• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌين ۾ سهپ جو گهٽ جذبو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
16 آگسٽ 2015 ڪاوش مخزن ۾ اسان جي هڪ پراڻي ساٿي صحافي دوست جو ڪالم پڙهيم جنهن ۾ لکيو هئائين ته : مونکي جنرل ضياءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ سرڪاري انگريزي اخبار پاڪستان ٽائيمز جي صحافيءَ جو حشر ياد آهي، جنهن فرنٽ پيج تي ضياءَ جي خلاف ڪچي گار ڇاپي هئي ـ
مون رڪارڊ کي درست ڪرڻ لاءِ انهيءَ صحافي دوست کي لکيو: فوٽوَ جو اهڙو ڪيپشن پاڪستان ٽائيمس ۾ نه پر هڪ ٻي انگريزي اخبار جي لاهور واري ايڊيشن ۾ ڇپيو هو جنهن جنرل ضياءَالحق جي فوٽو جي هيٺان جنرل ضيا کي گار ڇاپي هئي (جنرل ضياءَ کي سن آف بچ يعني ڪُتيءَ جو پٽ لکيو ويو هو) پر اهو دوست پاڻ توڙي رڪارڊ کي درست ڪرڻ بدران مون تي ڏمرجي پيو ۽ لکيائين؛ اوهان سدائين درست هوندا آهيو ۽ مان سدائين غلط جيتوڻيڪ مون کيس پهريون ڀيرو اهڙي غلطي ٻڌائي هئي ـ
هئڻ ته ائين کپي ها ته هو پنهنجي غلطي مڃي ها، رڪارڊ درست ڪرڻ لاءِ منهنجو ٿورو مڃي ها يا شڪ جي صورت ۾ ٻين دوستن کان پاڻ تصديق ڪرڻ جو چوي ها، جيئن مان پاڻ ڪندو آهيان ـ آخر سندس ڪنهن به مضمون تي آئيندي تبصرو نه ڪرڻ جو چئي، مشڪل سان جند ڇڏايم ـ
ان کان ٿورو وقت اڳ، هڪ دوست جي غيرمشهور سنڌي اخبار انٽرنيٽ تي ڏٺم جنهن جي هيڊنگ ۾ وڏي غلطي هئي، سو سندس ڌيان ان ڏانهن ڇڪايم ته اهو دوست به پنهنجي غلطي مڃڻ بدران هٿن مان نڪري ويو، جيتوڻيڪ مون انڪساريءَ سان ڳالهه ڪئي هئي ـ
هاڻ مان سوچيان ٿو ته آئيندي ڪنهن به دوست جي لکڻي تي تبصرو نه ڪجي ته بهتر، ڀلي غلط بياني پيو ڪري، ٻي حالت ۾ دوست ڪاوڙجي پون ٿاـ
بهرحال، مون کي ڪير به پنهنجي غلطي ٻڌائيندو آهي ته مان ان جو ٿورو مڃيندو آهيان ـ آخر انسان پنهنجن غلطين کان ئي سکندو آهي ـ اها ڳالهه مون آمريڪا، يورپ ۽ ڏُور اوڀر (فار ايسٽ) گمڻ دوران عام ڏٺي آهي پر اسان وٽ ته پاڻ کي درست ڪرڻ جي سهپ ته بنهه ڪانهي ـ اٽلندو. پراڻي دوستيءَ تان به هٿ ڌوئڻا پون ٿا ـ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اوهانجي موضوع تي مونکي حضرت علي ڪرم الله وجه جن جو هڪ قول ياد آيو آهي ته ، اوهانجو مخلص دوست اهو آهي جيڪو توهانجون خاميون توهانکي ٻڌائي ! ۽ جيڪو اوهانجون خاميون اوهانکان لڪائي اهو دوست نه پر خوشامدي آهي
 
سائين سيال صاحب، چون ٿا ته پاڻيءَ جي ڪناري تي هڪ همراه پاڻي ۾ ٻُڏندڙ وڇونءَ کي بچائي رهيو هو ۽ وڇون ان کي ڏنگ هڻي رهيو هو، ڏنگ جي ايذاءَ جي شدت کان همراه پنهنجي هٿ کي جهٽڪو پئي ڏنو ته وڇون وري پاڻي ۾ ڪريو پئي، واٽهڙو اهو لقاءُ ڏسندي ان همراه کي چيو ته ڇڏيس وڇون کي وڃي ٻڏي، خوامخواه پاڻ کي ڏنگرائين ٿو ان تي هن همراه وراڻيو، وڇونءَ جي فطرت آ ڏنگ هڻڻ ۽ منهنجي فطرت آ ڪنهن کي بچائڻ، سوفقير رمندا رهندا آهن ڪتا ڀونڪندا رهندا آهن، توهان پنهنجي فطرت تي هلو، ٻين جي ڪري پنهنجي چڱي عمل کي ڇو ٿا مٽايو؟.
 
ادا....ڪارائتي صلاح ڏيڻ جي مهرباني ـ
 
Back
Top