• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا ۾ پناهگيرن جي لاء جرمني جو وڌندڙ ڪردار ۽ عرب ملڪن جي مسلمان پناهگيرن سان بيوفائي

مظفر

سينيئر رڪن
سڄي دنيا مان جنگ ۽ جبرجاماريل ماڻهون اڄڪلهه يورپ خاص ڪري جرمني جورخ ڪن پيا ۽ شايد جرمني ئي واحد ملڪ آهي جيڪوسواء چند اندروني ماڻهن جي مخالفت جي انهن جي دل سان آجيان ڪري ٿو.جيتوڻيڪ مسلمان ملڪ هئڻ جي ناتي عرب ملڪ ڇوانهن کي پناه نٿا ڏين جيئن ته سعودي عرب، قطر،عرب امارتون (دبئي وغيره)،عمان،ايران،مصر۽ ٻياڪيترائي دنيا جا اميرترين مسلمان ملڪ انهن کي پاڻوٽ رهائي سگهن ٿا پرنٿا رهائين.ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿوته شايد مسلمان ملڪن ۾ هينئردلير۽ هڏ ڏوکي ملڪ يا قيادت نه آهي. ڪوئي به اهڙوملڪ ناهي جيڪوانهن،عراق،شام ۽ ڪيترن ئي ٻين ملڪن جي جنگ سٽيلن جا درد ونڍي، مسلمان ملڪن جي لاء هي شرم جومقام آهي. بس رڳو انهن کان وات هڻائجي مسلمانن جي اڳواڻي ۽ ٺيڪيداري جو.
 
اوهان بلڪل صحيح ٿا چئو ادا . خليج جي مسلمان حڪمرانن کي گهرجي ته سوريه . عراق . يمن ۽ مصر جي جنگ ستايل بي يار و مددگار مسلمانن کي پناھ ڏين ها . مگر خليجي حاڪمن مان انساني همدردي وارو جذبو لڳي ٿو ختم ٿي چڪو آهي!
 
Back
Top