• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اردو ٻوليءَ کانسواءِ پاڪستان هلي نه ٿو سگھي، اردو ملڪ جي ضرورت آهي ۽ مجبوري آهي: امر جليل

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
نامياري ليکڪ امر جليل جون ڳالهيون ـ اردو ٻوليءَ کانسواءِ پاڪستان هلي نه ٿو سگھي، اردو ملڪ جي ضرورت آهي ۽ مجبوري آهي ـ جڏهن محترم امر جليل مذهب ۽ ڪجھه ٻين مسئلن تي وقت به وقت ڀٽڪيل ڳالهيون ڪري ٿو ۽ اها ڳالهه سوشل ميڊيا تي بحث لاءِ اچي ٿي ته ڪجھه سنڌي ڏينڀوءُ وانگيان ورائي وڃن ٿا ـ
هاڻي امر جليل صاحب ڪاوش اخبار موجب اردوءَ جي فائدي ۾ زمين آسمان هڪ ڪندي فرمائي ٿو: اردو ٻوليءَ کانسواءِ پاڪستان هلي نه ٿو سگھي، اردو ملڪ جي ضرورت آهي ۽ مجبوري آهي ته اسان جا سنڌي ماٺ ۾ ڇو آهن؟...ڪو تبصرو ڇونه ٿا ڪن؟ ڀلي امر جليل جي اردوءَ جي رمارڪس جي حمايت ڪن يا اختلاف ڪن، اهو سندن حق آهي پر لکن ته سهي، سندن خاموشي عجب ۾ وجھندڙ آهي ـ
http://www.thekawish.com/beta/epaper-details.php?details=2015/Sept/05-09-2015/Page2/P2-35.jpg

P2-35.jpg
 
جيڪڏهن امر جليل سنڌ سان نفرت ڪري ٿو ته پو۽ ڪير آهي جو سنڌ سان محبت ڪري ٿو؟
امر جليل جي لفظن کي سمجهڻ لا۽ به اهڙي ئي عقل جي ضرورت آهي.
 
جيڪڏهن امر جليل سنڌ سان نفرت ڪري ٿو ته پو۽ ڪير آهي جو سنڌ سان محبت ڪري ٿو؟
امر جليل جي لفظن کي سمجهڻ لا۽ به اهڙي ئي عقل جي ضرورت آهي.
اوھان بلڪل صحيح پيا چئو بدقسمتي سان اسان کي صرف وڙھڻ جي طرف راغب ڪيو ويو آھي جنھن سان اسان کي صرف نقصان ئي مليو آھي.ضروري ناھي ت حق صرف وڙھي ۽ نفرت ڪري وٺي سگھجن ٿا.اسان کي پاڪستان ۾ رھي ڪري ئي پنھنجي عزت . مان.مقام ۽ رتبو حاصل ڪرڻو آھي
 
