سنڌي جي سوچ،عقل۽دور انديشي ڪيڏانهن هلي وئي ساٿ به انهن سان جن جو منشور سنڌ امڙ جا ٻه ٽڪر!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جي ڪو فرد سنڌي به سڏائي ۽ غريب سنڌين مٿان حاڪميت جو حق به رکي ۽ پوءِ سنڌ امڙ کي ٻه ٽڪر ڪرڻ وارن جي پلاننگ جو حصو ۽ ساٿي به بڻجي ته ان کي ڇا چئبو ؟ ڳالهه ڪريان ٿو جو ! (سوال آهي سڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه منهنجو !)
    [​IMG]

    آخر مُنهنجي سٻاجهڙي سنڌ ۽ انهن جي سٻاجهڙن کي سنڌ جي پهرئين ليڊر قائد اعظم محمد علي جناح جي شهادت کان پوءِ ۽ انهن جي پويان ايندڙ صرف ۽ صرف جهموري چونڊ ليڊر شپ کي خاص سليڪٽ ڪري بغير ڪنهن قانوني چارا جوئيءَ جي هر وقت اڙدو اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي ، ڊڪٽيٽرن جي ساٿين کي گيسٽ طور چئنل تي گهرائي ۽ انهن جي اينڪرن ۽ جرنلسٽ پاران جن جي تواريخ (يئلو جرنلزم) سان ڀريل آهي ۽ جن جو نعرو به هو (اڙدو ڪا جنازا هي ذراه ڌوم سي نڪلي) ۽ ڪوٽا سسٽم جنهنجو باني پاڪستان جو پهريون پرائيم منسٽر لياقت علي خان هو ۽ اهو سسٽم 7 سيپٽمبر 1948 هڪدم جناح جي وفات کان پوءِ نافذ ٿيو جنهن ۾ پناهگير بيوروڪريسي کان علاوه سنڌ ۾ پناه ڏيڻ وارن غيور ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڪوٽا نه هُئي پر برطانيا جي نوڪري ڪندڙن (بيوروڪريسيءَ) لاءِ ۽ پوءِ جن معصوم بنگالين خلاف لکي به اهو زهر ڦهلائي کين ٻي واٽ وٺڻ تي مجبور ڪيو ۽ 1971 جو سانحو ٿي پيو. ته اها روايت برقرار رکنيد پاڪستان ٺاهڻ ، پنهنجي هر شيءِ ۾ پناهگيرن کي حصو ڏيندڙ، 1971 ۾ ايسٽ پاڪستان وڃائڻ کان پوءِ 93،000 جنگي قيدي ۽ هزارين ايڪڙ جنگي زمين ڳالهه ٻوله سان واپس ورائڻ، نيوڪليئر ٽيڪنالاجي ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي ڏئي هميشه لاءِ پاڪستان کي مظبوط ۽ قائم ڪرڻ ۽ وري 1972 نئون پاڪستان ۽ هڪ مڪمل آئين 1973 ۾ ڏيندڙ، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۽ انهن جي ليڊرن کي رُڳو تنقيد جو نشانون ڇو ٿو بڻايو وڃي ۽ افسوس ته هاڻ ڏسندي ڏسندي سنڌي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي به اهو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ڀرمار لڳي پئي آهي ۽ سنڌ بدناميءَ جي به. اها ٻي ڳالهه آهي ته جي اهڙن بدناميءَ ۾ ساٿ ڏيندڙ سنڌين ماڻهن جي اڀياس ڪبي ۽ ڳولي لهبو ته انهن مان ڪوبه غريب سنڌين مان نه ملندو ۽ ڏسبو ته جيڪو ڪڏنهن به جهموريت پرست نه هو نه آهي ۽ اهڙن سنڌي ڀوتارن جو پوءِ لڳ يا حواري آهي جيڪو يا ته پاڻ واپاري آهي يا ڊڪٽيٽرن جي پُڇ ۾ لٽڪي اقتدار ماڻڻ وارن جو ساٿي ۽ پوءِ بظاهر انهن جا بيان سياسي يا نظرياتي يا قومي طرح سان ڀلي هُجن پر سنڌ ۽ سنڌ ي جهموري قيادت جي خلاف هُئڻ گهڻو آهي جيڪو انتهائي افسوس ۽ شرمساريءَ جو ڪارڻ پڻ آهي. توهان به اڀياس ڪي انهن تنقيد ڪندڙن کي کوجيو انهن ۾ توهانکي رُڳو ڊڪٽيٽرن جي ساٿين غير جهموري ڀوتار ۽ ان جا حواري تنقيد ۽ بيان بازي ڪرڻ ۾ ڏسڻ ۾ ايندا جيڪي رموٽ تي ڪم ڪندا آهن ۽ جيڪي هميشه ڊڪٽيٽرن جي پُڇ ۾ لٽڪي اڳتي وڌيا آهن نه ڪه سنڌ جي غريب ۽ ڏتڙيل عوام جي پوئياري ڪندي يا انهن جو اڪثريتي ووٽ کڻي.