• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسڪرپٽ اُهو جيڪو توهانجي ذهنن ۾ تبديلي آڻي سگهي ۽ شعور به ڏي. ۽ ليکڪ اُهو؟

Sindhi Media

سينيئر رڪن
اسڪرپٽ اُهو جيڪو توهانجي ذهنن ۾ تبديلي آڻي سگهي ۽ شعور به ڏي. ۽ ليکڪ اُهو جيڪو معاشري جي نفسياتي ڪيفيتن جو مُشاهدو ڪري لکي ۽ سماج ۾ گهسجندڙ بُراين کي سمجهي، اُن تي لکي ان جو تدارڪ ڪري ، ڪنهن سُلجهاءَ يا راه لاءِ اُپاءَ ڏي . بي مقصد ، فضول، بي سبق لکتون يا اُهي جيڪي سماج ۾ بيحيائي، عشق، ٺرڪ ڦهلائين امن ۽ شرافت ڦهلائڻ جي بجاءِ ، جهڳڙو، شر و فساد ڦهلائيندڙ لکتون هُجن ۽ معاشري کي دڳ ڏيڻ بجاءِ ويتر کارين ته نه اُهي لکتون سڏبيون آهن ۽ نه ئي اُهي ليکڪ . جيڪي اهڙيون بي مقصد ۽ راهن کان هٽائيندڙ لکڻون لکي ليکڪ سڏرائيندا آهن يا اُهي ذهني مريض يا معاشري کان پنهنجي ڪنهن محرومين جو انتقام وٺندڙ سمجهبا آهن . اُهي ايترا ئي مجرم آهن جيترو فرعون هو. ته پنهنجي سوچون تبديل ڪريو، فضول ۽ بي مقصد لکتن کان پاڻ کي پري ڪريو ۽ نه ئي اهڙن لکت کي اهميت ڏيو پوءِ ڇو نه اُهي چسڪي ، عياشي ، ٺرڪ، عشق مشق، بي راه روي، جُڙتو بهادري يا فحاشيءَ جي آڌار تي پروان چڙهيل هُجن. ته سنڌ بچايو! سماج بچايو! سنڌ سلامت ته سڀ سلامت.
 
Back
Top