مسئلن جي ور چڙهل سنڌ جو تاريخي شهر سانگھڙ

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ احسان ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2015۔

  1. احسان ميمڻ

    احسان ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مسئلن جي ور چڙهل سنڌ جو تاريخي شهر سانگھڙ..

    احسان ميمڻ

    [​IMG]

    چوندا آهن ته سانگهڙ تي اهو نالو “سگهڙ ” نالي عورت هوندي هئي ان جي ڪري هن علائقي جو نالو سانگهڙ پئجي ويو ۽ ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سانگهراءِ (سانگ واه) جي مکي ڍنڍ جي وهندڙ ڇنڊڻ جي حوالي سان هن جو نالو سانگهڙ ٿيو آهي. سانگھڙ اُهو شهر هي جتي امن او امان آهي، جڏهن ته سنڌ جا ٻيا به شهر آهن پر سانگھڙ هڪ اُمن پرست شهر آهي. هٿ جاگرافيائي طور تي هي ضلعو چار هزار هڪ سوءَ ٻائيتاليهه چورس ميلن تي پکڙيل آهي ، جنهن مان پندرهن سوءَ چورس ميل اڇڙي ٿر وارو ريگستان آهي ، هن ضلعي جي اولهه واري طرف مٽياري ضلعو اتر طرف خيرپور ۽ بينظير آباد ضلعا اوڀر طرف انڊيا جون جوڌپور ۽ جيسلمير رياستون واقع آهن، 6 تعلقن تي مشتمل هي ضلعو جن ۾ سانگهڙ ، شهدادپور ، کپرو ،ٽنڊو آدم ،سنجهورو ، ۽ ڄام نواز علي شامل آهن ، زرعي پيداوار ۾ به هي ضلعو پنهنجي حيثيت پاڻ رکي ٿو هن ضلعي ۾ ڦٽي جيڪا تمام گهڻي تعداد ۽ سنڌ ۾ پهريون نمبر ڦٽي پيدا ڪندڙ ضلعو پڻ آهي جڏهن ته بصر ، مرچ ، ڪمند ، ڪڻڪ جا فصل پڻ هن ضلعي ۾ وڏي تعداد ۾ ٿين ٿا ، هن ضلعي ۾ 12 ئي مهينا آبپاشي لاءِ ڪئنالن ۾ پاڻي موجود هوندو آهي سانگهڙ ضلعي ۾ نارا ڪئنال ، روهڙي ڪئنال ، جمڙائو ڪئنال ، نصرت ڪئنال ، مٺڙائو ڪئنال ۽ کپرو ڪئنال ذريعي هتي جون زمينون آباد ٿين ٿيون ، ايل بي او ڊي جو اسپائينل ڊرين وارو مين سم نالو سانگهڙ ضلعي جي ڊٺڙو شريف واري ڳوٺ کان شروع ٿئي ٿو ، سانگهڙ ضلعي مان ٻه وڏا سم نالا ڪيترن ئي مائينر سم نالم جي نيٽ ورڪ سان اسمائينل ڊرين ۾ ڇوڙ ڪن ٿا سانگهڙ ضلعو ايل بي او ڊي واري نيٽ ورڪ ۾ ڪرنگهي وارو حيثيت رکي ٿوڪنهن دور ۾ سنڌو درياءَ به پنهنجي لهرن جي موج مستين سان هتان وهندو هو پر هاڻي هو پنهنجو رک مٽائي چڪو آهي ، مکي ڍنڍ جو مشهور علائقو جنهن جي قدرتي سونهن جي قدر صرف انهن انگريزن کي ئي هئي جن انهي قدرتي علائقي جي حفاظت جي لاءِ ڪيترائي حفاظتي اپاءُ ورتا هئا تاريخي شهرن ۾ منصوره ۽ برهمڻ آباد جا آثار به هن ضلعي جي سونهن آهن قدرتي وسيلن سان مالا مال هي علائقو ڪنهن وقت ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڄاڻپ رکندڙ علائقو هوندو هو ، هن وقت سانگهڙ ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر واري شهر سانگهڙ ۾ روڊن جي حالت ڏسي روئڻ ٿو اچي سانگهڙ کان ميرپور ،کپرو ، بينظيرآباد ، حيدرآباد ، خيرپور ، ڏانهن ويندڙ مين روڊ هندان هندان اکڙيل آهن اڌ ڪلاڪ جو سفر ٻن ڪلاڪن ۾ گذرندو آهي ، مين سول هاسپيٽل ۾ علاج جي ڪا به سهولت موجود ناهي جيڪڏهن ڪو بخار وارو مريض اچي ٿو ته ان کي به بينظيرآباد ريفر ڪيو ويندو آهي ، [​IMG]