۽ انهن جون تنقيدون به اهڙين بُراين جي حوالي سان آهن جيڪي سنڌ کان وڌيڪ ٻين صوبن ۾ گهڻيون آهن ۽ اُتان ئي سفر ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن يا ليڊرن تائين پُهچن ٿيون ۽ پر رُڳو سنڌي اکين کي نٿو وڻي. جي پويان به ڏسبو ۽ پرکبو ته اهي ڳڻائجندڙ مڙئي بُرايون به انهن ئي ڊڪٽيٽرن ۽ انهن جي پويان هلندڙ ڀوتارن ۽ ڀوتارن جي پاٿاريدارن يا حوارين ۾ هُيون ۽ وڌندي وڌندي جيڪي پوءِ هڪ عام سنڌي ماڻهون ۽ ان جي ليڊر شپ ۾ تبديل ٿي ويون. اها حقيقت مڃڻ گهرجي ته سنڌ جا سمورا ڀوتار پوءِ ڀلي سندن ڪهڙو به سياسي، سماجي ، مذهبي نظريو هُجي صدين کان هڪ ٻئي سان لاڳاپيل رهندا اچن ۽ هڪ ٻئي کي فيسيليٽ ڪري به. پوءِ حڪومت چاهي ڪهڙي به سياسي نظرئي واري جي هُجي جاب ۽ فائدي جون سموريون سهولتون انهن مڙني ڊڪٽيٽرن ، انهن جي ڪڇ ۾ کُپل ڀوتارن ۽ انهن جي اولادن، مٽن مائٽن لاءِ ورهايل هونديون آهن يا وري انهن جي ذاتي نوڪرن، بورچين، ڊرائيورن، چوڪيدارن وغيره لاءِ نه ڪي عام يا غريب سنڌيءَ لاءِ. ۽ غريب مئرٽ ۽ ٽيلينٽيڊ سنڌي هميشه محروم رهيو آهي. پوءِ ڇا نٿو چئي سگهجي ته اهو سبب آهي ته مُنهنجي سنڌ سڳوريءَ ۾ (مير جعفر ۽ ڄام صادق) گهڻا آهن پنهنجي مُفادن لاءِ انهن ڀوتاري ياري واسي بُنياد تي هر وقت پارٽيون بدلائي حڪومتن ۾ شامل ٿي ڪرپشن نٿا ڪن ۽ جيڪي عوام جو ووٽ حاصل ڪري اقتدار تي اچڻ بجاءِ پهرئين اهو ڀوتاري ڪلچر جو فائدو حاصل ڪن ٿا ۽ دُنيا جي اڳيان (مجرم سنڌ ۽ سنڌي ماڻهون) نکاري نروار ڪرائجي ٿو يا بڻجي ٿو ۽ اهي مڙني سياسي ، سماجي، معاشي، واپار جماعتن ۾ سنڌي ڀوتارن جا مڙئي ڇاڙتا، ڏاها، سماج سڌار وارا، انهن سان گڏ تاڙيون وڄائڻ ۾ پورا آهن. يقين نه اچي ته انهن سڀني سنڌي ليڊرن جي خلاف ڳالهائڻ وارن جي ذاتي زندگيءَ جا پنا اُٿلائي پُٿلائي ڏسو ۽ پڙهو، اڀياس ڪندا ته خبر پوندي ته اُهي انهن ڊڪٽيٽر جي ساٿي ڀوتارن جا ڇاڙتا آهن جيڪي رموٽ تي شروع ٿي ويا آهن ، جيڪي ماضيءَ ۾ ڊڪٽيٽرس سان گڏجي هليا هُئا ۽ اقتدار به حاصل ڪيائون ۽ اڄ سنڌ ۾ جيڪي به بُرايون آهن انهن جا اصل ۽ بُنيادي ڪارڻ ۽ سبب به اُهي ئي هُئا جن طاقت جي آسري ۽ سپورٽ تي هر جُرم نه صرف ڪيا پر اٻوجهه سنڌي ماڻهن ۾ به اهڙيون عادتون وجهي کين رشوت خور ، موالي، چور، ڌاڙيل ، بڻائي ڇڏيو. اڄ ڪلهه تيزيءَ سان (اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا) تي اها يلغار ۽ سنڌ ۽ آئنده جي سنڌي ليڊر شپ لاءِ مستقبل ۾ ڏاڍي خطرناڪ بڻبي، ڀلي فلحال پنهنجي نظرياتي دشمنن جي هيٺائين ڏسي خوشي محسوس ٿئي پر پاڪستان جي 67 سالا تواريخ اڃان غائب ناهي ٿي ۽ ڊڪٽيٽرس طرفان سنڌ ۽ سنڌي قوم ۽ سنڌ سان لڳاتا زيادتين سان ڀري پئي آهي ۽ پوءِ زيادتي ڪندي اهو هرگز نه ڏٺو ويو آهي ته اهي سنڌي سندن حامي هُئا. هميشه سُڪن سان آلن کي ٻاريو ويو آهي ۽ ٻارڻ واحد ۽ عام غريب ۽ ٽيلينٽيڊ سنڌي هوندو آهي ۽ نه ڪو ساٿي ڪامورو يا ڀوتار، چاهي ڪهڙي به نظرئي جو هُجي. ته پرائي ٻرنديءَ ۾ پاڻ کي جهوڪڻ بجاءِ 85 سيڪڙو غريب سنڌي عوام کي پنهنجيون اکيون کولي رکڻ گهرجي ۽ ٻئي ۽ مخالف نظرئي واري جي موت تي خوشيون نه ملهائڻ گهرجن جو (موت جي موٽ جو ٽارگٽ) بحرحال سنڌ ۽ سنڌي ماڻهون ئي رهندو اچي ۽ سنڌ جي صدا دشمن اڙدو ميڊيا به سنڌ ... سنڌي... سنڌي ماڻهون.. جاهل،، ڪوجها...جي رٽ لڳيو ويٺي آهي. خدارا مُتحد ٿيو، ذاتي ۽ نظرياتي اختلاف ختم ڪري ڊڪٽيٽرن جي رموٽ تي ٿرٿرهاٽ ڪري بي خياليءَ ۾ (سنڌ امڙ )جي سودي جو حصو نه بڻجو ۽ پويان جي ان سازش (لنڊن پلان) کي سڃاڻو جنهن ۾ بل آخر سنڌ جا ٻه ٽُڪر ڪرڻا آهن ، ۽ مشرف کي سنڌ جي واڳ ته عمران ان کي پنجاب جي واڳ ڏيارڻي آهي.
    ته جي سنڌ سلامت ته سڀ سلامت. ڳالهه ڪريان ٿو جو (سوال آهي سڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه منهنجو !)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ميميجيجي

