Sindhi Media
سينيئر رڪن
جي ڪو فرد سنڌي به سڏائي ۽ غريب سنڌين مٿان حاڪميت جو حق به رکي ۽ پوءِ سنڌ امڙ کي ٻه ٽڪر ڪرڻ وارن جي پلاننگ جو حصو ۽ ساٿي به بڻجي ته ان کي ڇا چئبو ؟ ڳالهه ڪريان ٿو جو ! (سوال آهي سڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه منهنجو !)

آخر مُنهنجي سٻاجهڙي سنڌ ۽ انهن جي سٻاجهڙن کي سنڌ جي پهرئين ليڊر قائد اعظم محمد علي جناح جي شهادت کان پوءِ ۽ انهن جي پويان ايندڙ صرف ۽ صرف جهموري چونڊ ليڊر شپ کي خاص سليڪٽ ڪري بغير ڪنهن قانوني چارا جوئيءَ جي هر وقت اڙدو اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي ، ڊڪٽيٽرن جي ساٿين کي گيسٽ طور چئنل تي گهرائي ۽ انهن جي اينڪرن ۽ جرنلسٽ پاران جن جي تواريخ (يئلو جرنلزم) سان ڀريل آهي ۽ جن جو نعرو به هو (اڙدو ڪا جنازا هي ذراه ڌوم سي نڪلي) ۽ ڪوٽا سسٽم جنهنجو باني پاڪستان جو پهريون پرائيم منسٽر لياقت علي خان هو ۽ اهو سسٽم 7 سيپٽمبر 1948 هڪدم جناح جي وفات کان پوءِ نافذ ٿيو جنهن ۾ پناهگير بيوروڪريسي کان علاوه سنڌ ۾ پناه ڏيڻ وارن غيور ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڪوٽا نه هُئي پر برطانيا جي نوڪري ڪندڙن (بيوروڪريسيءَ) لاءِ ۽ پوءِ جن معصوم بنگالين خلاف لکي به اهو زهر ڦهلائي کين ٻي واٽ وٺڻ تي مجبور ڪيو ۽ 1971 جو سانحو ٿي پيو. ته اها روايت برقرار رکنيد پاڪستان ٺاهڻ ، پنهنجي هر شيءِ ۾ پناهگيرن کي حصو ڏيندڙ، 1971 ۾ ايسٽ پاڪستان وڃائڻ کان پوءِ 93،000 جنگي قيدي ۽ هزارين ايڪڙ جنگي زمين ڳالهه ٻوله سان واپس ورائڻ، نيوڪليئر ٽيڪنالاجي ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي ڏئي هميشه لاءِ پاڪستان کي مظبوط ۽ قائم ڪرڻ ۽ وري 1972 نئون پاڪستان ۽ هڪ مڪمل آئين 1973 ۾ ڏيندڙ، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۽ انهن جي ليڊرن کي رُڳو تنقيد جو نشانون ڇو ٿو بڻايو وڃي ۽ افسوس ته هاڻ ڏسندي ڏسندي سنڌي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي به اهو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ڀرمار لڳي پئي آهي ۽ سنڌ بدناميءَ جي به. اها ٻي ڳالهه آهي ته جي اهڙن بدناميءَ ۾ ساٿ ڏيندڙ سنڌين ماڻهن جي اڀياس ڪبي ۽ ڳولي لهبو ته انهن مان ڪوبه غريب سنڌين مان نه