”اٽل ارادي ۽ حوصلي وارو شخص استاد پنهل خان مستوئي“ زندگي هڪ مسافري آهي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ وحيد مستوئي طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2015۔

  1. وحيد مستوئي

    وحيد مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Moro, Sindh
    ”اٽل ارادي ۽ حوصلي وارو شخص استاد پنهل خان مستوئي“

    زندگي هڪ مسافري آهي

    ورسي جي مناسبت سان

    وحيد رزاق مستوئي

    سنڌ جي سريلي سرزمين تي ڪيئي نامور شخصيتون آهن جن پنهنجي فني صلاحيتن سان پنهنجي ڌرتي جو نانءُ مٿانهون ڪيو آهي. انهن شخصيتن مان مرحوم استاد پنهل خان مستوئي به هڪ آهي. استاد پنهل خان مستوئي هڪ استاد جي حيثيت ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ۽ پنهنجي سچائي سان سنڌ جي خدمت ڪيائين. استاد پنهل خان مستوئي تاريخ جو اهم باب هو جنهن کي ڪو به ماڻهو ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهي، هن پنهنجي حياتي ۾ استاد، شاگرد، هارين، مزدورن مطلب ته زندگي جي هر شعبي جي ماڻهن سان تعلق رکيو، هن ننڍي هوندي کان ئي جيڪي غربت واريون حالتون ڏٺيون انهن جو من ۾ احساس ۽ جذبو هئس جنهن ڪري لڳاتار اڻٿڪ محنت ڪيائين ۽ نتيجي ۾ خانداني حيثيت کي مڃرايائين نه رڳو اها حيثيت پاڻ تائين محدود رکيائين ليڪن مٽن مائٽن سنگتين ساٿين اوڙي پاڙي وارن ۾ به اهڙو جذبو جاڳايائين، استاد هجڻ ڪري تر ۾ تعليمي شعور پکيڙڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيائين پاڻ نه رڳو بهترين استاد هو پر ڀلوڙ استاد جي سنگت کي اهميت ڏنائين ۽ انهن جي تعريف ڪيائين، جن ۾ حقيقي استاد واوا گُڻ هئا. ڏهيسر مڙس هو ۽ سڀ ڪجھ مُنهن تي چئي ڏيندو هو. اوطاق ۽ ڪچهري جو ڪوڏيو هو سنڌ ۾ بدامني واري دور ۾ به سياري اونهاري رات ڏينهن سندس اوطاق وسندي رهي. ماڻهو جي ماڻهپي جي ڄاڻ ۽ گفتگو ڪرڻ جو ڏانءُ هيس. ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو نه جهڪيو نه ئي جهول ڦهلايائين. خود اعتماديءَ جي ڪري زندگي جي آخري ساھ تائين اٽل ارداري ۽ حوصلي سان رهيو سندس اندر ۾ کوڙ سارا اڌما ۽ ارمان هئا جن کي لکڻ جي به ڪوشش ڪيائين پر هيڻائي جي ڪري ”آتم ڪٿا“ شروعاتي صفحن تي ئي محدود رهجي وئي. هن پنهنجي حياتي ۾ زندگي سان لاڳاپيل هر پاسي ۾ پاڻ کي آزمايو ۽ هميشھ سرخرو رهيو. سائين پنهل خان مستوئي هڪ بهترين استاد ان سان گڏ ڏکولين جو همدرد پنهنجي ڏات جي لاءِ بهترين گوارا هوندو هو سندس اسڪول ۾ پڙهائڻ جو انداز پنهنجو هوندو هيو، ايترو جو شاگرد ان جي پڙهائي مان مطمعن هوندو هو، اڪثر ڪري استاد پنهل خان مستوئي مائٽن جو وڌيڪ مائٽ دوستن جو پيارو دوست ۽ غريبن جو همدرد هوندو هيو. مونکي چڱي ريت ياد آهي ته مان ننڍي عمر ۽ بي سمجهي جي ڪري تمام گهڻو رولاڪ ۽ ڳوٺ جو پياسو هوندو هيس انهي ڳالھ ياد اچڻ تي ڏک به تمام گهڻو پهچندو آهي ته وري ان کي سمجهاڻي طور به سامهون رکندو آهيان، هڪ ڀيري ڳوٺ گهڻو وقت ترسڻ ڪري مونکي ڏاڏا سائين تمام گهڻو سمجهايو پر مون ان جي ڳالھ طرف ڪو به توجھ نه ڏنو جنهن تي ڏاڏا سائين ڪاوڙ ۾ اچي منهنجي پويان موٽر سائيڪل ڊوڙائي ته وڃ پنهنجي گهر وڃ انهي ڳالھه ڪرڻ جو اصل مقصد اهو آهي ته وڏي جي سمجهاڻي ۽ ڪاوڙ واري اظهار تي اڄ مان هڪ بهترين انسان واري زندگي گذاري رهيو آهيان نه رڳو بهترين زندگي پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي محنت سان هڪ بهترين صحافتي ذمينداري به نڀائي رهيو آهيان جنهن جو ڪريڊيٽ منهنجي والد رزاق مستوئي، ڏاڏا ولي داد خان مستوئي، ڏاڏا مرحوم محمد موسى مستوئي، ڏاڏا سائين استاد پنهل خان مستوئي ۽ خاندان جي ٻين فردن ڏانهن وڃي ٿو.