    ميميجيجي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسان کي گھٽ ۾ گھٽ سنڌي ميڊيا مان ھڪ اميد ھئي ت اھا سنڌ جي سنوارڻ ۾ اڳيان اڳيان ھوندا پر انھن ت اردو ميڊيا کان ب اڳ پيا ڪڍن سنڌ کي بدنام ڪرڻ ۽ سنڌ کي پوئتي ڌڪڻ ۾ٖ سنڌ جيڪا موئن جو دڙو جھڙي سولائيزڊ تاريخ رکندڙ آھي ان کي اڻ پڙھيل.جاھلٖ ۽ ڪرپٽ ۽ ڪارو ڪاري جھڙين ڪڌين رسمن ۽ ڌاڙيلن جي ڌرتي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي.افسوس سنڌي ميڊيا!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    محترم دوست ! بيشڪ ڪو شق نه آهي ته اسان جا اڳ جا سنڌي نه اهڙا هُئا نه ئي اهي ڪڏنهن (ڪارو ڪاري، ونگاري ۽ ڌاڙيلي ۽ موالي ڪلچر) سنڌ ماڻهن جو حصو هو. پر پو جي صورتحال ڇا آهي ۽ ڇو آهي انهن کا به ته اکيون نٿا ٻوٽي سگهون ته آخر اهي بُرايون انهن ئي علائقن ۾ گهڻي ڀاڱي ڇووڌي پروان چڙهي رهيون آهن. اهو ته هر سنڌي خبر ۽ ٽيليويزن چئنل تي موضوع بڻيل آهي ۽ ڪو به ته ناهي، پاڻ کي پڏائي ڪيترو لڪائبو ، هاڻ ته لڪ لڪان ۾ تعليم کان محروم ۽ موالي ڪلچر ۾ گهڻ گهڙي پيا اهيون اهو فڪر ڇو نٿو ڪيو وڃي. ۽ جتان جنهن علائق مان معائشي وشحالي پئدا ڪندڙ ڪاروباري طبقا به هجرت ڪري نڪري چڪا آهن. جت اغوا جو دئور آهي ته سڌار ڪيئن ايندو ڇا شطرمرغ وانگر اکيون ٻوٽي سڀ سهي جي رٽ لڳايون ۽ پاڻ ۾ تبديلي آني اصلي وارو سنڌي نه بڻجون؟
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڳالهه ڪريان ٿو جو سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
    [​IMG]

