• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آءِ ايس آءِ 30 لک روپين جا چيڪ جي ايم سيد جي راضپي سان اعجاز جتوئي کي، پيرزادي جي گھر تي ڏنا هئا

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
عبدالحفيظ پيرزادي جي گھر تي آءِ ايس آءِ جي سربراهه اسد دراني، 6 اميدوارن لاءِ 5 ـ 5 لک روپين جا ڪل 6 چيڪ (ڪل 30 لک روپيا) اعجاز جتوئي کي ڏنا هئا جن تي جي ايم سيد اڳ ئي راضپو ڏيکاريو هو ـ انهن 6 مان 5 اميدوار، جي ايم سيد جا حامي هئا جڏهن ته ڇهون اميدوار پ پ پ جو حامي هو پر سندس جي ايم سيد سان لڳل لاڳاپا هئا ـ پيرزادي بعد ۾ مطيع الرحمان جان کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ انهيءَ جي تصديق ۽ وضاحت به ڪئي هئي ـ هيءُ ڪالم پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ڏنو ويو آهي جنهن تي مون پنهنجو ڪوبه ذاتي تبصرو ڪونه ڪيو آهي ـ حامد مير جو ڪالم جنگ 3 سيپٽمبر 2015. ڪالم پڙهڻ لاءِ ڏنل لنڪ تي ڪِلڪ ڪريو ـ
http://e.jang.com.pk/pic.asp?npic=09-03-2015/Karachi/images/06_06.gif
 
جيڪي هِن جهانَ ۾ نه رهيا، انهن تي ڪهڙي تنقيد ؟؟ انهن جي طرفان ڪير جواب ڏيندو ؟ بقول حامد مير جي ته مرحوم پيرزادي صاحب پنهنجو ڪتاب صرف انڪري نه ڇپايو جو ان ۾ بينظير ڀٽياڻي تي الزام هيا، ۽ هُوءَ هن دنيا ۾ نه رهي، ان الزامن جا جواب ڪير ڏيندو ؟؟ هن وقت مرحووم پيرزادي جي طرفان ڪير جواب ڏيندو ؟؟
 
جيڪي هِن جهانَ ۾ نه رهيا، انهن تي ڪهڙي تنقيد ؟؟ انهن جي طرفان ڪير جواب ڏيندو ؟ بقول حامد مير جي ته مرحوم پيرزادي صاحب پنهنجو ڪتاب صرف انڪري نه ڇپايو جو ان ۾ بينظير ڀٽياڻي تي الزام هيا، ۽ هُوءَ هن دنيا ۾ نه رهي، ان الزامن جا جواب ڪير ڏيندو ؟؟ هن وقت مرحووم پيرزادي جي طرفان ڪير جواب ڏيندو ؟؟
سائين....عبدالحفيظ پيرزادي جي حياتيءَ ۾ جنگ جي اڳوڻي ايڊيٽر نذير لغاريءَ جو ڪالم جنگ ۾ ئي ڇپيو هو جنهن جو جواب به پيرزادي صاحب ڪونه ڏنو هو، جيتوڻيڪ اهو ڪيس شهيد ڀٽي جي حياتي بچائڻ جي آخري اميد هئي. پيرزادو صاحب، شهيد ڀٽي جي ڦاهيءَ کان ٻه ڏينهن اڳ، شريعت عدالت ۾ اوچتو اٿي بيٺو ۽ ڪنهن کي به ٻڌائڻ يا مشوري کانسواءِ اتي داخل ڪيل ڪيس واپس ورتائين، اهڙي ريت هن شهيد ڀٽي جي ڦاهيءَ جي 100 سيڪڙو گارنٽي حاصل ڪري ڇڏي. درحقيقت جنرل ضياءَالحق پيرزادي توڙي جتوئي ٻنهي کي وزيراعظم بڻائڻ جو الڳ الڳ آسرو ڏنو هو. ڇا اوهان کي خبر ناهي ته پيرزادو آخري دم تائين جنرل پرويز مشرف لاءِ اهو رول ادا ڪندو جيڪو شريف الدين پيرزادو ملٽري ڊڪٽيٽرن لاءِ ڪندو رهيو. اهي سڀ ڳالهيون سندس حياتيءَ۾ ميڊيا ۾ به شايع ٿيون هيون. منهنجو ڪالم روزاني سنڌ ايڪسپريس ۾ 8 سيپٽمبر 2015تي چپيل پڙهندا. جيڪڏهن ڪا غلط ڳالهه لکيل آهي ته سندس ننڍو ڀاءُ مجيب پيرزادو به جواب ڏئي سگھي ٿو. مون پيرزادي صاحب جي حياتيءَ ۾ سڀ تفصيل پنهنجي انگريزي آن لائين اخبار سنڌ ٽه ڊي ۾ لکيا هئا پر پيرزادي ان جي ترديد نه ڪئي ۽ نه ئي ڀٽي صاحب جي وڪيل عبدالحفيظ لاکيَ جي بي بي سي کي ڏنل انٽرويو جي ۽ نه ئي وري جنگ جي اڳوڻي ايڊيٽر نذير لغاريءَ جي جنگ ۾ ڇپيل اهڙي ڪالم جي ـ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top