• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مرحوم عبدالحفيظ پيرزاديَ جي باري ۾ ڪجھه تلخ حقيقتون

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڪنهن جي موت تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪنهن کي خوش ٿيڻ ڪنهن به صورت ۾ ڪونه ٿو جڳائي پر اها به تلخ حقيقت آهي ته عبدالحفيظ پيرزادي ۽ رئيس غلام مصطفى جتوئي ٻنهي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي سان آخري ڏينهن ۾ غداري ڪئي هئي ۽ ٻنهي کي ٽئين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق الڳ الڳ وزيراعظم ٿيڻ جو آسرو ڏنو هو ـ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ پنهنجي وڪيل عبدالحفيط لاکيَ کي چيو هو ته هو پيرزادي ۽ جتوئيءَ تائين سندن پيغام پهچائي ته ٻيئي جيڪڏهن سندن خاطر پبلڪ ۾ نه ٿا اچن ته ماڻهن کي منهن ڏيکارڻ لاءِ ئي پبلڪ ۾ اچن. لاکي صاحب جو اهڙو انٽرويو بي بي سي اردو نشر ڪيو هو ـ
لاکي صاحب جي چواڻي هن ٻيئي نياپا پهچايا جن جي جواب ۾ جتوئي صاحب جو چوڻ هو ته مان فوجي حڪومت کان ڊڄان ٿو جڏهن ته پيرزادي صاحب به عوام ۾ اچڻ کان انڪار ڪيو هو.
سڀ کان وڏي افسوس واري اها ڳالهه هئي ته شهيد ڀٽي کي بچائڻ جي آخري اميد شريعت عدالت هئي جتان پيرزادي صاحب پنهنجو ۽ شفيع محمدي وڪيل جا ڪيس شهيد ڀٽي کي ڦاهي اچڻ کان ٻه ڏينهن اڳ اوچتو پنهنجي طرفان واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو جنهن ڪري شهيد ڀٽي کي ڦاسي اچي وئي ـ اهو سارو احوال جنگ جي اڳوڻي ايديٽر نذير لغاري جنگ ۾ پنهنجو ڪالم ۾ بيان ڪيو هوـ
پيرزادي صاحب جنگ سنڊي مخزن کي انٽرويو جيڪو 4 قسطن ۾ ڇپيو هو تنهن ۾ چيو هئائين ته شهيد ڀٽي کانپوءِ وزيراعظم ٿيڻ منهنجو حق هو پر افسوس ته مون کي وزيراعظم ٿيڻ ڪونه ڏنو ويو ـ انهيءَ انٽرويو ۾ هن شهيد ڀٽي جي ڪيل 90 سيڪڙو ڪارنامن جو خود ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ـ
مون اهي ڳالهيون پنهنجي آن لائين انگريزي اخبار سنڌ ٽه ڊي ڊاٽ نيٽ ۾ لکيون هيون جنهن تي 26 جولاءِ 2006 تي چوٿين ملٽري ڊڪٽيٽر ۽ سنڌين خلاف نسلي متڀيد رکندڙ جنرل پرويز مشرف، سنڌين سان ناانصافين خلاف آواز بلند ڪرڻ جي ڏوهه ۾ پابندي مڙهي هئي ـ
 
Back
Top