    آخر سنڌ تبديل ڪيئن ٿئي ! جو تبديلي آڻيندڙن ۾ سنڌ جي غربت ماريل 95 سيڪڙو آباديءَ مان نمائندگي ئي ناهي؟ جن کي پنهنجي ووٽ جو احساس ڏيارڻ تي امريڪي ۽ ڪئنيڊي رٽرن ڏاها ڌڙا ڌڙ ميڊيا تي مشقون هلائي رهيا آهن ۽ سنڌين کي احساس پيا ڏيارين ته اُهي ئي ووٽ ڏئي سنڌ ۾ تبديلي آڻي سگهن ٿا.

    ته جڏنهن انهن جي ووٽ جو حقدار به انهن لوڪل ۽ غريب عوام مان ئي ڪو ڏاهو، پڙهيل لکيل ۽ غربت مارو هُجي نه ڪه اُهي واپاري، سرمايادار ڪامورا ، 5 سيڪڙو سُکيا ستابا امير ڪبير ۽ پنهنجي ياري ويسيءَ سان پئسي ۽ نمائش ۽ طاقت جي آڌار تي پاڻ کي ڏاها ۽ دور انديش سڏرائيندڙ ، ۽ زوريءَ مڃائڻ وارا ،جيڪي ڪو ليڪچر يا بحث ڏئي جيڪي صحيح سنڌي به ڳالهائي ۽ اُچاري نٿا سگهن ۽ جي اتفاقي ڪو 95 سيڪڙو غريب سنڌين مان اڀرندڙ ڏاهو ساڻن ان موضوع ڳالهائڻ چاهي ٿو ته مُنهن ڦيرائي ۽ نظر انداز ڪري پاڻ کي سوٽ بوٽ ۾ سُپر پاور سمجهي تڪڙا تڪڙا نڪري وڃن ٿا .

    ته جيڪي سال جا 300 ڏهاڙا پنهنجي ڪُٽنبن سميعت امريڪا، ڪئناڊا ۽ ٻين يورپ ڪنٽرين ۾ رهڻ ۽ گهمڻ ۾ لڳائين ٿا ۽ وساري ويهن ٿا سنڌي قوم جي سڃاڻپ جا چند اُچار ، جن تي اڳيان هلي به سنڌي هُئڻ ۽ نه هُئڻ تي بازي رکيل آهي جهڙوڪ ( ٻ ، ڱ ، ڏ ، ڄ ، ڃ ۽ ڻ) جا اُچار به پنهنجي ور وڪڙ ڏئي انگريزي نمان نڙگهٽ مان ڪڍي ڳالهائي به نا سگهن. ۽ حيرت آهي پوءِ به هڪ طرف هو پاڻ کي سنڌي سڏائڻ تي بضد آهن ۽ حقدار ۽ سنڌ جو سپوت سمجهن ٿا؟ ۽ ٻي طرف تبديلي آڻڻ جو خواهان !

