته سنڌ مرڪي پئي هئي.
هڪ شخص، هڪ ادارو، ڪيئي ڪتاب، سياسي ڏاهو ۽ ڪارڪن، اديب ۽ تنقيد نگار، مترجم ۽ محقق، استاد ۽ تعليمدان ... بس تاڙيون وڄنديون رهيون، ڪيڪ ڪٽبو رهيو ۽ مان هن شخص بابت سوچن جي سنسار ۾ رهيس .... واٽ اي جرني، هڪ صدي جو سفر ...... ويري هيپي برٿ ڊي سر جويو صاحب.


t1MqSY.jpg

miAXc8J.jpg


عوامي آواز جي رپورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌي ادب کي هڪ صدي ارپيندڙ عظيم ڏاهي ابراهيم جويي کي ساڃاهه وندن سنڌ جو انمول رتن قرار ڏيندي چيو آهي ته ابراهيم جويي جي زندگي سنڌي نوجوانن لاءِ اتساهه آهي ۽ ان جي سنڌ لاءِ محبت ڪنهن کان به لِڪل ناهي.اهڙن خيالن جو اظهار هنن گذريل ڏينهن ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ اديب ۽ ڏاهي ابراهيم جويي کي زندگي جون سئو بهارون مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، جيڪا ڪراچي آرٽس ڪائونسل طرفان ڪوٺائي وئي هئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي اديب ۽ ڏاهي ابراهيم جويي چيوته اڄ خوشي جو موقعو آهي جو سندس 6ڪتابن جو مهورت ڪيو ويو آهي، ان لاءِ سئو سالا جشن ڪميٽي ۽ ان سان سهڪار ڪندڙ ادارن جو ٿورائتو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته هن پنهنجو فرض هميشه دل سان پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندس. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي آرٽس ڪائونسل طرفان تقريب ڪوٺائڻ تي سندس ٿورائتو آهيان. تقريب جي صدارت ڪندڙ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي چيو ته ابراهيم جويي صدي جي شخصيت آهي ۽ هن ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ابراهيم جويو هڪ زنده ليجنڊ آهي ۽ ان جي زندگي سنڌ جي نوجوانن لاءِ اتساهه آهي.صوبائي وزير نثار احمد کهڙي چيو ته ابراهيم جويو سنڌ جو انمول رتن آهي ۽ ان جي سنڌ لاءِ محبت ڪنهن کان ڳجهي ناهي. صوبائي وزير سڪندر منڌري چيو ته ابراهيم جويو قدرت طرفان سنڌ لاءِ اماڻيل انمول سوغات آهي، ابرهيم جويي جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. اسان کي ان تي فخر آهي. سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر مظهر الحق صديقي چيو ته ابراهيم جويي جو پاڇو هميشه سنڌ واسين تي رهي، جنهن زندگي جي هر موڙ تي سنڌ لاءِ لکيو. مظهر جميل چيو ته ابراهيم جويي پنهنجي لکڻين ذريعي معاشري ۾ روشني پيدا ڪئي ۽ ان جا ڪتاب جيسيتائين موجود آهن انهن مان روشني وٺندا رهنداسين. پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته ابراهيم جويي جي دل ۽ دماغ ۾ سنڌ جي آس سمايل آهي ۽ هو ڪڏهن به مايوس نظر نه آيو. ابراهيم جويي جي ڏوهٽي محسن جويو چيو ته سندس زندگي جي هر موڙ تي ابراهيم جويو اتساهه ڏيندو رهيو.ابراهيم جويي جي پوٽي ۽ شيخ اياز جي ڏوهٽي بشريٰ جويو چيو ته ابراهيم جويي هميشه سنڌ جي خدمت ڪئي آهي، ان موقعي تي مسلم شميم، صحافي مجاهد شاهه، شبنم موتي، حميد ڀٽو، سگا جي اسماعيل پنهور، صحافي مصطفيٰ ملاح ۽ ٻين پاران ابراهيم جويي کي اجرڪ پارايا ويا. تقريب دوران محمد ابراهيم جويو سئو سالا جشن ڪميٽي پاران ابراهيم جويي جا ڪتاب ڇپرائڻ سميت ٻيو سهڪار ڪرڻ جي حوالي سان مختلف ادارن جي اڳواڻن کي ڀيٽا طور شيلڊون پيش ڪيون ويون جيڪي محمد ابراهيم جويي طرفان ڏنيون ويون.ان موقعي تي ابراهيم جويي جي ڪتابن، محمد ابراهيم جويو ذات و صفات“ محمد ابراهيم جويو سنڌ جو آواز، فڪر جي آزادي، ڏات ساري ڏيهه جي، وحشي جيوت جا نشان سميت 6ڪتابن جو مهورت ٿيو. ان موقعي تي هال ۾ ويٺل ماڻهن اٿي بيهي ابراهيم جويي کي تاڙيون وڃائي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي.
 
Back
Top