• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا توهان واٽس ايپ بابت سڀ ڪجهه ڄاڻو ٿا؟

يار منهنجوسيٽ هليو ويو. مان گوگل، فيسبوڪ جا پاورڊ ته تبديل ڪري ورتا پر واٽس ايپ هلي پيو ان ئي سيٽ تي، جيستائين نئون سيٽ وٺان.
بغير سيٽ جي واٽس ايپ جواڪائونٽ ڇا ڊي ايڪٽيويٽ ڪري سگهجي ٿو؟
واٽس ايپ جي آفيشل ويب سائيٽ مطابق ... توهان کي پهرين فرصت ۾ پنهنجي سم ڪارڊ کي لاڪ ڪرائڻ گهرجي ... جنهن کان پوءِ نئين سم وٺي ... واٽس ايپ کي انسٽال ڪري نئين سم تي ويريفڪيشن ڪوڊ گهرائجي... جنهن کان پوءِ پراڻي واٽس ايپ کي پاڻ مرادو بند ڪيو ويندو... پر جيڪڏهن توهان نئين سم وٺڻ جي باوجود نئين واٽس ايپ انسٽال ڪري ويريفائي جو ڪوڊ نه ٿا گهرايو ته پراڻي واٽس ايپ باوجود ان جو جو سم ڪارڊ لاڪ ٿي چڪو هجي وائي فائي تي هلندي رهندي...

وڌيڪ تفصيل لاءِ واٽس ايپ جي آفيشل سائيٽ جو هي لنڪ وزٽ ڪريو...
 
پنهنجي دوست کي حيران ڪريو... :)

  • پنهنجي موبائيل کي ڪمپيوٽر سان يو ايس بي ڪيبل جي مدد ذريعي ڪنيڪٽ ڪريو..
  • هاڻي واٽس ايپ جي پروفائيل پڪچر فولڊر (WhatsApp -> Profile Pictures ) تي اچو...

oNAcyq.jpg

  • پنهنجي دوست جي پروفائيل پڪچر جو نالو ڪاپي ڪريو ۽ پروفائيل پڪچر کي ڊيليٽ ڪريو...
  • هاڻي هڪ نئين تصوير جنهن جي سائيل 561 بائي 561 پڪسل هجي بڻايو...
  • تصوير کي ڪجهه ڊيڄاريندڙ ۽ مزيدار بڻايو...
  • تصوير جو اڳ ڪاپي ڪيل پروفائيل پڪچر نالو ۽ ڏيو ۽ ساڳي فولڊر ۾ رکو...
  • واٽس ايپ کوليو توهان جي مطلوبا دوست جي تصوير تبديل ٿي توهان جي بڻايل تصوير ٿي وئي هوندي...
  • کيس سندس جي پروفائيل پڪچر ڏيکاري حيران ڪريو.. :)
 
واٽس ايپ جي ويليڊٽي (مدو) وڌايو...

  • نمبر مٽائڻ جي آپشن (settings>Account>Change number) تي اچو...
  • هتي توهان ٻه دفعا نمبر تبديل ڪريو... مطلب پهريان ڪو ٻيو نمبر لکي تبديلي آڻيو ۽ پوءِ وري ساڳيو نمبر لکي تبديلي آڻيو...
  • ان سان واٽس ايپ توهان لاءِ پنهنجي مدي ۾ اضافو آڻي ڇڏيندي...
  • مثال توهان جو نمبر آهي... 8866 جنهن جو مدو 18 فيبروري 2015 تي ختم ٿو ٿئي...
  • توهان کي ڪرڻو اهو آهي ته نمبر مٽائڻ واري آپشن تي اچي پراڻو نمبر 8866 لکو.. ۽ نئون نمبر پنهنجي موبائيل ۾ موجود ٻي سم وارو مثال 9067 لکو...
  • اهڙي طرح هڪ دفعو عمل مڪمل ڪرڻ کان ٻيهر ساڳيو عمل دهرايو ۽ ٻئي دفعي ۾ پراڻو نمبر 9067 لکو جڏهن ته نئون نمبر 8866 لکو...
  • ۽ تاڙي ملايو.. توهان عمل مڪمل ڪري ورتو جنهن سان توهان جي واٽس جو مدو وڌيڪ هڪ سال لاءِ وڌي ويندو...