    جي واقعي سمجهجي به ته اُنهن ماڊرن سگهڙن کي به هاڻ فنڪشنن، نسشستن، برخواستن کان پوءِ عملي طرح سنڌ جي حالتن جو فڪر آهي؟ ۽ جي آهي ته شق نه هُئڻ گهرجي! جي هو پنهنجي عمل، قول، فعل ۽ پوشاڪ سان به عارضي طور ئي ثابت ڪن ! پنهنجي سنڌ ثقافت جي ڊريس ڪوڊ اپنائي ، سنڌي ماڻهن جي عام سوچ رکي ۽ نه رُڳو ، ڪلاڪ اڌ ڪلاڪ ڪنهن به ميڊيا چينل تي اچي ٽٽل ڦٽل سنڌي ٻولي ٻولي. ڪاش اُهي ميڊيا تي نمودار ٿيڻ کان پهرئين سنڌي سُڃاڻپ جا هي چند اکر ( ٻ ، ڱ ، ڏ ، ڄ ، ڃ ۽ ڻ) اُچارڻ سان صحيح گرامر ۽ سنڌي ڳالهائڻ جي ڪوشش جي پريڪٽس به ڪري اچن ها ۽ الن اعلان سنڌي زبان جون ٽنگو ڀڃڻ کان به پاڻ بچائين ها ته سندن اميج سنڌي قوم قبول ڪري.

    ٻي صورت ۾ اهڙين اليڪشن مهمن جي موسمي پرديسي ڏاهن کي سمجهڻ گهرجي ته بيشڪ انگ اگهاڙ ۽ سادو سنڌي عوام غربت ماريو ، 95 سيڪڙو غريب عوام بُکايل ۽ اُڃايل ، انگ اگهاڙو ۽ ڪکن ۽ جهوپڙن ۾ رهڻ وارو به آهي پر هو سياسي طور دُنيا جي سڀني قوم کان باشعور قوم آهي. ته اليڪشن جي دئور ۾ پرديس مان موسمي سفر ڪري ايندڙ پکين ۽ بلخصوص ۽ سال جي 365 ڏهاڙن جا 65 ڏهاڙي سنڌ جي شهرن ۾ گُذاري ۽ سنڌي سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي چئنلن وسيلي قوم جو احساس جاڳائڻ بجاءِ ڳوٺ ياترا ڪرڻ کپندي هُئي، ان گرميءَ ۽ بجلي بند، بند دڪانن ۽ ڪاروبارن ۽ بک جو احساس محسوس ڪرڻو هو.

    شايد انهن کي پڪي خبر ناهي ته 95 سيڪڙو غربت ماريل سنڌين جي جهوپڙن ۾ ٽي ويون ڪٿي جو هو انهن جا اهي (غلط سنڌي اُچار ۽ غلط ٻوليءَ جا) بي لاگ تبصرا ٻُڌندا هوندا ۽ جي اتفاقي ٻُڌن به ٿا ته کلن ٿا ته اهي ماڻهن سنڌي سوچ ۾ انقلاب آڻيندا جيڪي پنهنجي سوچ ۾ به انقلاب آڻي نه پيا سگهن. ته اهي پرديسي پکي ۽ ڏاها سمهن ته سنڌي عوام، سنڌي چئنلن تي ، پرائيويٽ پروڊڪشن جو ڊي وي ڊي تي ٺهيل (ڌاڙيل، وڏيري، پوليس، ڪمدار، چور ۽ موالي ڪلچر) واريون فلمون ۽ اُهي به هوٽلن ۾ ويهي پنهنجي زندگي گهڻي ڀاڱي بيڪار ڪريو ويٺا آهن. ۽ انهن کي ڀنگن جي نشن مان آسانيءَ سان نٿو ورائي سگهجي ۽ پهرئين ڪوشش اهائي ئي ڪرڻي آهي.
    [​IMG]

