نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو! آءُ جڏهن سنڌ سلامت تي پهريون دفعو آيس، ته سنڌ سلامت هڪ ننڍڙي ڄاول ٻار جيئان هئي، موجود دوست نوان ۽ سنڌي لکڻ پڙهڻ ۾ تمام گهڻيون غلطيون ڪرڻ وارا هئا، سندن لکڻيون پڙهي، حيرت ٿي ته دوستن نئين اوطاق تي تمام سٺي ٺاهي آهي پر، موجود دوستن جي سنڌي لکڻ جو معيار تمام هيٺاهين وارو هو ... (ڪن پراڻن دوستن جو ته چوڻ هو ته اهڙي قسم جي دوستن جي موجودگي فورم ٻه مهينا به نه هلي سگهندو ... )
پر جڏهن هن اوطاق تي دعوت ڏئي گهرائڻ واري نثار ناز کي موجود ڏٺم، ادي رشيد سمي کي دوستن جي وچ ۾ پاڻ پتوڙيندي ڏٺم ته مونکا رهيو نه ٿيو ۽ سوچيم ته دوستن جو ساٿ ڏجي ۽ هن ڪچي پڪي فورم کي هڪ سگهارو فورم ٺاهڻ ۾ ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿجي ... بس پوءِ مون سائين نثار ناز ۽ ادي رشيد سمي جي ساٿ سان پوئتي ورائي نه ڏٺو ۽ ڪيترن ڪچائين ڦڪائين جي باوجود، پنهنجو پاڻکي اها آٿت ڏيندو رهيس ته سڄڻ دوست موجود آهن ته مونکي ڪهڙي فڪر ...
خئير ڳالهه کٽائڻي ته اڄڪلهه ، سنڌ سلامت جو سرپرست اعلا، دوستن جو دوست، دوستن جي خوشين ۾ خوش ۽ ڏکن ۾ دوستن کان وڌيڪ ڏکاري ٿيندڙ نثار ناز کي سنڌ سلامت جي اوطاق سان ڪجهه نالان ڏٺو آهي، سندس ڪجهه لکڻين مان ۽ سندس ڪجهه جوابن مان لڳي ٿو ته کيس ڪو ڏک رسيو آهي .... ڏک رسڻ جا ڪارڻ به آهن ۽ ڪيتري حد تائين نثار ناز جي ڪاوڙ بي سبب به ناهي ۽ اسانجي هن وفا شعار دوست، حساس دل رکندڙ دوست، پنهنجي دل جي ڳالهه ڪري اسانکي به ڏکارو ۽ فڪرمند ڪري وڌو آهي ...
آءُ سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين طرفان سائين محترم نثار ناز کي عرض ڪندس ته ٻيلي ڏاهو ٿي، وڏن واري نظر رک پنهنجن ننڍڙن ڀائرن سان ڪاوڙ ختم ڪر ۽ اهڙيون ڏک واريون ڳالهيون نه ڪر جو اسين سڀ همٿ هاري ويهون.
اوهان کان ته اسين اجتماعيت جا سبق سکندا آهيون، اوهان کان ئي ته اسين ٻڌيءَ جي برڪت جا دوهيڙا ٻڌاندا آهيون، اوهانکان ئي اسان همٿ ۽ مردانگي جا گيت ٻڌندا آهيون، اڄ وري اهان ئي فرديت جي ڳالهه ڪري، پنهنجن ئي لفظن کي ڌڪاريو ٿا، اڄ وري پنهنجن ئي لفظن کان منهن موڙي اسانکي سچ جي سنيهن تي ويساه ڪرڻ کان روڪيو ٿا ....
ائين ڪرڻ هرگز نه ڏينداسون، اسين به اوهان سان گڏ آهيون، پاڻکي اڪيلو نه سمجهو، جي اوهان ڪٿي ڏکارا ٿيا آهو ته اسانجي خاطر، اسان دوستن خاطر، اسان پوئلڳن خاطر، اسان ڀائرن خاطر ڪاوڙ ختم ڪري هن اڱڻ ۽ هن اوطاق کان منهن نه موڙيندا ... اسين سڀ سنڌ جي آجپي واري ويڙهه جا ساٿي آهيون، اسين اوهان واري ٻيڙيءَ ۾ سوار آهيون، ناکئو ئي وچ سمنڊ ۾ چپو اڇلائي ته مسافرن جو ڇا ٿيندو؟
آءُ سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين کي عرض ڪندس ته پنهنجي هن پرخلوص دوست کي ، پنهنجي سفر جي ساٿيءَ کي فردن فردن عرض ڪن ۽ کيس پنهنجي اوطاق تي، پنهنجن ڀائرن کان ڪاوڙ ختم ڪري، ۽ دل کي صاف ڪري، اڳ جيئان اسانجي رهنمائيءَ لئه موجود رهي ...
مونکي خبر آهي ته منهنجي ڪا غلطي ناهي، پر تنهن هوندي به آءُ انهن دوستن طرفان جن کان اوهانکي ڪو ڏک آهي ته آءُ معافي وٺان ٿو ۽ مونکي اميد آهي ته اوهانجي دل ايتري ڪشادي آهي جو اوهان معاف ڪرڻ به ڄاڻو ٿا ...
رب العالمين اسان سنڌين کي اجتماعي سوچ سان همڪنار ڪري ۽ پنهنجن مقصدن خاطر قربانين ڏيڻ جي توفيق عطا ڪري ... آمين