r0NRY9.jpg


گهٻرائڻ جي بلڪل به ضرورت ناهي.. هن عمل سان نه ئي توهان جي چيٽ هسٽري ڊليٽ ٿيندي ۽ نه وري ڪنهن گروپ کان ئي ٻاهر نڪرندو...
 
ڌڙڪندڙ دل آئڪان

توهان کي خبر آهي ته واٽس ايپ ايموجي ۾ هڪ آئڪان ڌڙڪندڙ دل وارو به آهي... آمائي ڏسو...


nTEKdLGTA.gif
 
پنهنجي دوست جي واٽس ايپ جي جاسوسي ڪريو... (هن ڪم جو مشورو بلڪل به نه ڏبو... :) )

  • پنهنجي دوست کان سندس موبائيل فون رڳو هڪ منٽ لاءِ وٺو...
  • ۽ ان جي وائي فائي ميڪ ايڊريس معلوم ڪريو.. ( settings —> About phone —> Status—> Wi-Fi MAC address )
  • وائي فائي ميڪ ايڊريس کي نوٽ ڪريو... ۽ فون کي وڌيڪ ڪجهه وقت لاءِ پاڻ وٽ ئي رکو جو ان جي اڃان ضرورت آهي.. :)
  • هاڻي پنهنجي موبائيل مان واٽس ايپ ان انسٽال ڪريو...
  • پنهنجي فون جي ميڪ آئي ڊي تبديل ڪندي دوست جي فون جي نوٽ ڪيل ميڪ آئي ڊي طور رکو.. (ان سلسلي ۾ spoofing mac استعمال ڪريو)
  • هاڻي پنهنجي فون تي واٽس ايپ ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو..
  • انسٽاليشن ختم ٿيندي ئي واٽس ايپ ويريفڪيشن ڪوڊ توهان جي دوست جي موبائيل تي موڪليندي...
  • پنهنجي موبائيل تي ڊائونلوڊ ڪيل واٽس ايپ کي پنهنجي دوست جي موبائيل تي ايندڙ ويريفڪيشن ڪوڊ سان ويريفائي ڪريو...
  • ۽ توهان ڪري ورتو... توهان جي موبائيل فون تي بلڪل توهان جي دوست جي واٽس ايپ جي ڊپليڪيشن ڪاپي اچي ويندي.. ۽ هاڻي هو جيڪو ڪجهه واٽس ايپ تي موڪليندو يا وصول ڪندو .. اهو سمورو توهان جي فون تي پڻ اپڊيٽ ٿيندو رهندو..

هڪ دفعو وري غلط استعمال کان روڪڻ جي استدعا ڪجي ٿي...
ٻيلي ڏاها ٿيو اهڙا ڏس نه ڏيو ، اڄڪلھ حالات سٺا ڪونهن !:D
 
پنهنجي دوست کي حيران ڪريو... :)

  • پنهنجي موبائيل کي ڪمپيوٽر سان يو ايس بي ڪيبل جي مدد ذريعي ڪنيڪٽ ڪريو..
  • هاڻي واٽس ايپ جي پروفائيل پڪچر فولڊر (WhatsApp -> Profile Pictures ) تي اچو...

oNAcyq.jpg

  • پنهنجي دوست جي پروفائيل پڪچر جو نالو ڪاپي ڪريو ۽ پروفائيل پڪچر کي ڊيليٽ ڪريو...
  • هاڻي هڪ نئين تصوير جنهن جي سائيل 561 بائي 561 پڪسل هجي بڻايو...
  • تصوير کي ڪجهه ڊيڄاريندڙ ۽ مزيدار بڻايو...
  • تصوير جو اڳ ڪاپي ڪيل پروفائيل پڪچر نالو ۽ ڏيو ۽ ساڳي فولڊر ۾ رکو...
  • واٽس ايپ کوليو توهان جي مطلوبا دوست جي تصوير تبديل ٿي توهان جي بڻايل تصوير ٿي وئي هوندي...
  • کيس سندس جي پروفائيل پڪچر ڏيکاري حيران ڪريو.. :)
خطرناڪ ٽِرڪِ آ ، الله خير ڪري!
 