    جي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۾ تبديلي آڻڻي آهي ته نه چاهيندي به ڀٽو بڻجڻو پوندو ۽ ڀٽو ازم اپنائڻو پوندو ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃڻو پوندو، سنڌي ٽي وي چئنلن تي اخلاقي پريشر رکڻو پوندو ته هو سنڌ ۽ سنڌي بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن . علم ۽ ادب ۽ تعليم ، تواريخي مائل ڊرامان ۽ گانا پيش ڪن جيئن ڀوتارن طرفان سُمهاريل مُريدن کي ڀنگ جي نشي ۽ اوتارن ۽ هوٽلن مان ڪڍي جهنجهوڙي سگهجي ۽ سنڌ ۾ به انقلاب برپا ڪري سگهجي.

    ته توهانجا ٽي.وي چئنل تي سنڌ سڌار جا اهي تبصرا يا انٽر نيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي 5 سيڪڙو سکيا ستابا سنڌي ته ڏسندا ۽ داد به ڏيندا ۽ ٽيلفون ڪالون به ڪندا پر سنڌ ۾ علمي انقلاب جهالت خلاف آڻڻ ۾ ڪامياب ڪونه ويندا ڇو جو اڪثريت ڏتڙيل ۽ غريب سنڌي انگيج ناهي، کين انگيج ڪرڻ لاءِ توهان کي (وڏيون ايل سي.ڊي جون ٽي.وي اسڪرينون) وٺي اها معمولي پئسي جي قرباني ڏئي هر ڳوٺ ۽ شهر جي چوڪن ۾ هڻيون پونديون جتي گهوسٽ اسڪول، اوتارا ۽ ولين، بزرگن جي گرد قائم اوتارا يونيورسٽين مان اهي غريب سستي انٽرٽينمينٽ حاصل ڪري جمع ٿئي، هڪ هنڌ ويي توهانجا اهي سياسي ۽ سماجي بنهتريءَ وارا تبصرا ٻُڌي سگهن ۽ هڪ ٻئي سا بحث ڪري ۽ سمجهي قائل ٿين ۽ ڪري سگهن ته سندن ووٽ ۾ ڪيترو پاور آهي.

    ته ماڊرن سگهڙ سنڌي دوستئو ! اهي 95 سيڪڙو غربت ماريل سنڌين کي سياسي طور با شعور سمجهو ، اُهي بيوقوف ناهن جيڪي توهان امريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهي ماڊرن ٿي سمجهو پيا . اهي ٻيو ڪُجهه سمجهن نه سمجهن ڀوتارن ۽ ڪامورن ۽ سکين ستابن جون سياسي ۽ شطرنجي چالون ضرور سمجهن ٿا ته ڪنهن کي ووٽ گهرجي ۽ ووٽ تڏنهن ملندو جڏنهن اهو 95 سيڪڙو توهانجي ڪمپيئن کي واقعي سنڌي ماڻهن ۾ شعور آڻڻ جي ڪمپيئن سمجهندو.

