• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي نوجوانن بحث جي اهميت سمجھن ۽ کوهه جو ڏيڏر نه بڻجن ـ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اسان جي سنڌي نوجوانن کي بحث جي اهميت سمجھڻ گهرجي ته ائين ڪرڻ سان سچائي ظاهر ٿيندي آهي جڏهن ته ساري دنيا ۾ بحث جي آجيان ڪئي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته ان جو مقصد ڪنهن جو اميج خراب ڪرڻ هرگز ڪونه هوندو آهي پر اسان وٽ مامرو نرالو آهي ـ هتي ڪنهن اختلافي ڳالهه تي دوستن کي بحث جي دعوت ڏجي ٿي ته ڪجھه سنڌي نوجوان ڏينڀوءَ وانگيان ورائي وڃن ٿا ۽ سچي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ به تيار ڪونهن ـ اٽلندو ڪيترا ته بدتميزي ۽ گارگند ڪرڻ شروع ڪن ٿا جنهن ڪري تازو، نه چاهيندي به مون ٻن نوجوانن کي بلاڪ ڪيو آهي ـ
جيڪڏهن ڪير به سياست ۾ حصو وٺي ٿو ته ان تي تنقيد ته ٿيندي ڇاڪاڻ ته هڪ انسان جي حيثيت ۾ هن سياسي غلطيون ضرور ڪيون هونديون جڏهن ته ڪوبه انسان، غلطين کان پاڪ ڪونه هوندو آهي ـ
برطانيا ۾ دنيا جي مڃيل انگريزي شاعر شيڪسپيئر تي اڃا به بحث ٿيندو آهي ته مثبت تنقيد پڻ پر اسان جي ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي پسند واري ليکڪ جھڙوڪ امرجليل وغيره تي ڪير جائز تنقيد ڪري ٿو ته سندس حامي ترت بدتميزي ڪرڻ شروع ڪن ٿا ۽ سچ ٻڌڻ لاءِ به تيارڪونه هوندا آهن ـ
سنڌي نوجوانن ۾ اهڙو لاڙو انتهائي خطرناڪ آهي ڇاڪاڻ ته ڪجھه سياسي ڪارڪنن پنهنجي مفاد خاطر اهو پرچار شروع ڪيو آهي ته فلاڻو سياسي ماڻهو پيغمبر آهي سو غلطين کان پاڪ آهي ـ مزي جي ڳالهه ته اهڙي سياسي ليڊر پنهنجون ڪيتريون غلطيون پاڻ به لکت ۾ مڃيون آهن ـ اها ڳالهه ڪنهن هڪ نه پر سڀني سياسي ليڊرن سان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان لاڳو ٿئي ٿي ـ
منهنجي ايمانداريءَ واري راءِ آهي ته جيڪڏهن سنڌي نوجوان مثبت تنقيد بردشت نه ڪندو ۽ وڏي دل ڪونه ڌاريندو ته ڀلي صديون گذري وڃي سندس حالت کوهه جي ڏيڏر جهڙي رهندي ـ سنڌي نوجوانو بحث مباحثي کان نه لنوايو ۽ ڪوشش ڪري دليلن سان جواب ڏيو ۽ مثبت تنقيد برداشت ڪرڻ جي همت پيدا ڪريو ـ گارگند ۽ بدتميزي ڪرڻ ڪنهن شريف ماڻهوءَ جو ڪم ناهي ـ
 
سائين سيال صاحب تمام بھترين چيو اٿوَ ايئن ھجڻ گھرجي بحث ۾ حصو وٺڻ گھرجي چاھي اھو تنقيدي ھجي يا تعميري ان سان پاڻ ۾ خود اعتمادي وڌندي ائين تعميري سوچ پيدا پڻ ٿيندي ائين ھا اھو خيال ضرور رکڻ گھرجي ت ڪنھن تي اھڙي تنقيد ن ڪجي جو ذاتيات جي ذمري ۾ اچي وڃي باقي سياستدان عوامي ملڪيت آھن انھن تي بحث مباحثو ٿيڻ گهرجي انھن جي عملن تي بيانن تي.بدقسمتي اسان سنڌين جي اھا آھي جو اسان جي مائٽن جي طرفان ب اھڙين شين کان پاسيرو رکيو ويو آھي.جنھنجي ڪري اسان ۾ خود اعتمادي جو فقدان رھيو آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو اسان فوج ۾ وڃڻ ۽ مقابلي واري امتحانن ۾ حصي وٺڻ کان ب گھٻرايون ٿا جنھنجو تمام وڏو نقصان ٿئي پيو سنڌ کي اسان کي ڄمڻ شرط ئي ڪن ۾ اذان جي جاء تي اھو وڌو وڃي ٿو ت توکي وڏو ٿي ڊاڪٽر ۽ انجيئر ٿيڻو آھي ڇو جو ان ۾ ذاتي فائدو(ڪمائي)آھي.پر ھاڻي نوجوانن کي پاڻ کي سوچڻو پوندو ۽ اجتمائي مفادات جي طرف اچڻو پوندو.
سيال صاحب اوھين معتبر ۽ وڏا آھيو ڪٿي ڪوتاھي ٿي ھجي لکڻ ۾ ت رھنمائي ڪندا.
 
Back
Top