ملندو ۽ ڏسبو ته جيڪو ڪڏنهن به جهموريت پرست نه هو نه آهي ۽ اهڙن سنڌي ڀوتارن جو پوءِ لڳ يا حواري آهي جيڪو يا ته پاڻ واپاري آهي يا ڊڪٽيٽرن جي پُڇ ۾ لٽڪي اقتدار ماڻڻ وارن جو ساٿي ۽ پوءِ بظاهر انهن جا بيان سياسي يا نظرياتي يا قومي طرح سان ڀلي هُجن پر سنڌ ۽ سنڌ ي جهموري قيادت جي خلاف هُئڻ گهڻو آهي جيڪو انتهائي افسوس ۽ شرمساريءَ جو ڪارڻ پڻ آهي. توهان به اڀياس ڪي انهن تنقيد ڪندڙن کي کوجيو انهن ۾ توهانکي رُڳو ڊڪٽيٽرن جي ساٿين غير جهموري ڀوتار ۽ ان جا حواري تنقيد ۽ بيان بازي ڪرڻ ۾ ڏسڻ ۾ ايندا جيڪي رموٽ تي ڪم ڪندا آهن ۽ جيڪي هميشه ڊڪٽيٽرن جي پُڇ ۾ لٽڪي اڳتي وڌيا آهن نه ڪه سنڌ جي غريب ۽ ڏتڙيل عوام جي پوئياري ڪندي يا انهن جو اڪثريتي ووٽ کڻي.۽ انهن جون تنقيدون به اهڙين بُراين جي حوالي سان آهن جيڪي سنڌ کان وڌيڪ ٻين صوبن ۾ گهڻيون آهن ۽ اُتان ئي سفر ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن يا ليڊرن تائين پُهچن ٿيون ۽ پر رُڳو سنڌي اکين کي نٿو وڻي. جي پويان به ڏسبو ۽ پرکبو ته اهي ڳڻائجندڙ مڙئي بُرايون به انهن ئي ڊڪٽيٽرن ۽ انهن جي پويان هلندڙ ڀوتارن ۽ ڀوتارن جي پاٿاريدارن يا حوارين ۾ هُيون ۽ وڌندي وڌندي جيڪي پوءِ هڪ عام سنڌي ماڻهون ۽ ان جي ليڊر شپ ۾ تبديل ٿي ويون. اها حقيقت مڃڻ گهرجي ته سنڌ جا سمورا ڀوتار پوءِ ڀلي سندن ڪهڙو به سياسي، سماجي ، مذهبي نظريو هُجي صدين کان هڪ ٻئي سان لاڳاپيل رهندا اچن ۽ هڪ ٻئي کي فيسيليٽ ڪري به. پوءِ حڪومت چاهي ڪهڙي به سياسي نظرئي واري جي هُجي جاب ۽ فائدي جون سموريون سهولتون انهن مڙني ڊڪٽيٽرن ، انهن جي ڪڇ ۾ کُپل ڀوتارن ۽ انهن جي اولادن، مٽن مائٽن لاءِ ورهايل هونديون آهن يا وري انهن جي ذاتي نوڪرن، بورچين، ڊرائيورن، چوڪيدارن وغيره لاءِ نه ڪي عام يا غريب سنڌيءَ لاءِ. ۽ غريب مئرٽ ۽ ٽيلينٽيڊ سنڌي هميشه محروم رهيو آهي. پوءِ ڇا نٿو چئي سگهجي ته اهو سبب آهي ته مُنهنجي سنڌ سڳوريءَ ۾ (مير جعفر ۽ ڄام صادق) گهڻا آهن پنهنجي مُفادن لاءِ انهن ڀوتاري ياري واسي بُنياد تي هر وقت پارٽيون بدلائي حڪومتن ۾ شامل ٿي ڪرپشن نٿا ڪن ۽ جيڪي عوام جو ووٽ حاصل ڪري اقتدار تي اچڻ بجاءِ پهرئين اهو ڀوتاري ڪلچر جو فائدو حاصل ڪن ٿا ۽ دُنيا جي اڳيان (مجرم سنڌ ۽ سنڌي ماڻهون) نکاري نروار