    جڏنهن توهانجي اسر رسوخ سان ڪنهن سياسي وڏيري کي ميڊيا تي آڻڻ بجاءِ انهن ئي 95 سيڪڙو ماڻهن مان اڀرندڙ ڪو ڏاهو ميڊيا ۾ آڻي پيش ڪرايو ته انهن جي ويچارن کي ٻُڌندي. هو تبديليءَ لاءِ سوچي سگهن ٿا . جي تعصبي عينڪ لاهي سچ ۽ زميني حقيقتون سمجهو ته اهو ئي ڪارڻ هُئا جو لوڪل سياست ۽ غريب هارين، مزدورن، شاگردن جي دروان تي وڃي سياست ڪرڻ کي (شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀُٽو) اپنايو ۽ ڪري ڏيکاريو هو. ۽ غريبن جو ووٽ حاصل ڪيو هو ۽ توهانکي به سوچڻ گهرجي ته هر سنڌي چاهي ڪنهن به سياسي ، مذهبي، سماجي يا قومي نظرئي جو هُجي سنڌ لاءِ فدا آهي پر ان هوندي به سنڌ جون قومي پارٽيون به ووٽ نٿيون کڻي سگهن. حالانڪ هر سنڌي (ڪهڙي به جماعت جو هُجي) پنهنجي قومي پارٽين سان به مُحبت رکي ٿو. ۽ انهن قومي پارٽين جي هر ليڊر کي پيار ڪري ٿو. پر ووٽ نٿو ڏي. ڇو ؟ اها اڀياس ڪرڻي آهي ۽ ووٽ بينڪ تبديل ڪرڻ لاءِ هر ڀوتار کي (ڀٽو ٿيڻو پوندو ۽ ڀٽي جي ڪاپي ڪري ميدان تي لهڻو پوندو) . ۽ جي ڀٽي صاحب جي ريپليسمينٽ ۽ ليڊرشپ ڏيڻي پوندي .

    ۽ هڪ خاص ڳالهه اپنائي به ته توهان جو ڊائريڪٽ يا انڊائريڪٽ سنڌ کان علاوه ٻئي ڪنهن سياستدان، ڪاموري ، بيوروڪريٽ يا يا ڊڪٽيٽرس يا انهن جي ڪنهن به نمائندي سان واسطو ناهي ۽ نه ئي انهن سنڌي ڀوتارن سان جيڪي سنڌ کان ٻاهر ليڊرشپ جون واهون ڏسن ٿا. ڇو جو غريب سنڌين ، ڊڪٽيٽرن جي زماني ۾ گهڻن ئي ظلمن کي سٺو آهي. اهي اُهي ئي آهن جن تعصبي عينڪ پائي پاڪستان ٺاهيندڙ ۽ مظبوط ڪندڙ سنڌ جي ليڊرن (قائد اعظم، ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد بينظير ڀُٽي) جي منشور ۽ آواز کي پنهنجوي صوبي ۾ بلاڪ ڪرائي ڇڏيو آهي جو اهڙي ليڊر شپ سندن صوبن ۾ پئدا نٿي ٿي سگهي. نيشنلزم سان نفرت ڪندڙن کي مجبون (جاگ پنجابي جاگ تيري پگ ۾ پڙيا داغ) ۽ (اڙدو ڪا جنازه هي ذره ڌوم سي نڪلي) جا نعرا هڻي پنهنجي صوبي ۾ قوم پرستي پئدا ڪرڻي پئجي وئي. ته جيئن سنڌ مان اُڀرندڙ قيادت سندن صوبي ۾ پکڙجي نه سگهي. حيرت آهي ان باوجود به ڪي سنڌي وڏيرا غير سنڌيءَ جي ليڊر شپ قبول ڪن ٿا؟

    ته هر صورت ۾ سنڌي (ميرٽ ۽ ٽيلنٽ) جو خيال ڪرڻو پوندو جن جا اڳ ئي حق غضب ڪري سنڌي ڀوتارن جو اولاد، سفارشي ڪلچر اپنائي ، ٻاهر مُلڪن جو اسڪالرون پاڻ ڇني ٿو، ادارن ۾ سفارش تي اچي سندن پروموشن جو حق ڇني ٿو، نوڪرين جو حق ڇني ٿو ۽ اُهي ٻيو ڪير نه ان جا ڏوهاري توهان سڀ ڪامورا ۽ وڏيرا آهيو . توهان پاڻ آهيو جن وڃي امريڪا ۽ ڪئناڊا ته وسائي پر سنڌ جي ڏتڙيل عوام کي بُکن ڪُتن اڳيان ڦٽو ڪيوو ۽ صرف اليڪش دوارن اچي مختف حربن سان سندن ووٽ وٺي وري پرديس هلي وڇو ٿا ۽ پويان ڀوڳي ٿو غريب عوام ٿو.

    هاءِ ڙي امڙ سنڌ ! ۽ سنڌي ٻولي توسان پنهنجن جا مسلسل ۽ لڳاتار ٿيندڙ هي ڪيس ! ڳالهه ڪريان ٿو جو سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو