• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيسين نڙگهٽ ۽ نڙيءَ مان هي اُچار نه نڪرندا توهان سنڌي يا سنڌي قوم سڏرائڻ جو حق نٿا رکو

Sindhi Media

سينيئر رڪن
شهرن ۾ پڙهندڙ سنڌي فيمليين جا ٻار جيڪي انگريزي ۽ اڙدو ڳالهائڻ کي گهرن، آفيسن، توڙي ادارن ۾ ترجيح ڏيندا رهن ٿا ۽ هن اُچارن کان سواءِ سنڌي ڳالهائي رهيا آهن يا انهن جي زباننُ تان هي سنڌي اُچار ترڪي چُڪا آهن. اُهي غور و فڪر ڪن ته هو ۽ سندن ايندڙ نسل پاڻ کي سنڌي چوائڻ جي لائق نه هوندو جيسين سندن نڙگهٽ ۽ نڙيءَ مان هي اُچار نه نڪرندا. ڇو جو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم سڏرائڻ جو حق ۽ سمورو دارومدار انهن اُچارن تي ئي ٻڌل آهي. جي نٿا اُچاري سگهو ته پوءِ توهان سنڌي ڪيئن ۽ ڇو آهيو. سنڌي ۽ ٻين قومن ۾ تفاوت سُڃاڻو، ڪٿي به رهو پنهنجي گهر ۾ هڪ ٻئي سان سنڌي ڳالهايو ۽ هنن اُچارن جو خاص خيال رکو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سنڌي اُچار ڦسلجي چُڪا آهن
ڇا ڦسلجي سنڌي زبان جو لفظ آهي ؟ جي سنڌي زبان جو اهو لفظ ناهي ته توهانکي به سنڌي سڏائڻ جو حق ڪونهي ! ٻيو عرض ته مٿين اکرن ۾ ڍ به شامل ٿيندو ، معاف ڪندا منهنجي تنقيد براءِ اصلاح آهي ، توهان پنهنجي سڀني تحريرن جو جائزو وٺندئو ته ڪافي غير سنڌي لفظ اوهانکي نظرايندا ! موضوع موڪلڻ کان پهريان موضوع جو مشاهدو ڪجي پوءِ موڪلجي ته بهتر
 
Back
Top