• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حاضر آهي آنلائن ڊيمو يو.ايس سنڌي_ويب فونٽ

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم سنڌسلامت جا ساٿيو..!
ڪافي ڏينهن کان ڪوششن ۾ هئس ته هڪ اهڙو فونٽ تيار ڪجي جيڪو اردو، سنڌي ۽ انگريزي سپورٽ رکندڙ هُجي ۽ ان کي مُفت رليز ڪيو وڃي.. الله پاڪ منهنجي ڪوششن کي ڪامياب ڪيو ۽ سنڌي ويب فونٽ جو اردو سپورٽ رکندڙ ورجن تيار ٿي ويو.. فونٽ جو نمونو ڪجهه ڏينهن اڳ فيسبوڪ تي به رکيم ته پر ان ۾ ڪافي خاميون هُيون جيڪي گذريل ٻن ڏينهن کان ختم ڪري فونٽ کي مڪمل بڻايو ويو آهي.
فونٽ جا فيچر
  • سنڌي، اردو ۽ انگريزي سپورٽ
  • ويبسائٽ سپورٽ
  • اَعرَاب رنگين (جيڪي ڪروم برائوزر جي 28 ورجن تي نظراچن ٿا ۽ ونڊوز 8.1 جي انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۾ صحيح نموني نظر اچن ٿا، فائرفوڪس، اوپيرا ۾ صحيح نظر اچن ٿا)
  • فونٽ ۾ سنڌسلامت جو لوگو ليگيچر طور رکيو ويو آهي.. (سنڌي ڪيبورڊ مان sslogo جا بٽڻ دٻائڻ تي لوگو ظاهر ٿيندو)

ياد رهي ته هي فونٽ جو ڊيمو آهي، وڌيڪ رهنمائي لا ان کي ”سنڌسلامت ويب فونٽ ڏيکاريندڙ“ تي رکيو ويو آهي.
سنڌي، اردو ۽ انگريزي سپورٽ رکندڙ نوان (جديد) سنڌي فونٽ جلد سنڌسلامت تي مُفت ڊائونلوڊ لا رکيا ويندا.


6kXxFi.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
تمام بهترين ڪاوش آ.
ڪجھ ڏينهن پهرين مون ونڊوز 10 جي ٻولي سنڌي رکي هُئي پر بعد ۾ وري انگريزي رکڻي پئي، ڇو ته سنڌي ۽ انگريزي
جو مجموعي طور ڪو سٺو فونٽ ڪو نه مليو، جيڪو ٻنهي جي لاءِ موزون هُجي ها. (سنڌي فونٽ سيٽ ڪرڻ سان
انگريزي اکرن جي سائز تمام ننڍي ٿي وئي هُئي ). توهان انهي فونٽ جي لنڪ شيئر ڪريو ته مان وري آزمائي ڏسان...
 
تمام سٺو ڪم ... اهڙي فونٽ جي سخت ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ فونٽ جوڙيندڙ دوست وڌيڪ رهنمائي ڪري سگهندا.
 
تمام بهترين ڪاوش آ.
ڪجھ ڏينهن پهرين مون ونڊوز 10 جي ٻولي سنڌي رکي هُئي پر بعد ۾ وري انگريزي رکڻي پئي، ڇو ته سنڌي ۽ انگريزي
جو مجموعي طور ڪو سٺو فونٽ ڪو نه مليو، جيڪو ٻنهي جي لاءِ موزون هُجي ها. (سنڌي فونٽ سيٽ ڪرڻ سان
انگريزي اکرن جي سائز تمام ننڍي ٿي وئي هُئي ). توهان انهي فونٽ جي لنڪ شيئر ڪريو ته مان وري آزمائي ڏسان...

ادا توهان آنلائن فونٽ آزمائي سگهو ٿا.. (مٿي لنڪ ڏنل آهي)
بس ڪجهه ئي ڏينهن ۾ فونٽ سنڌسلامت تي رکيو ويندو.
 
سٺي ڪوشش آهي ادا...! هڪ عرض ته ڇو نه هن فونٽ جا اعراب سنڌي اعرابن مطابق ڪريو. مثال طور: جزم گول آهي. ان کي سنڌي نموني ڪريو ۽ شد پڻ ڦڏي آهي. اها به سڌي ڪري سگهجي ٿي. لفظ ”الله“ ۾ شد مناسب آهي. جي اتان ڪاپي ڪري رکو ته بهتر رهندي.

چيڪنگ دوران ”ث“ جي ٻي شڪل (ثــ) شايد رهجي وئي آهي. ان کي به چيڪ ڪندا. ان کان سوا اردو جي وڏي ي ملندڙ به مزو نه پئي ڪري.
 
مون ترميم ڪري ڇڏي آهي.. :) فونٽ ۾ اردو جي وڏي ي اصلي لڳائي اٿم ۽ شد ّ سنڌي وارو لڳايو اٿم
 
السلام عليڪم سنڌسلامت جا ساٿيو..!
ڪافي ڏينهن کان ڪوششن ۾ هئس ته هڪ اهڙو فونٽ تيار ڪجي جيڪو اردو، سنڌي ۽ انگريزي سپورٽ رکندڙ هُجي ۽ ان کي مُفت رليز ڪيو وڃي.. الله پاڪ منهنجي ڪوششن کي ڪامياب ڪيو ۽ سنڌي ويب فونٽ جو اردو سپورٽ رکندڙ ورجن تيار ٿي ويو.. فونٽ جو نمونو ڪجهه ڏينهن اڳ فيسبوڪ تي به رکيم ته پر ان ۾ ڪافي خاميون هُيون جيڪي گذريل ٻن ڏينهن کان ختم ڪري فونٽ کي مڪمل بڻايو ويو آهي.
فونٽ جا فيچر
  • سنڌي، اردو ۽ انگريزي سپورٽ
  • ويبسائٽ سپورٽ
  • اَعرَاب رنگين (جيڪي ڪروم برائوزر جي 28 ورجن تي نظراچن ٿا ۽ ونڊوز 8.1 جي انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۾ صحيح نموني نظر اچن ٿا، فائرفوڪس، اوپيرا ۾ صحيح نظر اچن ٿا)
  • فونٽ ۾ سنڌسلامت جو لوگو ليگيچر طور رکيو ويو آهي.. (سنڌي ڪيبورڊ مان sslogo جا بٽڻ دٻائڻ تي لوگو ظاهر ٿيندو)

ياد رهي ته هي فونٽ جو ڊيمو آهي، وڌيڪ رهنمائي لا ان کي ”سنڌسلامت ويب فونٽ ڏيکاريندڙ“ تي رکيو ويو آهي.
سنڌي، اردو ۽ انگريزي سپورٽ رکندڙ نوان (جديد) سنڌي فونٽ جلد سنڌسلامت تي مُفت ڊائونلوڊ لا رکيا ويندا.


6kXxFi.jpg
اد افونٽ ڪٿان ڊانونلوڊ ٿيندا
 
Back
Top