    پلي گرائونڊ لائبريريون ۽ پارڪون نه هئڻ سبب نوجوان نسل تباهي ڏانهن وڌي رهي آهي ، هتي ٺهيل پارڪون جن ۾ پارڪ جي ته ڪا به سهولت ناهي ها پر اتي موالي شراب پيندي ضرور نظر ايندا پارڪن جي افتتاح جا وڏا وڏا بورڊ ته گيٽ تي لڳل نظر ايندا پر اندر ڪجه به ناهي اتي ڪجهه لڳل سامان به چوري ٿي چڪو آهي ، سياسي طور تي هي ضلعو هميشه مسلم ليگ فنڪشنل جو قلعو رهيو آهي، هن ضلعي ۾ 3 قومي ۽ 6 صوبائي اسيمبلي جون سيٽون آهن ، 2008 جي اليڪشن ۾ سانگهڙ جي قومي اسيمبلي جي سيٽ تان جادم منڱريو ۽ صوبائي اسيمبلي تان علي غلام نظاماڻي ڪامياب ٿيا هئا جن پنهنجن پنجن سالن جي پيرڊ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ٻوٽو ٻاريو هجي جنهن سان عوام کي رليف مليو هجي 2011 جي مها ٻوڏ ۾ جتي سانگهڙ واسي دربدر ٿيا هئا اتي اسان جي بدقسمتي جو اسان جو چونڊيل ايم اين اي جادم منڱريو هڪ ڏينهن به سانگهڙ جي عوام ڏانهن لڙي حال پڇڻ ڪيئن آيو انهي ڪري ماڻهو کيس جادم جادوگر چوندا آهن ، خير ٻوڏ ته خير سان سانگهڙ جي ماڻهن ڏکي سکي حالت ۾ گذاري ورتي پر ٻوڏ سبب تباه ٿيل انفرااسٽريڪچر ، شهر جي ويرانگي واري حالت ۽ اڏامندڙ مٽي اسان جو نصيب ٿي وئي آهي، هاڻي 2013 جي اليڪشن ۾ به هتان کان قومي اسيمبلي تان پير بخش جوڻيجو ۽ صوبائي اسيمبلي تان سعيد خان نظاماڻي ڪامياب ٿيا جيڪي پڻ فنڪشنل ليگ سان تعلق رکن ٿا ، اليڪشن ورڪ ۾ سانگھڙ کي پئرس ٺاهڻ جا دعويدار اڄ ڳولهي به نٿا لڀن ، ٽٽل روڊ ، گند جا ڍير ، اجڙيل پارڪون ، سول اسپتال ،ڊرينج جو نظام ،اڏامندڙ مٽي ، کليل گٽر نالا ، پارڪن ، لائبريرين ڪنهن وڏي تعليمي اداري يا تربيتي ادارن کان محروم تاريخي شهر سانگهڙ واقعي ئي اسان جي چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب سانگھڙ اُجڙيل آهي ، هر خميس جي ڏينهن سانگهڙ کان کپرو روڊ تي لڳندڙ مال جي پڙي عوام لاءِ آزار بڻيل آهي ڇو ته مال پڙي جو پلاٽ هئڻ جي باوجود به واپاري پنهنجو مال اچي روڊن تي بيهاريو ڇڏين جنهن سبب ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽرئفڪ جام هوندي آهي ، امن جي صورتحال موجوده ايس ايس پي فرخ لنجار جي هجڻ سبب بهتر آهي پر شايد ايس ايس پي جي بدلي ٿيڻ کانپوءِ وري اسان انهن غنڊن جي ور چڙهي وينداسين جن کي اسان جي وڏيرن ۽ ڀوتارن جو آشرواد حاصل آهي، سانگهڙ جي شهر جو مُک رستو جيڪو سول اسپتال سامهون گُذري ٿو، ان جي ڀرسان ٺهندڙ وڏو نالو اڃان مڪمل نه ٿيو آهي، ٻيو ته ٻنهي پاسي مارڪيٽون ٺهڻ ڪري روڊ ٽٽل کڏي جو منظر پيش پيو ڪري رهيو آهي جنهنمهل به هلڪي برسات پئي انهي روڊ تي گهٽ ۾ گهٽ ٽه فُٽ پاڻي بيهي ويندو جنهن جي ڪري جيڪا تڪليف عوام کي ٿيندي ان جو اندازو اگهور ننڊ ۾ ستل انتظاميه ۽ عوام کي ناهي. شهر جون ناليون صفائي نه ٿيڻ ڪري گند ڪچري سان ڀريون پيون آهين، اهي اڳ ئي گند ڪچري سان ڀريل ناليون برسات جو پاڻي ڪٿان نيڪال ڪنديون. ميونسپل انتظاميه وٽ هر مهيني 80 لک روپيه اچڻ باوجود خبرناهي پئسن جي کوٽ ڇو ٿي رهي هرمهيني ميونسپل ڪميٽي جيڪي 15 لک روپيه تيل تي خرچ ڪري ٿي خبرناهي اهي گاڏيون عوام جي خدمت لاءِ ڪٿي استعمال ٿينديون آهن، ٿوري برسات ٿيڻ کانپوءِ روڊ رستا ڍنڍ جو ڏيک ڏيڻ لڳندا آهن نمائندا ته پنهنجين وڏين وڏين گاڏين تي چڙهي ملڪ مٽي ڪندا اسپيڊ سان گذري ويندا آهن پر اسان عوام انهي پاڻي ۽ مٽي سان پنهنجا ڪپڙا ۽ منهن ڀري گهر پهچندا آهيون ، سانگهڙ جي ميگا بجيٽ اڄ ڏينهن تائين سانگهڙ جي ترقي لاءِ خرچ نه ٿي آهي ڪروڙين روپين جون جالي ڪوٽيشنون صرف گاڏين ۽ بنگلن تي خرچ ٿيون آهن ،
    [​IMG]