    استاد پنهل خان مستوئي پنهنجي ڳوٺ جي سڀني ٻارڙن کي ويهاري سمجهائيندو هيو ته پنهنجي پڙهائي طرف توجھ ڏئي هڪ بهترين مقام تي پهچڻ جي ڪوشش ڪجو ڇاڪاڻ ته تعليم ئي انسان کي اصل منزل تائين پهچائي ٿي ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي دل آزاري نه ڪجو هميشھ پنهنجي ماءُ پيءُ ڀينرن ڀائرن آڙي پاڙي وارن سان پيار محبت ڪجو، غريب مسڪين پورهيت مزدور جي مدد ڪجو ڇاڪاڻ تهه انهن جي دلين ۾ خدا رهي ٿو. استاد پنهل خان مستوئي پنهنجي ڪجھ سمجهاڻين ۽ نصيحتن ۾ لکي ٿو ته؛ (ماٺ کي چڱو سمجهيو ويندو آهي گهڻي بڙ بڙ کي ننديو ويندو آهي)، (ماٺ وارو گهڻو ڪري صحيح سياڻو هوندو آهي)، (جڏهن ڳالهائجي ته ڳالهائڻ کان اڳ ان جو نتيجو سوچجي يعني سمجهي ڳالهائجي)، (پنهنجي پاڻ تعريف ڪرڻ ٽرڙائي جي نشاني آهي)، ٻئي جي ملڪيت کائڻ جو نتيجو پنهنجي ضمير کي مردو بڻائڻ آهي اهڙي ماڻهو کان غيرت موڪلائجي وڃي ٿي)، (بي حيا جي رشتي کان ماڻهو اڪيلو چڱو آهي)، (ڪنهن جي تڪليف ۾ مدد ڪرڻ سخاوت ۾ شامل آهي، (پاڙي واري ننڍڙي دشمني پري واري وڏي دشمني کان وڌيڪ آهي)، (جيڪڏهن پنهنجو بي نيمڪو ٿئي ته اهڙو دشمن هزار سالن جي جدوجهد ۾ ٻيو تيار نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙي ريت استاد پنهل خان مستوئي جون نصيحتون عام ماڻهن کي هونديون هيون هُو سدائين سچائي جي رستي تي هلڻ جو درس ڏيندو رهندو هيو. استاد پنهل خان مستوئي کي پنهنجي حياتي ۾ بهترين استاد جا ايوارڊ پڻ مليا. استاد پنهل خان مستوئي سندس نالي سان سڃاپندڙ ڳوٺ پنهل خان مستوئي ۾ پير بخش مستوئي جي گهر ۾ پيدا ٿيو ۽ 15-7-2005ع ۾ اوچتو ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا هئڻ ڪري دل بيهجي وڃڻ ڪري هن فاني دنيا مان هميشه لاءِ لاڏاڻو ڪري ويو. جيڪو هن وقت سندس ابائي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. جڏهن ته سندس نقش قدم تي ڀائٽيا پٽ هلي رهيا آهن جن ۾ وڏيرو حاجي علي اصغر مستوئي هن وقت راڄ ڀاڳ جي اٿي ويٺي ۾ تمام گهڻو اڳتي آهي جيڪو نه صرف پنهنجي مٽن مائٽن جي ٿيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪوشان آهي پر ان سان گڏ دوستن پاڙي سرين جي مسئلن کي حل ڪري امن محبت پيار سان هلڻ جو درس ڏيندو رهي ٿو وڏيرو حاجي علي اصغر مستوئي نه صرف نقش قدم تي هلي رهيو آهي پر ان سان گڏ تر جي هر