محمد خان سيال
سينيئر رڪن
هن دنيا ۾ مرڻ کانپوءِ ڪيرڪنهن کي ياد ڪري ٿو پر ماڻهو 36 ورهيه گذرڻ کانپوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ياد ڪن ٿا، آخر ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هن سنڌي قوم لاءِ وڏيون خدمتون ڪيون هيون ـ جڏهن ته قومپرست ليڊر جي ايم سيد 800 ڪروڙ روپين (8 ارب روپيا) جي عيوض ڪراچي ڏيڻ لاءِ تيار هو ته جيئن ڄامشوري وٽ سنڌ جو نئون گاديءَ وارو شهر اڏجي ـ رسول بخش پليجو به ڪراچي موٽائي ڏيڻ جو مخالف هو ـ ان وقت جا سنڌي شاگرد اڳواڻ جھڙوڪ مسعود نوراني، يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، لالا عبدالقار مرحوم، حسين شاهه بخاري مرحوم وغيره به ڪراچي موٽائي ڏيڻ جا مخالف هئا ـ اهو اڪيلو ڀٽو صاحب هو جنهن اهڙو زوردار مطالبو ڪيو ته ڪراچي اسان کي موٽائي ڏيو، جت اڳ اهڙي حالت هئي جو ٻه سنڌي پاڻ ۾ ملندا هئا ته امر جليل جي چواڻي هڪٻئي کي تڪيندا رهندا هئا.
مان ان وقت سرگرم صحافي هوس سو جيڪو لکان ٿو سو ذميداريءَ سان لکان ٿو ـ 1973 جي آئين جي بنياد تي بيريسٽر ضمير گھمري جي چواڻي، سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي قومي ٻولي قرار ڏئي سگھجي ٿو ۽ اها ڳالهه سال 1956 ۽ 1962 جي آئينن ۾ به ڪونه هئي جيتوڻيڪ قومپرست ليڊر جي ايم سيد چاهي ها ته بنگالين سان ملي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي ڊڪليئر ڪرائي سگھي ها پر هن اهڙي ڀرپور ڪوشش ڪانه ڪئي ـ آخر ۾ قومپرستن کي اليڪشن ۾ حصي نه وٺڻ جي هدايت ڪيائين جنهن جو مقصد اهو ٿيو ته ميدان ڀلي ٻين لاءِ خالي ڇڏيو ته هو پنهنجا نمائندا چونڊرائي قانوني طور سنڌ جا وسيلا لُٽين ـ
هن وقت جيڪڏهن پ پ پ جي حالت خراب آهي ته ان جا ذميدار پ پ پ جا هاڻوڪا ليڊر آهن ۽ نه ئي شهيد ڀٽوـ
ڪيترن ڪوڙن قومپرستن کي، سندن چواڻي ڀٽي صاحب جيَ سنڌين مٿان قرض جي ڳڻتي آهي، سو تڏهن لهندو جڏهن ڪوڙا قومپرست ڀتا خوري، غنڊاگردي ، پلاٽن تي قبضن ۽ ٻيا اخلاقي جُرمن وغيره وارا پراڻا ڌنڌا ڇڏي سنڌ جي حقيقي معنى ۾ ڀٽي صاحب کان وڌيڪ خدمت ڪندا ۽ پوءِ سنڌي به کين ضرور موٽ ڏيندا، باقي سکڻين ڳالهين ڪرڻ يا سکڻن نعرا هڻڻ سان کين ڪٍجهه به ڪونه ملندو ـ