هن وقت واٽس ايپ، موبائيل ميسيجنگ جو جديد ترين نظام تصور ڪيو پيو وڃي جنهن جا استعمال ڪندڙ تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن... اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ سوشل رجحان وڌڻ ڪري مختلف نيٽورڪ ڪمپنيز فيس بوڪ سان گڏو گڏ واٽس ايپ به مفت يا تمام گهٽ ريٽس ۾ استعمال ڪرڻ جون سهولتون پيش ڪري رهيون آهن...
هوئن ته اسان مان ڪافي ساٿي واٽس ايپ استعمال ڪندا هوندا پر انهن مان شايد ڪجهه ئي واٽس کي مڪمل طور سمجهي سگهيا هجن... هتي دوستن جي سهولت، فائدي ۽ معلومات خاطر هن ئي موضوع ۾ واٽس ايپ جي اهم نقطن، ٽپس ۽ رازن کي وائکو ڪيو ويندو ته جيئن واٽس جو درست، بهتر ۽ فائديمند استعمال سکي سگهجي...
**********
واٽس ايپ کي ڪنهن نمبر کان سواءِ استعمال ڪريو.. ڇا توهان کي خبر آهي ته توهان واٽس ايپ کي ڪنهن نمبر کان سواءِ ئي استعمال ڪري سگهو ٿا..؟ جي ها توهان سوال ۽ عنوان کي درست پڙهيو آهي... مان واٽس ايپ بغير نمبر جي استعمال ڪرڻ جي ئي ڳالهه ڪري رهيو آهيان...
ته پوءِ طريقي ڪار معلوم ڪري ڏسو...
To: +447900347295
From: +(Country code)(mobile number)
Message: Your email address
جلد ئي توهان واٽس طرفان ويريفڪيشن اي ميل ذريعي وصول ڪري وٺندو... جنهن کان پوءِ واٽس ايپ بغير نمبر شامل ڪرڻ جي کلي ويندي... ۽ استعمال ٿي سگهندي... ان طرح توهان پنهنجي سمورن دوستن جي نمبرن کان واقف ته هوندو ئي پر توهان جا دوست توهان جي واٽس ايپ نمبر کان واقف نه هوندا... انهن وٽ توهان جو نالو ئي ظاهر ٿيندو... هي عمل خاص طور محتاظ رهندڙ فيميلز لاءِ فائديمند رهندو ...
ياد رهي ته مٿيون سمورو عمل توهان وائي فائي سان منسلڪ ٿيندي ئي مڪمل ڪري سگهندو...
گهڻا ماڻهون چاهيندا آهن ته واٽس ايپ تي ٿيل ڪنهن ساٿي سان ڪچهري کي تصويرن ۽ وڊيوز سميت ڪمپيوٽر تي ڏسجي... پر کين خبر ناهي هوندي ته هو اهو عمل ڪيئن ڪري سگهندا.. پر هاڻي توهان ائين ڪري سگهندو...
واٽس ايپ تي رهندي ڪنهن به ڪانٽيڪٽ تي ڪجهه دير تائين پريس ڪندا رهو ...
۽ ان جي وائي فائي ميڪ ايڊريس معلوم ڪريو.. ( settings —> About phone —> Status—> Wi-Fi MAC address )
وائي فائي ميڪ ايڊريس کي نوٽ ڪريو... ۽ فون کي وڌيڪ ڪجهه وقت لاءِ پاڻ وٽ ئي رکو جو ان جي اڃان ضرورت آهي..
هاڻي پنهنجي موبائيل مان واٽس ايپ ان انسٽال ڪريو...
پنهنجي فون جي ميڪ آئي ڊي تبديل ڪندي دوست جي فون جي نوٽ ڪيل ميڪ آئي ڊي طور رکو.. (ان سلسلي ۾ spoofing mac استعمال ڪريو)
هاڻي پنهنجي فون تي واٽس ايپ ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو..
انسٽاليشن ختم ٿيندي ئي واٽس ايپ ويريفڪيشن ڪوڊ توهان جي دوست جي موبائيل تي موڪليندي...
پنهنجي موبائيل تي ڊائونلوڊ ڪيل واٽس ايپ کي پنهنجي دوست جي موبائيل تي ايندڙ ويريفڪيشن ڪوڊ سان ويريفائي ڪريو...
