• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ ڳالهه ٿو ڪريان ! ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تنهنجو! نه مُنهنجو!

Sindhi Media

سينيئر رڪن
هڪ ڳالهه ٿو ڪريان! ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !

هڪ ڳالهه ٿو ڪريان! ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !

ڇا توهان کي خبر آهي ته اُهي ماڻهون به پاڻ کي فخر سان سنڌي ، سنڌ جو مُفڪر ۽ سنڌ لاءِ پتوڙيندڙ ،سنڌ جو نمائندو سڏرائين ٿا جيڪي سنڌي هُجڻ جي ثابتي ڏيڻ وارا اکر (ٻ، ڱ، ڻ، ڏ،ڄ) وغيره نه صرف اُچاري نٿا سگهن پر سنڌي ٻولي ، ان جي محاورن ۽ پرولين سان گڏ اُچارن جي ٽنگ ڀڄڻ جا ماهر آهن ۽ نه اُن سنڌيءَ جو گرامر ، ان جو ماحول نه سمجهي سگهن ٿا، نه سمجهائي سگهن ٿا، نه ڳالهائي سگهن ٿا پوءِ به چون ٿا ته اسان سنڌي آهيون ! حيرت آ ته هي ڪهڙا سنڌي آهن جيڪي ٿورڙي پريڪٽس ڪري سنڌي اکر اُچارڻ نٿا سکن يا صحيح سنڌي ٻولي نٿا ڳالهائڻ سکن.

ڇا توهان کي به حيرت ٿئي ٿي؟ ۽ اهڙا سنڌي چاهين ٿا ته لکت ۾ سنڌي اکر مٽجي وڃن ۽ رومن انگريزي لکت ۾ انهن اکرن جي جاءِ وٺي جڏنهن ته ڀرڳڙي صاحب ۽ اهڙا اڳيان پويان سنڌ پرست سنڌي سافٽ ويئر تيار ڪري ڪمپيوٽر ۽ اينڊرائيڊ موبائل لاءِ پيش ڪن ٿا ۽ جيڪي محنت ۽ مسلسل جدوجد سان سنڌي ٻولي ۽ انهن جي اُچارن کي هيل تائين جي نسل تائين کڻي آئي آهي ته هو به جوابداريءَ جو احساس ڪندي آئنده نسل لاءِ اڳتي وڌائين نه ڪه سنڌي اکرن، اُچارن جو وجود مٽائي رومن انگريزي آڻين. حيرت آهي ته اهي سنڌي دوست اهو به نٿا سمجهن ته سنڌي ٻوليءَ جا اهي سڀئي (اسپيشل سنڌي اکر ۽ اُچار ) به انهن ئي انگريزن ڏياريا جن جي هي تقليد ڪرڻ چاهين ٿا ۽ سنڌي الفابيٽ جي مقابلي ۾ رومن انگريزي سنڌي آڻڻ چاهين ٿا. انگريزن ئي سنڌي لفظ جوڙايا ۽ عربيءَ مان آندا ته جيئن انگريز آفيسر به سنڌي ڳالهائي ۽ اُچاري سگهن. ۽ هي سنڌي دوست وري اُبتو ڪم ڪن ٿا.

ته اهو فرق اڇي انگريز ۽ رومن ڪاري سنڌي انگريزن جو ! (ڇا ٿو ٻُڌائي)؟
ته ڇا توهان جي خواهشن جو احترام ڪري موبائل ۽ ڪمپيوٽر لکت ۾سهولت لاءِ اسان پنهنجي سنڌيت ۽ سنڌي اکرن ۽ اُچارن جو خاتمون آڻيون ؟.جيڪو اڳ ئي گهڻي ڀاڱي اسانجي (اپر سنڌ) ۽ ٽيليويزن چئنلن ۽ اخبارن ، ميگزينن تي ڪم ڪندڙن ماءُ ۽ گهر (سرائڪي ٻولي) ڳالهائيدڙ، سنڌي ڊرامان نگارن، اخباري رپورٽرن ۽ ايڊيٽرن، ليکڪن ، شاعرن ۽ اديب دوستن (سنڌي ۽ سرائڪي زبان ) ۾ مڪس ڪري اصلي ۽ سولي سنڌي ٻوليءَ کي گهڻي ڀاڱي ڪنورٽ ڪري ڇڏيو آهي. باقي رهي ڳاله ماءُ ۽ گهر سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي انهن به ان غلط سرائڪي مڪس سنڌي ٻولي ۽ لهجي کي سڌارڻ ۽ اصلي ڪرڻ بجاءِ ، ويتر اسان کي ان کي رومن انگريزي ۾ ڪري ڇڏڻ جو مفت مشورو ڏين ٿا؟

ته دوستئو ! هڪ ڳاله ٿو ڪريان ! ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو!
سنڌي اکر ۽ اُچار بچايو ! خالص سنڌي ٻولي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪريو ، پنهنجي ٻولي بچايو، سنڌ بچايو. سنڌ سلامت ته سنڌي سلامت.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
12004945_10207397757482954_3798152523320056024_n.jpg

دوستئو ! اها ترتيب انگريز سرڪار جي مدد ۽ مشاورت سان ۽ انتهائي سائنسي لحاظ ۽ جيوميٽريءَ جي (ٽرگناميٽرڪ) اصول تحت ترتيب ڏني وئي هُئي يعني (اُڀيون لائنون، پليٽون، گهيرا، گول ۽ ترتيب سان هيٺ مٿي ٻه، ٽي، ۽ چار ٽٻڪا، ٿالهين ۾ يا ٻاهر (جيئن مٿي ڏيکاريل آهي) به ترتيب سان هيٺ مٿي ٽٻڪا ۽ مختلف گهيرا ٺاهي ڏنا.
پر وڏيرن جي گهوسڙو اسڪولن ۽ ان جي موالي ۽ گهوسڙو ماسترن ۽ پوياري ڪندڙ ۽ اوتارن ۾ شاعري ڪري ڪلام چوندڙ موالين ڀنگ ۽ سُلفيءَ جي نشي ۾ ۽ اهڙن ئي پبلشرن به ، بنا سائنسي سمجه جي سنڌيءَ جا 52 اکر ته پڙهي پورا ڪيا پر سائنسي اصلي سنڌي لفظن جي ترتيب ڀلائي ويٺا ۽ اُهائي هاڻ رائج ٿيندي اچي؟ جنهن کي اصلي حالت ۾ آڻڻو آهي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top