    نڍڻڪو بڻيل سانگهڙ جي عوام جي سار آخر ڪير لهندو ؟ تازو ئي سپريم ڪورٽ سانگهڙ جي خراب روڊ رستن جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ڪيس هلندڙ آهي اميد آهي ته شايد ڪجه بهتر ٿي وڄي . ٿيڻ ته ايئن کپي ها ته هن تاريخي ۽ انقلابي سرزمين کي اسان جا نمائندا هڪ مثالي شهر بڻائن ها هتي جا روڊ رستا ۽ هر شئ کي ايئن چمڪائن ها جو ٻاهريان ايندڙ ماڻهو به فخر مان چون ها ته واقعي هي پئرس سان گهٽ ناهي شهيد سورهيه بادشاه جي نالي سان ڪو وڏو ادارو لائبريري پارڪ ٺاهن ها جيئن هن عظيم هستي جو ياداشت نامو ٻين لاءِ مثال هجي ها ، پر افسوس جو شهيد سورهيه بادشاه پيرو وزير ۽ ٻين شهيدن جي هن ڌرتي کي اقتدار ڌڻين مال غنيمت سمجهي هميشه لٽيو آهي انهي عظيم هستي جو ڪو ياداشت نامو به ٺهرائي نه سگهيا آهن. سانگهڙ هڪ پورو ضلعو آهي پر افسوس ته هتي ڪا به ٺهيل لائبريري موجود نه آهي، اسان جي نوجوان نسل ڪيڏانهن وڄي؟؟ اسان جي شهر جي تعليم جو آخر ڇا ٿيندو؟ منهنجي سانگهڙ شهر جي عالعي نمائيدن کي نماڻي گُذارش آهي ته هنن مسئلن کي سنجيدگي سان ڏسن. جيئن اسان جو شهر هڪ مثالي شهر لکيو وڃي. ائين نه ٿئي ته سانگهڙ جهڙو امُن پسند شهر پُوءِ بدئامي جي ور چڙهي وڃي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا احسان ميمڻ صاحب تمام سٺو ليک شيئر ڪيو اٿَو... مهرباني
    ادا اسان جو ضلعو سياسي مداخلت جي ڪري تمام گهڻو متاثر رهيو آهي. وس وارن کي اپيل ئي ڪري سگهجي ٿي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. اصغر ناريجو

    اصغر ناريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا بهترين لکيو اٿو،شهر جي تاريخي حوالي سان ،موجوده مسئلن جي باري ۾
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو