محمد خان سيال
سينيئر رڪن
ويهن سنڌي پورهيتن جو قاتل ڊاڪٽر الله نذر بلوچ هاڻ زندهه ناهي رهيوـ اهڙي خبر ميڊيا ڏني آهي ـ انگريزي اخبار دي نيشن جي 19 آگسٽ 2015 واري خبر موجب ڊاڪٽر الله نذر جيڪوبلوچستان لبريشن فرنٽ يعني بي ايل ايف جو سربراهه هو سو عيدالفطر واري ڏينهن تي آواران ۾ ٿيل آپريشن ۾ مارجي ويو ۽ سندس ساٿي، سندس لاش کڻي ويا. بهرحال، بي سي سي اردوءَ کي ڏنل انٽرويو جيڪو اڳ جو رڪارڊ ٿيل هوتنهن ۾ هن وڌيڪ سنڌي مزدورن کي قتل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ـ
ياد رهي ته ڊاڪتر الله نذر بلوچ 11 اپريل 2015 تي بلوچستان ۾ تربت ويجھو شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري 20 سنڌي پورهيتن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ بلوچي ڳالهائيندڙ سيڪيورٽي يعني ليوي جي سڀني اهلڪارن کي سر جيئدان ڏنو هو ڇاڪاڻ ته اهي سمورا بلوچي ڳالهائيندڙهئا جيتوڻيڪ سنڌي ۽ بلوچ سڀ هڪ پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ هئا ـ ڊاڪٽر الله نذر بلوچ ڪيترا ڀيرا سنڌي پورهيتن جي قتل جي ذميداري رضاڪاراڻي قبول ڪئي ۽ اهو بار بار چيائين ته هو بلوچستان ۾ ڪم ڪندڙ وڌيڪ سنڌي پورهيتن کي قتل ڪندو پر ساڳي وقت هن اهو ڪونه بڌايو ته جيڪي بلوچ مزدور، سنڌ ۾ مزدوري ڪرڻ لاءِ وڃن ٿا، سنڌي ان جو ڪهڙو حشر ڪن؟
ويهن بيگناهه سنڌي پورهيتن جي قتل تي ڪجھه سنڌي قومپرستن عجيب رويو اختيار ڪيو ـ هڪ سنڌي قومپرست تنظيم، پنهنجي ويب سائيٽ تي لکيو ته سنڌي پورهيتن کي قتل ڪري، ڊاڪٽر الله نذربلوچ انتظامي طور درست ڪيو آهي جڏهن ته جرمنيءَ ۾ رهندڙ پاڻمرادو جلاوطن سنڌي قومپرست جيڪو سوشل ميڊيا تي هُشيون ڏئي، سنڌي نوجوانن کي ڀڙڪائي شهيد ڪرائڻ ۾ وڏي دلچسپي رکندو آهي، تنهن ته عجيب رويو اختيار ڪيو. پهريان فيس بوڪ تي لکيائين ته اهي مزدور ايجنسين جا ماڻهو هئا، وري قلابازي کائي لکيائين ته اهي 20 سنڌي مزدور پنجاب جا ايجنٽ آهن ۽ اهڙي ريت هو پنهنجو موقف بدلائيندو رهيو پر ساڳي وقت، ڊاڪٽر الله نذر بلوچ سنڌين کي قتل جي رضاڪاراڻي ذميداري قبول ڪرڻ واري پنهنجي موقف تي قائم رهيو پرڪجهه سنڌي قومپرستن ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن، واري ڪار ڪري سنڌين جي بلوچ قاتل سان وفاداريون ڏيکاريندا رهيا ـ عيدالفطر کان اڳ، آواران ۾ ٿيل ٻئي ڀيريَ فوجي آپريشن ۾، سنڌي مزدورن جا قاتل يعني ڊاڪٽر الله نذر جو ڀاءَ ۽ ڀائٽيا مارجي ويا جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو سنڌي مزدورن جي قتل ۾ سڌي ريت شامل هئا ـ
حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته لنڊن ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي قومپرست تنظيم ورلڊ سنڌي ڪانگريس بار بار چوڻ جي باوجود 20 سنڌين جي قتل تي ڪوبه احتجاجي مظاهرو ڪونه ڪيو ۽ نه ئي ان کي ننديو پر سنڌي پورهيتن جي قاتلن جي آپريشن ۾ مرڻ تي، ڪانگريس جي سربراهه لکو لکاڻي جي سربراهيءَ ۾ جنيوا يعني سئٽزرلينڊ ۾ وڃي گڏيل قومن جي اداري جي اڳيان، بلوچ سردارن سان گڏ سنڌي مزدورن جي قاتلن جي مرڻ تي احتجاج ڪيائون...افسوس ...صد...افسوس ـ
http://nation.com.pk/national/19-Aug-2015/baloch-rebel-leader-allah-nazar-is-dead