۽ توهان ڪري ورتو... توهان جي موبائيل فون تي بلڪل توهان جي دوست جي واٽس ايپ جي ڊپليڪيشن ڪاپي اچي ويندي.. ۽ هاڻي هو جيڪو ڪجهه واٽس ايپ تي موڪليندو يا وصول ڪندو .. اهو سمورو توهان جي فون تي پڻ اپڊيٽ ٿيندو رهندو..
هڪ دفعو وري غلط استعمال کان روڪڻ جي استدعا ڪجي ٿي...
ٻين کي روڪيو ته جڏهن به توهان سندن ميسيج پڙهو ته هو معلوم ڪري وٺن...
واٽس ايپ جي جديد ورجن ۾ توهان پنهنجي پرائيوسي کي اهڙي نموني سيٽ ڪري سگهو ٿا ته جڏهن به توهان ڪنهن دوست جو آيل ميسيج پڙهو ته دوست اهو معلوم نه ڪري سگهي ته سندس ميسيج توهان پڙهي ورتو آهي... پر هن عمل سان هڪ نقصان اهو آهي ته ..ائين سيٽنگ ڪرڻ سان توهان به اهو معلوم ڪري نه سگهندو ته توهان جو ميسيج توهان جي دوست پڙهيو آهي يا نه....
واٽس ايپ جي سيٽنگ کوليو... (مٿي ڪارنر تي موجود ٽن نقطن تي ڪلڪ ڪريو...
توهان جي واٽس ايپ جا ڪجهه ميسيج اهڙا ضرور هوندا جيڪي توهان مناسب نه سمجهندو ته توهان جا ٻار يا توهان جا والدين ڏسن... جڏهن ته هر وقت موبائيل گهر ۾ هجڻ ڪري ان کي ڏسڻ ۽ استعمال هر ڪنهن جي پهچ ۾ به ٿي سگهي ٿو... اهڙي صورتحال ۾ Lock for whatsapp ايپليڪيشن بهتر آپشن جنهن ذريعي توهان پنهنجي واٽس ايپ کي ڪا پن رکندي لاڪ ڪري سگهو ٿا...
گهڻا ماڻهون چاهيندا آهن ته واٽس ايپ تي ٿيل ڪنهن ساٿي سان ڪچهري کي تصويرن ۽ وڊيوز سميت ڪمپيوٽر تي ڏسجي... پر کين خبر ناهي هوندي ته هو اهو عمل ڪيئن ڪري سگهندا.. پر هاڻي توهان ائين ڪري سگهندو...
واٽس ايپ تي رهندي ڪنهن به ڪانٽيڪٽ تي ڪجهه دير تائين پريس ڪندا رهو ...
پنهنجي پسنديده واٽس ايپ ڪانٽيڪٽ جو شارٽ ڪٽ بڻايو...
ٿيندو ائين آهي ته واٽس ايپ کي کولڻ سان ڊيفالٽ چيٽ ٽيب کلندو آهي.. جنهن جي ترتيب موڪليل ۽ وصول ٿيندڙ ميسيجز جي بنياد تي رکيل هوندي آهي... جيڪڏهن توهان جي موبائيل ۾ توهان وٽ واٽس ايپ ڪانٽيڪ جهجهي تعداد ۾ آهن ته پنهنجي پسند جي نمبر تي تڪڙو پهچڻ سولو ناهي هوندو ۽ اهو اڃان به وڌيڪ مشڪل ٿيندو آهي جيڪڏهن توهان جي واٽس ايپ جي ايڪٽِوٽي سوائي هجي... پر جيڪڏهن توهان واٽس ايپ تي اڪثر ڪنهن خاص ساٿي جا ميسيجز پڙهڻ ۽ ڏسڻ کي ترجيح ڏيندا آهيو ته توهان کي گهرجي ته ان ڪانٽيڪٽ جو شارٽ ڪٽ بڻايو... ان لاءِ
پنهنجي پسند جي ڪانٽيڪٽ تي ٿوري دير لاءِ پريس ڪريو ته هڪ پاپ اپ کُلندي...
ان پاپ اپ منجهان Add Conversation Shortcut چونڊيو...
توهان ڏسندو ته ان ڪانٽيڪٽ جو شارٽ ڪٽ توهان جي موبائيل جي مين اسڪرين تي ٺهي پوندو..