مسئلي طرف توجھ ڏيندي ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو ان سان گڏ سندس وڏي ڀاءُ ولي داد خان مستوئي جو فرزند نوجوان اديب ليکڪ رزاق مستوئي ادبي دنيا ۾ تمام اڳتي نڪري چڪو آهي تعليمي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ نڀائي رهيو آهي سندس فرزند محمد سليم مستوئي پڻ نقش قدم تي هلندي ماڻهن جي خدمت ۾ ڪوشان آهي جڏهن ته ننڍي ڀاءُ مرحوم محمد موسى مستوئي جو فرزند اعجاز مستوئي پڻ استاد پنهل خان مستوئي جي ڏنل نصيحتن تي هلندي هر ڪنهن جي غم خوشيءَ ۾ شامل ٿيندو رهي ٿو، جڏهن ته استاد پنهل خان مستوئي جي گذريل10سالن کان15 جولاءِتي هر سال ورسي سندن نالي تي قائم ڳوٺ پنهل خان مستوئي ۽ مورو ۾ سندس نالي تي جوڙيل (پنهل خان مستوئي يادگار سوسائٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي آهي ان کان پهريان استاد پنهل خان مستوئي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري ويندي آهي جنهن ۾ استاد جا شاگرد، شاعر اديب، دانشور، محقق، مٽ مائٽ دوست ساٿي ولي داد خان مستوئي، علي شير مستوئي، رزاق مستوئي، شاعر عبدالله جيسر، صوفي غلام مصطفى ڪانڌڙو، اديب ليکڪ زاهد راڄپر، ليکڪ مظهر خاصخيلي، حاجي علي اصغر مستوئي، سردار محمد بخش عرف گلاب مستوئي، ڊاڪٽر خادم مستوئي، محمد سليم مستوئي، اعجاز مستوئي، محمد اسلم مستوئي، محمد اڪرم مستوئي، نثار احمد مستوئي، وڪيل سجاد علي مستوئي، امتياز علي مستوئي، عظيم سنڌي، هدايت ڏيپر، رضا لانگاھ، خالد ساحل ڪيريو، ڊاڪٽر ڪاشف مستوئي، پروفيسر آصف مستوئي، نوجوان صحافي وحيد رزاق مستوئي، ڊاڪٽر نويد رضا مستوئي، شاعر سرمد رضا مستوئي، سهيل احمد مستوئي، شاعر عزيز سولنگي، سڪندر ڪورائي، سڪندر جروار، رجب سولنگي، اختر لغاري، بشير احمد لغاري، سيد جعفر علي شاھ، غلام قادر، ڪامريڊ هاشم کوسو، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري، فدا حسين خاصخيلي، محمد افضل مستوئي، اياز احمد مستوئي، وسيم اختر مستوئي، محمد اعظم مستوئي، علي اڪبر مستوئي، طارق مستوئي، محرم مستوئي، غلام رسول مستوئي، منظور علي مستوئي، موريل مستوئي، رحمت الله مستوئي، خالد مستوئي، زاهد حُسين مستوئي، اظهر علي مستوئي ۽ ٻيا پڻ شرڪت ڪري استاد پنهل خان مستوئي جي زندگي تي روشني وجهندا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو