• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيد ته سدائين زندهه هوندا آهن، سندن شان ۾ گستاخي نه ڪريو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
شهيد ته سدائين زندهه هوندا آهن، سندن شان ۾ گستاخي نه ڪريوپرسوشل ميڊيا تي جاهلن ۽ مين نه منيسان وارن سان ڪهڙو بحث؟ اهڙيون پوسٽنگس ڪرڻ وارا اصل ماڻهو ٻين تي ته تنقيد ڪندا آهن پر پنهنجي ليڊر بابت هڪ سچائي به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهن ۽ موٽ ۾ گارگند ۽ دڙڪا دهمان ڏيندا آهن جيڪا درحقيقت سوشل ميڊيا تي غنڊا گرديءَ کان گھٽ ڪونهي ـ
شهيدن تي تنقيد ڪرڻ وارا اڻ سنڌي ريت سڀني شهيدن جي بيعزتي ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته اهڙيون ڳالهيون هڪ شهيد سان نه پر سڀني شهيدن سان لاڳو ٿين ٿيون ـ ڪنهن به سياسي ليڊر تي تنقيد ڪرڻي آهي ته ڀلي ڪجي پر اخلاق جي اندر ـ جيڪي پوسٽنگس ڪن ٿا ته شهيد زندهه آهي ته پوءِ لاڙڪاڻي ۾ ڪنهنجو لاش دفن آهي؟ انهن جاهلن کان ڪير پڇي ته جيڪڏهن شهيد زندهه آهن ته سن جي شهيدن واري قبرستان ۾ آخر ڪنهنجا لاش دفن آهن؟ تنهن ڪري بهتر آهي ته سڀني جي عزت ڪريو ـ
اهڙن ماڻهن ڪڏهن به پنهنجي اڻ سڌي ريت محبوب ليڊر ۽ ٽئين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق خلاف هڪ اکر به ڪونه لکيو آهي، جنهن خيرپور ناٿن شاهه ۾ بمباري ڪئي ۽ سوين سنڌين کي بيدرديءَ سان شهيد ڪيو، سنڌ جو تعليمي نظام تباهه ڪيو، سنڌ اندر تعليمي ادارن ۾ غنڊاگردي عام ڪئي، سنڌ اندر منشيات ۽ هٿيارن جو عام استعمال ڪري سنڌ جو مستقبل تباهه ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جي وسيلن جي بيجا ڦرلٽ ڪئي پر اهي ڳالهيون عقل جي انڌن کي نظر ڪونه ٿيون اچن ـ اهڙا ماڻهو ته جنرل ضياءَالحق جي فوجي حڪومت کي چيلينج ڪندڙ سوين سنڌين جن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ حياتيون قربان ڪيون، تن کي به شهيد مڃڻ لاءِ تيار ڪونهن ـ افسوس صد افسوس ـ
هاڻوڪي پ پ پ جي خراب ڪارڪردگيءَ جو بدلو شهيدن کان نه وٺو نه ته ساڳيو اصول لاڙڪاڻي کان علاوهه سن ۾ دفن شهيدن سان به لاڳو ٿي سگھي ٿو ته پوءِ انهن وٽ غنڊاگردي ۽ گارين ڏيڻ کان علاوهه ٻيو ڪهڙو چارو بچندو؟
 
ٽڙي پوندا ٽاريين، جڏهن ڳاڙها گل،
تڏهن ملنداسين.
جڏهن ورنديون ڪونجڙيون، هر هر ڪري هُل،
تڏهن ملنداسين.
ڳلن ڳوڙها ٽمندا، جڏهن موتين تل،
تڏهن ملنداسين.
وڇوڙي جا ڏينهنڙا، ڀورائيءَ جي ڀل،
تڏهن ملنداسين.
تڏهن ملنداسين
 
Back
Top