هي سنڌي ساه نفرت ڪري ٽو.
جيڪڏهن امر جليل سنڌ سان نفرت ڪري ٿو ته پو۽ ڪير آهي جو سنڌ سان محبت ڪري ٿو؟
امر جليل جي لفظن کي سمجهڻ لا۽ به اهڙي ئي عقل جي ضرورت آهي.
محترم عزيزالله ميمڻ صاحب پنهنجي تبصري ۾ سنڌي جو لفظ ڪتب آندو آهي، سنڌ نه، ظاهري طرح سندس اشارو سنڌي ٻوليءَ ڏانهن آهي ـ هونئن به ماڻهوءَ جي کرڻ جي ڪا عمر نه هوندي آهي ـ اوهان روزاني سنڌ ايڪسپريس ۾ 08 سيپٽمبر 2015 تي منهنجو ڪالم پڙهي ڏسو ته ڪيئن شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي جي زندهه بچڻ جي آخري اميد شريعت عدالت هئي ۽ اوچتو سندس وڪيل عبدالحفيظ پيرزادو اٿي بيٺو ۽ ڪنهن سان به صلاح مصلحت ڪرڻ کانسواءِ پنهنجو ۽ شفيع محمديءَ جا ڪيس واپس وٺي شهيد ڀٽي جي ڦاهي جي 100 سيڪڙو خاطري ڪري ڇڏيائين ـ هن شهيد ڀٽي جا احسان پل ۾ وساري ڇڏيا ـ ساڳي ڳالهه غلام مصطفى جتوئي به ڪئي ـ مان ذاتي طرح امر جليل کي گذريل 45 ورهين کان وڌيڪ سڃاڻان ـ عمر جي هن حصي ۾ سندس ڪيتريون ڳالهيون گمراهه ڪن آهن ـ حضرت عليءَ جو قول آهي ته اهو نه ڏسو ته ڪير ٿو چوي، اهو ڏسو ته ڇا ٿو ڇوي ـ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اوھان بلڪل صحيح پيا چئو بدقسمتي سان اسان کي صرف وڙھڻ جي طرف راغب ڪيو ويو آھي جنھن سان اسان کي صرف نقصان ئي مليو آھي.ضروري ناھي ت حق صرف وڙھي ۽ نفرت ڪري وٺي سگھجن ٿا.اسان کي پاڪستان ۾ رھي ڪري ئي پنھنجي عزت . مان.مقام ۽ رتبو حاصل ڪرڻو آھي
امر جليل جي بيان تي سڌي ريت تبصرو ڪريو ته ڇا سندس چوڻ درست آهي ته اردوءَ کانسواءَ پاڪستان هلي نه ٿو سگھًي؟
 
اوھان بلڪل صحيح پيا چئو بدقسمتي سان اسان کي صرف وڙھڻ جي طرف راغب ڪيو ويو آھي جنھن سان اسان کي صرف نقصان ئي مليو آھي.ضروري ناھي ت حق صرف وڙھي ۽ نفرت ڪري وٺي سگھجن ٿا.اسان کي پاڪستان ۾ رھي ڪري ئي پنھنجي عزت . مان.مقام ۽ رتبو حاصل ڪرڻو آھي
امر جليل جي بيان تي سڌي ريت تبصرو ڪريو ته ڇا سندس چوڻ درست آهي ته اردوءَ کانسواءَ پاڪستان هلي نه ٿو سگھًي؟
 
محترم عزيزالله ميمڻ صاحب پنهنجي تبصري ۾ سنڌي جو لفظ ڪتب آندو آهي، سنڌ نه، ظاهري طرح سندس اشارو سنڌي ٻوليءَ ڏانهن آهي ـ هونئن به ماڻهوءَ جي کرڻ جي ڪا عمر نه هوندي آهي ـ اوهان روزاني سنڌ ايڪسپريس ۾ 08 سيپٽمبر 2015 تي منهنجو ڪالم پڙهي ڏسو ته ڪيئن شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي جي زندهه بچڻ جي آخري اميد شريعت عدالت هئي ۽ اوچتو سندس وڪيل عبدالحفيظ پيرزادو اٿي بيٺو ۽ ڪنهن سان به صلاح مصلحت ڪرڻ کانسواءِ پنهنجو ۽ شفيع محمديءَ جا ڪيس واپس وٺي شهيد ڀٽي جي ڦاهي جي 100 سيڪڙو خاطري ڪري ڇڏيائين ـ هن شهيد ڀٽي جا احسان پل ۾ وساري ڇڏيا ـ ساڳي ڳالهه غلام مصطفى جتوئي به ڪئي ـ مان ذاتي طرح امر جليل کي گذريل 45 ورهين کان وڌيڪ سڃاڻان ـ عمر جي هن حصي ۾ سندس ڪيتريون ڳالهيون گمراهه ڪن آهن ـ حضرت عليءَ جو قول آهي ته اهو نه ڏسو ته ڪير ٿو چوي، اهو ڏسو ته ڇا ٿو ڇوي ـ
امر جليل جي بيان تي سڌي ريت تبصرو ڪريو ته ڇا سندس چوڻ درست آهي ته اردوءَ کانسواءَ پاڪستان هلي نه ٿو سگھًي؟
 
اڙدو ٻوليءَ کانسواءِ ڀلا اها ڪهڙي ٻولي آهي جنهن سان پاڪستان هلي سگهي ٿو... ڇا انگريزي؟ يا توهان جي خيال موجب سنڌي..؟
 
نامياري ليکڪ امر جليل جون ڳالهيون ـ اردو ٻوليءَ کانسواءِ پاڪستان هلي نه ٿو سگھي، اردو ملڪ جي ضرورت آهي ۽ مجبوري آهي ـ جڏهن محترم امر جليل مذهب ۽ ڪجھه ٻين مسئلن تي وقت به وقت ڀٽڪيل ڳالهيون ڪري ٿو ۽ اها ڳالهه سوشل ميڊيا تي بحث لاءِ اچي ٿي ته ڪجھه سنڌي ڏينڀوءُ وانگيان ورائي وڃن ٿا ـ
هاڻي امر جليل صاحب ڪاوش اخبار موجب اردوءَ جي فائدي ۾ زمين آسمان هڪ ڪندي فرمائي ٿو: اردو ٻوليءَ کانسواءِ پاڪستان هلي نه ٿو سگھي، اردو ملڪ جي ضرورت آهي ۽ مجبوري آهي ته اسان جا سنڌي ماٺ ۾ ڇو آهن؟...ڪو تبصرو ڇونه ٿا ڪن؟ ڀلي امر جليل جي اردوءَ جي رمارڪس جي حمايت ڪن يا اختلاف ڪن، اهو سندن حق آهي پر لکن ته سهي، سندن خاموشي عجب ۾ وجھندڙ آهي ـ

سوال 1: اگر امر جليل جي باقي ڳالهين کي صحيح ٿا سمجهون ته پو صرف هڪڙي ڳالھ جي ڪري اهو ڪيئن ٿا چئي سگهون ته هُو کري پيو آهي؟ ڇا اِها هُن جي را نه ٿي ٿي سگهي؟
سوال2: ڇا "اردو۽ پاڪستان" بابت بيان کي (صرف سنڌي نه بلڪه) پاڪستاني طور سوچي ڏٺو اٿو؟
1. جي نه ته پو اهو به سوچيو سنڌ پاڪستان ۾ آهي، پاڪستان سنڌ ۾ نه... سنڌ کان علاوه به پاڪستان جا صوبا ۽ علائقا آهن... جن کي به سنڀالڻو آهي. پاڪستان جي شهرين کي پوري ملڪ ۾ سفر ڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جا اختيار آهن. اهڙي صورت ۾ هو پنهنجي علائقي کان ٻاهر ڪيئن ڳالهائي سگهندا؟
ب. جي ها ته پو اردو جي جا ڪهڙي ٻولي کي وٺڻ گهرجي؟

 
جناح صاحب جي ويهاريل نيشنل لينگئج ڪميشن پاڪستان ٺهڻ مهل عربي کي قومي رابطي جي ٻولي طور رائج ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي جيڪا لياقت خان درگزر ڪري اردو کي اسان جي مٿۇن مسلط ڪيو۰ هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ت عربي ب ت ڌاري ٻولي آ۰ ان جو جواب اهو آهي ت علائقي جا ماڻهن کي مسلمان هجڻ جي ناطي کين پنهنجو دين سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ها ٻيو ت دنيا جي وڏين ريجنل ٻولين مان هڪ آهي ٽيون ت عربي سنڌئ جي مٿۇن پهاج وانگر ن پوي ها جو لٽي ڦري سنڌئ کي ناس ڪري ڇڏي۰ اردوء سان ڪو اسان کي وير ڪونهي مجموئي طور ساۇٿ ايشيا جي مسلمانن جي ٻولي آهي پر جڏهن سنڌيء کي هر جاء تۇن ختم ڪري اردو رائج ڪيۇن جيڪو اردو جي طرف سنڌين جي موجوده رد عمل جو سبب بڻيو۰ اسڪولن مان سنڌي ختم ڪري اردو رائج ڪئي وئي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ڊئريڪٽر ايڊيوڪيشن هيو ۽ نهايت ٿڌو ماڻهو ھيو ان کي ب اهو چوڻو پيو ت اين جي وي اسڪول مان سنڌي منهنجي لاش تي ختم ٿيندي۰
مان چين ۾ ڏٺو ت انگريزي اچين پئي اسان سان انگريزي ۾ ڳالهائين پيا تڏي ب تقريرون پنهنجي چيني ۾ پيا ڪن ۽ انٽرپريٽر ويهاري اسانکي انگريزي ۾ پيا ٻڌائين۰ مان انهن جي ڊئريڪٽر کۇن پڇيم ت چيائين ت جيئن اسان جي ٻولي کاڄي ن وڃي۰ پاڪستان ۾ شامل ٿيل ڪنهن ب علائقي جي ٻولي ايتري شاهوڪار ن هئي جيترو اسان جي سنڌي هئي تنهن جي ڪري ڌاڙ گهوڙا اهو ڪندو جيڪو لٽبو آ۰
سنڌ يونيورسٽي پهريون ڪراچيء ۾ هئي، اتۇن پٽي کڻي آيا حيدرآباد۰ جيستائين پنهنجي ڪيمپس ٺهيس تيستائين اولڊ ڪيمپس جي کڏئ ۾ سنڌ يونيورسٽي پئي هلي۰ ڪراچيء ۾ سنڌ يونيورسٽئ جي خالي ڪيل جاء تي ڪراچي يونيورسٽي اچي وئي۰ سوچيل سمجهيل منصوبي هيٺ سنڌئ کي ڪڍي اردو آندي وئي۰ گهر ڌڻي کي ڪڍي ٻاهرين ماڻهوء کي ويهاربو ت عذاب ٿيندو۰ اردو ٻولي جي ڪارڪردگي سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ مختلف آهي۰ سنڌ ۾ سنڌئ کي ڪڍي اردوء کي جاء ڏني ٿئون ٻين صوبن ۾ اتئون جي ٻولين جو ڪو نقصان ناهي ٿيو۰ منهنجي ڀاء جا پوٽا پوٽيون قاسم آباد جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهن پيا هاڻي ب اتي سنڌي ڳالهائڻ جي منهه آهي باقي اردوء ۾ ڳالهائڻ تي اعتراض ناهي ٻار پاڻ ۾ جي کڻي سنڌيء ۾ ڳالهائيندا ت ٽيچر جي رڙ پئي پوندي نو ٽاڪنگ ان سنڌي۰
باقي رهي ڳالهه ت پاڪستان لاء ڪيتري قدر اردو ضروري آهي ت انهئ لاء عرض آهي ت اردو مروج ٿيل آهي تنهن جي ڪري لڳي ٿو ت پاڪستان ۽ اردو لازم ملزوم آهن پر حقيقت ۾ ايئن ڪونهي۰ جڏهن ب ڪا تبديلي ايندي آهي ت ان جي لاء ٽرانزيشن پيريڊ گهربل هوندو آهي باقي جي هاڻي اردو مروج آهي ت آهي۰ بس۰ پوين ڏينهن ۾ وسعت الله خان بي بي سي جي پروگرام بات سي بات ۾ اردو رائج ڪرڻ بابت پروگرام ڪيو ٻڌڻ وٽون آ۰ سندس ڳالهه جو مطلب اهو ت اردو تي رحم ڪيو ماڻهن جي دلين ۾ اردو لاء نفرت پيدا ن ڪيو ۰


باوا آدم سے آج تک جتنی بھی زبانیں ہیں سب کی سب عام آدمی کے ہاں پیدا اور جوان ہوئیں۔ کچھ کا قد کاٹھ زیادہ نکل گیا، کچھ ٹھگنی رہ گئیں اور بہت سی زمانے کے ہاتھوں معدوم ہوگئیں۔ خود ساختہ محلاتی سرپرستوں نے بس اتنا کیا کہ پلی پلائی زبانوں میں سے کچھ کو اپنی ریاستی ضروریات اور محکوموں سے روزمرہ رابطے کی خاطر گود لے لیا، اللہ اللہ خیر صلا۔

زبان کی چابی ماں کے پلو میں بندھی ہوئی ہے اور زبان کے مالک اس ماں کے بچے ہیں ۔اسی لیے نسل اور زبان ہمیشہ سے بہترین ہمسفر ہیں۔

تو پھر لوگ مادری زبان کے ہوتے دیگر زبانیں کیوں سیکھتے ہیں؟ دو ہی وجوہات سمجھ میں آتی ہیں۔ ضرورت یا پھر شوق۔ زیادہ تر لوگ ضرورت کے تحت سیکھتے ہیں یعنی رابطے، تعلیم اور روزگار کے لیے۔

گویا زبان بھی اجناس کی طرح طلب اور رسد کے اصولوں کی محتاج ہے اور طلب و رسد کا اصول بدلتے دور اور ضروریات کے مطابق لباس بدلتا رہتا ہے۔ کبھی یونانی، کبھی لاطینی، کبھی عربی، کبھی فارسی و ترک تو کبھی انگریزی، فرانسیسی و ہسپانوی و روسی اور آج کل چینی۔

مگر کئی سماجی اکائیاں نسلی و جغرافیائی اعتبار سے اتنی متنوع ہیں کہ باہمی رابطے معاشی تعلق اور نظم و نسق کے لیے بہت سے خطوں میں ایک سے زائد زبانیں سیکھنے کی ضرورت پڑتی ہے جیسے شمالی برِصغیر کے لوگ تو آسانی سے ہندی اور اردو میں باہم سمجھ سمجھا سکتے ہیں لیکن اتر پردیش کے کسی بیورو کریٹ کو تمل ناڈو کے کسی سیاستداں سے بات کرنی ہو تو وہاں ہندی کی جگہ انگریزی خود بخود رابطے کی زبان ہو جاتی ہے۔


اس تاثر کے پیچھے حقیقت سے زیادہ عقیدت ہے۔ زبان کا علاقہ ہوسکتا ہے مذہب نہیں ورنہ مشرقِ وسطیٰ کے عیسائیوں کی مادری زبان عربی اور ایرانی یہودیوں کی مادری زبان فارسی اور پنڈت نہرو کی زبان ٹھیٹھ الہ آبادی اردو کاہے کو ہوتی اور وادیِ تیراہ کے سکھ گھر میں بھی پشتو ہی کیوں بولتے؟

جیسے جیسے کسی طاقت ور گروہ کا نظریاتی، سیاسی، ثقافتی و جغرافیائی دائرہ دیگر لسانی گروہوں اور خطوں تک پھیلتا جاتا ہے تو دوسری زبانیں بھی لاشعوری طور پر غالب گروہ کے ثقافتی و لسانی اثرات قبول کرتی جاتی ہیں۔ مثلاً وسطی ایشیا کی ترکی پر روسی اثر، فارسی و سندھی پر عربی اثر، پشتو اور بلوچی پر فارسی اثر، مغربی، وسطی و شمال مشرقی برِصغیر کی زبانوں پر سنسکرتی اثر اور اب ہر مشرقی زبان پر انگریزی کے اثرات۔

چنانچہ جب بنگالیوں کو ایک روز اچانک بزبانِ انگریزی بتایا گیا کہ آج سے سرکاری زبان اردو ہے تو ان کی سمجھ میں یہ بات نہیں آئی کیونکہ ان کی زبان عربی و فارسی کی بجائے سنسکرت شاخ سے تعلق رکھتی تھی۔ اگر بنگالیوں کو بتایا جاتا کہ ان کے اور دیگر پاکستان کے درمیان رابطے اور نامہ بری کی زبان انگریزی ہوگی تو شاید بات اتنی آگے نہ بڑھتی۔

بنگالیوں کے برعکس پنجابیوں کو اردو بطور قومی زبان اپنانے میں یوں دقت نہیں ہوئی کیونکہ فاتحین کی لگاتار گذرگاہ ہونے کے سبب ترک، فارسی، عربی اور مقامی سنسکرتی لفظیات کے چبوترے پر بنی صوفی خانقاہوں میں عوامی میل جول اور کثیر نسلی اختلاط سے جنم لینے والی زبانِ اردو یا ہندوستانی ایک عام پنجابی کے لیے اجنبی نہیں تھی ویسے بھی پنجاب جغرافیائی لحاظ سے اردوِ معلی کی دیوار (دہلی) سے لگا بیٹھا تھا۔

سندھ کا سیاسی و ثقافتی تعلق چونکہ ہزار برس سے عرب، ایران و وسطی ایشیا کے فاتحین اور صوفیا سے جڑا ہوا ہے اور انگریزی دور میں انتظامی تعلق بمبئی سے رہا لہذا اردو کی لشکری لفظیات سے ایک عام سندھی کے کان مسلسل آشنا رہے۔

پچھلے 500 برس میں افغانوں نے شمالی و وسطی ہندوستان سے مشرق میں بنگال تک سینکڑوں بستیاں اور درجنوں چھوٹی بڑی ریاستیں اور تعلقے آباد کیے۔کابل، پشاور و ہزارہ کا کاروباری تعلق بھی دہلی اور بمبئی سے لگ بھگ 200 برس پر پھیلا ہوا ہے اس لیے پاکستان نہ بھی بنتا تو بھی پنجابیوں، پشتونوں اور سندھیوں کی دیگر دیسیوں سے رابطے کی زبان اردو یا ہندوستانی ہی ہوتی۔

لیکن فطری انداز میں پنپنے والے بین السانی درخت میں جب تقسیم کے بعد لاہوری و دہلوی احساس ِ برتری کے سرکاری چاقو سے اردو کی قلم لگانے کی کوشش کی گئی تو پھر رابطے کی فطری زبان کے مکالمہ میں ضد اور جوابی ہٹ دھرمی کا زہر گھل گیا۔ رہا سہا کام اردو کو مسلم ثقافت اور حب الوطنی سے غیر ضروری طور پر نتھی کرنے کی ذہنیت نے اتار ڈالا۔

یہ راز عام آدمی سے زیادہ کور چشم ریاستوں کو جاننے کی ضرورت ہے کہ زبانیں خودرو ہوتی ہیں ان کی فارمنگ نہیں کی جاسکتی۔ (اسرائیل میں عبرانی کی جدید فارمنگ کے تجربے کو عمومی ارتقائی مثال قرار نہیں دیا جاسکتا)۔ جس کو جس زبان کی ضرورت درپیش ہوگی وہ بلا ہدایت اسے رابطے کی زبان بنا لے گا جیسے چینی خود بخود انگریزی سیکھ رہے ہیں اور مغربی باشندے چینی سیکھنے میں دلچسپی لے رہے ہیں۔

آپ میری زبان کی عزت کرو گے تو میں آپ کی زبان کو عزت دوں گا۔ اگر ریاست لسانی ڈنڈہ چلائے گی تو مضروب بھلے رابطے کی زبان سیکھے نہ سیکھے رابطے کی زبان میں پنہاں گالیاں سب سے پہلے سیکھے گا تاکہ تھوپنے والے تک ٹھیک ٹھیک جذباتی ابلاغ ہوسکے۔

ایک کہاوت ہے کہ پشتون کو آپ پیار سے دوزخ میں دھکیل سکتے ہو مگر زبردستی جنت میں بھی نہیں بھیج سکتے یہی کہاوت زبان پر بھی صادق ہے ، بھلے نفاذِ اردو ہی کیوں نہ ہو۔
 
سائين سومرو صاحب توهان جي اشاري ۽ وري وصعت الله خان جهڙي نالي مجبور ڪيو ته سندس آرٽيڪل توهان جي ليک ۾ لنڪ ڪري لڳائي به ڇڏيم.. سندس لکڻي جي انداز ۽ وري آخري مثال آرٽيڪل ختم ڪندي چهري تي مسڪراهٽ وکيري ڇڏي... ڳالهيون سڀ ڳُڙ پر ڦري گهري وري به هن موضوع جي عنوان تي ئي ڳالهائڻو پوندو... عرض ته مٿيان سوال ان ڪري اٿاريا ويا آهن ته جيڪڏهن اسان اردو ٻوليءَ کي پوري پاڪستان ۾ نه لڳائينداسين ته ان کانسواءِ ڪهڙي علائقائي زبان آهي جيڪا پوري پاڪستان ۾ سمجهي ويندي...
جيڪڏهن ڳالهه سنڌيءَ جي ڪجي ته هميشه آڱريون حڪومت يا ڌارين ڏي ٿيون وڃن اسان جي ٻوليءَ لاءِ به جيڪي ڪجهه ڪرڻو آ ته انهن کي ئي ڪرڻو آ... پر وصعت الله خان جي هڪ نقطي تي توهان غور ڪيو ته چائنا وارا انگريزي جڏهن ته انگريزي چائينيز ٻولي سکڻ ۾ دلچسپي پيا وٺن.. سبب ڇا آهي..؟ سبب آهي بزنيس؟ ۽ جي اهو ناهي تڏهن به ڪو سبب ته آهي... جڏهن ته مغرب ۽ مشرق ته ٺهيو پر پاڪستان ۾ ئي ڌاريا سنڌي ٻولي آخر سکندا ڇو...؟ ۽ وري حڪومت اهڙي ٻولي کي ختم ڪري جيڪا هتان جي هر علائقي ۾ سمجهي ۽ ڳالهائي پئي وڃي کي ختم ڪري سنڌي زبان کي رائج ڪندي اهو ڪيئن ممڪن آهي...

جيڪڏهن توهان انگريزن جو مثال ڏيندو ته ان وقت شايد اردو ڪمزو ۽ سنڌي پختي زبان هئي.. وڌيڪ موضوع آڻيندڙ محترم ساٿي وضاحت ڪندا ته هو امر جليل جي اهڙي بيان کي ڇو ٿا غلط سمجهن .. ته وڃي واضح ٿيندو..
 
ذيشان رشيد وسعت الله خان جي لنڪ شامل ڪرڻ جي مهرباني۰ اردوء جي جاگرافيائي ضرورت هجڻ تي اعتراض ناهي پر اردوء جو سنڌيء تي ڌاڙي هڻڻ تي اعتراض آهي۰ وسعت الله خان چواڻي پٺاڻ کي پيار سان دوزخ ۾ موڪليندۇ هليو ويندو زورئ بهشت ۾ ب ن ٿا موڪلي سگهوس۰ برطانيه ۾ سڪاٽ لينڊ جي ٻولي ئي ظاهر ناهي، بادشاه ويلس جو سڏائي ويٺو انگلينڊ ۾ آ۰ ضرورت آهر ماڻهو ڳالهائي يا ڪا ٻولي سکي اها ٻي ڳالهه آ اون سنڌئ تي ڌاڙو هڻڻ جي ڳالهه ٻي آ۰ انهئ اردوء اسان جا ٻچا ڪهايا هن تڏي ب غالب وڻين ٿو۰
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سائين.....امر جليل اردو اخبارجنگ ۾ سڀ ڪوڙ جي عنوان سان اردوءَ جي واکاڻ ۾ زمين آسمان هڪ ڪرڻ کانپوءِ لکيو هو ته پاڪستان کان ٻاهر وڃو ته اوهان کي انگريزي ڪونه ملندي ۽ مزي جي ڳالهه ته ان جي مخالفت جنگ ۾ ئي ڇپيل ڪجهه اردو ڪالمسٽن به ڪئي ته اهو درست ڪونهي ته پاڪستان کان ٻاهر انگريزي ڪونهي. ـ مون ساري دنيا گھمي آهي، مون کي ته هرهنڌ انگريزي ڳالهائڻ وارا مليا جن ۾ پيرس ۽ ٽوڪيو به شامل هئا ـ مان ته سري لنڪا، هندوستان، بنگلاديش، مليشيا، سنگاپور، بئنڪاڪ، منيلا. هانگ ڪانگ، آمريڪا، ڪيناڊا، برطانيا، جپان، فرانس، جرمني، ڪينيا، ايران، وچ اوڀر جا ملڪ وغيره گھمڻ ويس ته مون کي ته هرهنڌ انگريزي ڳالهائيندڙ عام مليا.
 
امر جليل اردو اخبارجنگ ۾ سڀ ڪوڙ جي عنوان سان اردوءَ جي واکاڻ ۾ زمين آسمان هڪ ڪرڻ کانپوءِ لکيو هو ته پاڪستان کان ٻاهر وڃو ته اوهان کي انگريزي ڪونه ملندي


سائين محمد خان سيال صاحب اسانکي ڳولهڻو پوندو ت ضياجي ڪاري دور ۾ بي ڊپائيء سان تنهنجون منهنجيون ڳالهيون لکڻ واري امر جليل کي ڇا ٿيو آهي؟ عمر جي پوئين پهر ۾ ٻن بيمارين جو خدشو وڌي ويندو آهي۰ هڪ دماغ جو پنهنجي جاء تان کسڪي وڃڻ ۽ ٻيو پئسي جي لالچ۰ جاچ ت ڪجي ت همراھ کي ٿيو ڇاهي؟ ڪو ٻار ب سمجهي سگهي ٿو انگريزي سڄي دنيا ۾ بين الاقوامي ٻولي جو درجو ٿي رکي۰ مونکي لبيا، موراڪو، پورچوگال، اسپين، پيرس، قاهرا، چين، ويتنام، سري لنڪا ۾ ڪاٿي ب انگريزي جي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ ڪا رڪاوٽ نظر ن آئي۰ ڇڙو استنبول ۾ انگريزي ڪم ن آئي باقي ايتريقدر جو مديني شريف ۽ مڪي شريف ۾ ب انگريزي مۇن ٿورو ٿڪو ڪم هلي پيو۰ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ت هن ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاء اهو سودو ڪيو آ؟ ايئن ٿي ن ٿو سگهي جو هن ايئن ئي حوال ڪٽيو هجي۰ ڪنهن مخصوص خدمت جي بجا آوري کۇن سواء ٻيو ڪجهه لڳي ن ٿو۰
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
چائنا وارا انگريزي جڏهن ته انگريزي چائينيز ٻولي سکڻ ۾ دلچسپي پيا وٺن.. سبب ڇا آهي..؟ سبب آهي بزنيس؟ ۽ جي اهو ناهي تڏهن به ڪو سبب ته آهي... جڏهن ته مغرب ۽ مشرق ته ٺهيو پر پاڪستان ۾ ئي ڌاريا سنڌي ٻولي آخر سکندا ڇو...؟ ۽ وري حڪومت اهڙي ٻولي کي ختم ڪري جيڪا هتان جي هر علائقي ۾ سمجهي ۽ ڳالهائي پئي وڃي کي ختم ڪري سنڌي زبان کي رائج ڪندي اهو ڪيئن ممڪن آهي.....

ذيشان رشيد توهان سچ ٿا چئو پر توهان اڄ جي حالتن جو ذڪر ٿا ڪيو ۽ مان سنڌ ۽ سنڌي ٻولئ کي اڄ واري حالت تي پهچائڻ وارن سببن جو ذڪر پئي ڪيو
 
سائين.....امر جليل اردو اخبارجنگ ۾ سڀ ڪوڙ جي عنوان سان اردوءَ جي واکاڻ ۾ زمين آسمان هڪ ڪرڻ کانپوءِ لکيو هو ته پاڪستان کان ٻاهر وڃو ته اوهان کي انگريزي ڪونه ملندي .

محمد خان سيال سائين ڀلا جي عنوان ئي سڀ ڪوڙ ٿس ت پوء ت ٿيو ئي ڪورڙ ن پو ڇو ويهي پنهنجو مٿو ڪپايون؟ پر ڀۇ توهان واري ڳاله جو ٿئي ٿو ت ماڻهو جي کرڻ جي ڪا عمر ناهي هوندي۰
 
Back
Top