پنهنجو سال نه وڃايو جي مئٽرڪ ۾ هڪ يا ٻن پيپرن ۾ فيل آهيو ته داخلا وٺي سگهو ٿا Admission open forXI & XII students. X Fail in One or 2 (Matric) Pappers also may Apply. Subjects Science : (Pre-Engg., Pre-Medical) & Computer Science. سيٽون محدود جلدي اچو جلدي وٺو جي بُنياد تي داخلائون جاري آهن. فرسٽ يئير ۽ انٽر سائنس (پري انجنيئرنگ ۽ پري ميڊيڪل) ۾ داخلائون جاري آهن. اُهي به اپلاءِ ڪري گهن ٿا جيڪي مئٽرڪ ۾ هڪ يا ٻن پيپرس ۾ فيل ٿيا آهن ۽ سپلمينٽري ڏيڻ جي تياريءَ ۾ آهن. پنهنجو سال ڇو وڃايو هڪدم اسان سان رابطي ۾ اچو
هڪ ڳالهه ٿو ڪريان! ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو ! ڇا توهان کي خبر آهي ته اُهي ماڻهون به پاڻ کي فخر سان سنڌي ، سنڌ جو مُفڪر ۽ سنڌ لاءِ پتوڙيندڙ ،سنڌ جو نمائندو سڏرائين ٿا جيڪي سنڌي هُجڻ جي ثابتي ڏيڻ وارا اکر (ٻ، ڱ، ڻ، ڏ،ڄ) وغيره نه صرف اُچاري نٿا سگهن پر سنڌي ٻولي ، ان جي محاورن ۽ پرولين سان گڏ اُچارن جي ٽنگ ڀڄڻ جا ماهر آهن ۽ نه اُن سنڌيءَ جو گرامر ، ان جو ماحول نه سمجهي سگهن ٿا، نه سمجهائي سگهن ٿا، نه ڳالهائي سگهن ٿا پوءِ به چون ٿا ته اسان سنڌي آهيون ! حيرت آ ته هي ڪهڙا سنڌي آهن جيڪي ٿورڙي پريڪٽس ڪري سنڌي اکر اُچارڻ نٿا سکن يا صحيح سنڌي ٻولي نٿا ڳالهائڻ سکن. ڇا توهان کي به حيرت ٿئي ٿي؟ ۽ اهڙا سنڌي چاهين ٿا ته لکت ۾ سنڌي اکر مٽجي وڃن ۽ رومن انگريزي لکت ۾ انهن اکرن جي جاءِ وٺي جڏنهن ته ڀرڳڙي صاحب ۽ اهڙا اڳيان پويان سنڌ پرست سنڌي سافٽ ويئر تيار ڪري ڪمپيوٽر ۽ اينڊرائيڊ موبائل لاءِ پيش ڪن ٿا ۽ جيڪي محنت ۽ مسلسل جدوجد سان سنڌي ٻولي ۽ انهن جي اُچارن کي هيل تائين جي نسل تائين کڻي آئي آهي ته هو به جوابداريءَ جو احساس ڪندي آئنده نسل لاءِ اڳتي وڌائين نه ڪه سنڌي اکرن، اُچارن جو وجود مٽائي رومن انگريزي آڻين. حيرت آهي ته اهي سنڌي دوست اهو به نٿا سمجهن ته سنڌي ٻوليءَ جا اهي سڀئي (اسپيشل سنڌي اکر ۽ اُچار ) به انهن ئي انگريزن ڏياريا جن جي هي تقليد ڪرڻ چاهين ٿا ۽ سنڌي الفابيٽ جي مقابلي ۾ رومن انگريزي سنڌي آڻڻ چاهين ٿا. انگريزن ئي سنڌي لفظ جوڙايا ۽ عربيءَ مان آندا ته جيئن انگريز آفيسر به سنڌي ڳالهائي ۽ اُچاري سگهن. ۽ هي سنڌي دوست وري اُبتو ڪم ڪن ٿا. ته اهو فرق اڇي انگريز ۽ رومن ڪاري سنڌي انگريزن جو ! (ڇا ٿو ٻُڌائي)؟ ته ڇا توهان جي خواهشن جو احترام ڪري موبائل ۽ ڪمپيوٽر لکت ۾سهولت لاءِ اسان پنهنجي سنڌيت ۽ سنڌي اکن ۽ اُچارن جو خاتمون آڻيون ؟.جيڪو اڳ ئي گهڻي ڀاڱي اسانجي اپر سنڌ جي ٽيليويزن تي ڪم ڪندڙن سنڌي ڊرامان نگارن، اخباري رپورٽرن ۽ ايڊيٽرن، ليکڪن ، شاعرن ۽ اديب دوستن سرائڪي زبان ۾ مڪس ڪري اصلي ۽ سولي سنڌي ٻوليءَ کي ڪنورٽ ڪري ڇڏيو آهي. باقي رهي ان غلط ٻولي ۽ لهجي کي سڌارڻ ۽ اصلي ڪرڻ بجاءِ ويتر اسان ان کي روم انگريزي ڪري ڇڏيون؟ ته دوستئو ! هڪ ڳاله ٿو ڪريان ! ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو! سنڌي اکر ۽ اُچار بچايو ! خالص سنڌي ٻولي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪريو ، پنهنجي ٻولي بچايو، سنڌ بچايو. سنڌ سلامت ته سنڌي سلامت.