وري مقتلن مان اُٿيو هُل آ - روبينه ابڙو وري مقتلن مان اُٿيو هُل آ نئون سنڌ ۾ ڪو ٽڙيو گُل آ۔ کڻي نيڻَ ڏسُ ڪيڏي ڦلواري آ وڻيو توکي هڪڙو ئي ڇو ڦُل آ؟ اُهو جُزِِِِِ جي آهي اندر آُلجهيو رهيو ذات پنهنجيءَ ۾ جو ڪُل آ۔ خُدا ڀي هُيو حيرتن ۾ ٻُڏل هي ڪهڙي بََشَر جي نئين ڀُل آ۔ ڪٿي ڪوئي ڪافر پيو واڪَ ڏي ته ايمان ڪنهنجي جو ڇا مُله آ؟ سڄي سرشٽي پئي ڇاڇولجي اچي پاڻ ڇاڇول ۽ ڇُل آ رهيو مدتن کان اندر منتظر اچي جيءُ جهوليءَ اندر جُهل آ جيئن واءُ گُهلجي ٿي ساگر مٿان اسان جي مٿان ڀي ايئن گُهل آ آءَ اورارَ تي ، هو پرئين پارَ تي ٻڌي درميان پيارَ جي پُل آ۔ وري ڪُفرَ جو ڪوئي ڪلمو پڙهي اچي عشقَ راهن مٿي رُل آ۔۔ *** روبينه ابڙو