واٽس ايپ چيٽ جو بيڪ گرائونڊ تبديل ڪريو...

آپشن مينو مان وڃي چيٽ سيٽنگ تي اچو ۽ پوءِ اتان وال پيپر کي چونڊيو..

Whatsapp-Chat-Background.png
 
هڪ ئي ميسيج گهڻن دوستن ڏانهن موڪليو...

جيڪڏهن توهان هڪ ئي ميسيج گهڻن دوستن کي هڪ ئي وقت ۾ موڪلڻ يا فارورڊ ڪرڻ چاهيو ٿا ته واٽس ايپ جو بهترين فيچر بروڊڪاسٽ استعمال ڪريو..
ان سلسلي ۾ چيٽ ۾ رهندي آپشن کوليو ۽ نئين بروڊ ڪاسٽ لسٽ ٺاهيو..


RKzMGU.jpg

 
دوستن سان پنهنجي موجوده لوڪيشن شيئر ڪريو..

ڪنهن دوست سان ملڻ ويندي توهان گس ڀلجي ويا هجو ته واٽس ايپ ذريعي پنهنجي موجوده لوڪيشن دوست شان شيئر ڪري بهتر رهنمائي حاصل رڪي سگهوٿا.. ان لاءِ اٽيچمينٽ آئڪان (اهو ئي آپشن جنهن وسيلي توهان ڪا تصوير شيئر ڪندا آهيو) تي ڪلڪ ڪريو ۽ Location چونڊيو..
نوٽ: اهو عمل ڪرڻ لاءِ توهان کي اڳ ئي GPS کي فعال رکڻو پوندو...


23008250550_84c008c2c6_o.jpg

 
مختلف فارميٽس جهڙوڪ ZIP, RAR, APK , EXE , PDF, DOC , PPT , XLS جي وڏي سائيز جون فائلز موڪلڻ..

اها ته سڀني کي خبر آهي ته واٽس ايپ ذريعي توهان تصويرون، آڊيوز ۽ وڊيوز موڪلي سگهو ٿا پر مٿي ٻڌايل فارميٽ جون فائلز اڪثر ضرورت پوڻ تي موڪلڻ جو آپشن واٽس ايپ ۾ ناهي.. پر جيڪڏهن توهان چاهيو ته اهڙيون فائلز پڻ سولائي سان موڪلي سگهو ٿا.. :)
ان لاءِ..
گوگل پلي اسٽور تان Dropbox ۽ CloudSend ايپليڪيشنس ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو..
هاڻي جڏهن CloudSend کي کوليندو ته اهو توهان کان Dropbox لنڪ ڪرڻ لاءِ چوندو.. کيس Allow ڪريو..
هاڻي پنهنجي ميموري ڪارڊ مان فائل کي CloudSend سان شيئر ڪريو.. جيڪو توهان جي مطلوبا فائيل کي پاڻمرادو توهان جي Dropbox اڪائونٽ تي اپلوڊ ڪري ڇڏيندو.. ۽ توهان کي ان جو لنڪ ڏيندو..
توهان اهو لنڪ ڪاپي ڪري واٽس ايپ تي پنهنجي دوستن سان شيئر ڪريو.. توهان جا دوست جڏهن به لنڪ تي ڪلڪ ڪندا توهان جي موڪليل فائل ڊائونلوڊ ٿيڻ شروع ٿي ويندي..

 
Back
Top