ڪرائجي ٿو يا بڻجي ٿو ۽ اهي مڙني سياسي ، سماجي، معاشي، واپار جماعتن ۾ سنڌي ڀوتارن جا مڙئي ڇاڙتا، ڏاها، سماج سڌار وارا، انهن سان گڏ تاڙيون وڄائڻ ۾ پورا آهن. يقين نه اچي ته انهن سڀني سنڌي ليڊرن جي خلاف ڳالهائڻ وارن جي ذاتي زندگيءَ جا پنا اُٿلائي پُٿلائي ڏسو ۽ پڙهو، اڀياس ڪندا ته خبر پوندي ته اُهي انهن ڊڪٽيٽر جي ساٿي ڀوتارن جا ڇاڙتا آهن جيڪي رموٽ تي شروع ٿي ويا آهن ، جيڪي ماضيءَ ۾ ڊڪٽيٽرس سان گڏجي هليا هُئا ۽ اقتدار به حاصل ڪيائون ۽ اڄ سنڌ ۾ جيڪي به بُرايون آهن انهن جا اصل ۽ بُنيادي ڪارڻ ۽ سبب به اُهي ئي هُئا جن طاقت جي آسري ۽ سپورٽ تي هر جُرم نه صرف ڪيا پر اٻوجهه سنڌي ماڻهن ۾ به اهڙيون عادتون وجهي کين رشوت خور ، موالي، چور، ڌاڙيل ، بڻائي ڇڏيو. اڄ ڪلهه تيزيءَ سان (اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا) تي اها يلغار ۽ سنڌ ۽ آئنده جي سنڌي ليڊر شپ لاءِ مستقبل ۾ ڏاڍي خطرناڪ بڻبي، ڀلي فلحال پنهنجي نظرياتي دشمنن جي هيٺائين ڏسي خوشي محسوس ٿئي پر پاڪستان جي 67 سالا تواريخ اڃان غائب ناهي ٿي ۽ ڊڪٽيٽرس طرفان سنڌ ۽ سنڌي قوم ۽ سنڌ سان لڳاتا زيادتين سان ڀري پئي آهي ۽ پوءِ زيادتي ڪندي اهو هرگز نه ڏٺو ويو آهي ته اهي سنڌي سندن حامي هُئا. هميشه سُڪن سان آلن کي ٻاريو ويو آهي ۽ ٻارڻ واحد ۽ عام غريب ۽ ٽيلينٽيڊ سنڌي هوندو آهي ۽ نه ڪو ساٿي ڪامورو يا ڀوتار، چاهي ڪهڙي به نظرئي جو هُجي. ته پرائي ٻرنديءَ ۾ پاڻ کي جهوڪڻ بجاءِ 85 سيڪڙو غريب سنڌي عوام کي پنهنجيون اکيون کولي رکڻ گهرجي ۽ ٻئي ۽ مخالف نظرئي واري جي موت تي خوشيون نه ملهائڻ گهرجن جو (موت جي موٽ جو ٽارگٽ) بحرحال سنڌ ۽ سنڌي ماڻهون ئي رهندو اچي ۽ سنڌ جي صدا دشمن اڙدو ميڊيا به سنڌ ... سنڌي... سنڌي ماڻهون.. جاهل،، ڪوجها...جي رٽ لڳيو ويٺي آهي. خدارا مُتحد ٿيو، ذاتي ۽ نظرياتي اختلاف ختم ڪري ڊڪٽيٽرن جي رموٽ تي ٿرٿرهاٽ ڪري بي خياليءَ ۾ (سنڌ امڙ )جي سودي جو حصو نه بڻجو ۽ پويان جي ان سازش (لنڊن پلان) کي سڃاڻو جنهن ۾ بل آخر سنڌ جا ٻه ٽُڪر ڪرڻا آهن ، ۽ مشرف کي سنڌ جي واڳ ته عمران ان کي پنجاب جي واڳ ڏيارڻي آهي.
ته جي سنڌ سلامت ته سڀ سلامت. ڳالهه ڪريان ٿو جو (سوال آهي سڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه منهنجو !)