هزل....... اسلم سومرو

'مزاحيه شاعري' فورم ۾ اسلم s طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2015۔

  1. اسلم s

    اسلم s
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2014
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هزل

    توکي ان لئه پيو وڻان سائين
    منهن تي ميڪ اپ پيو هڻان سائين

    فولڙيون پيو لڳن ڇو ٻڪرين جون
    پير جيڏانهن به ٿو کڻان سائين

    ائين نڀاڳي جو آ جهليو مونکي
    خالي جانٺا پيو هڻان سائين

    لٺ وڍائي جو تو سٽيو مونکي
    ڍور وانگي پيو رڻان سائين

    هي نه جاگير آهي بابي جي
    گاه گابي لا ڪيئن لڻان سائين

    اسلم سومرو

    غزل

    توکي ان لاءِ نه ٿو وڻان سائين
    تنهنجا نعرا نه ٿو هڻان سائين
    ڪوڙڪيون تو هڻي ڇڏيون آهن
    پير جيڏاهن به ٿو کڻان سائين
    ايئن به ٿيو آهي ڇا ڏسيو مونکي
    ڪڻڪ پوکيان سرنهن لڻان سائين
    هٿ وڌائي نه تو پٽيو مونکي
    ٻير ڳاڙهي جان پيو ڇڻان سائين
    هي ته جاگير ٿئي منهنجي
    ساجن
    خواب ڏسندو آهيان گهڻا سائين
    علي ساجن راهو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو