عيد جون ڀليون ۽ ڪسيون 8 عادتون

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏22 سيپٽمبر 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سموري دنيا جا مسلمان حضرت ابراهيم عليه االسلام جن طرفان پنهنجي پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام کي الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ جي ياد ۾ عيدالاضحى انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائيندا آهن.. عيد ڏهاڙي نوان جوڙا زيب تن ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان عيد ملڻ اسلامي رواج ۾ شامل سمجهيو ويندو آهي..
    پر موجوده جديد دور ۾ نون ڍنگن ۽ نت نين ٽيڪنالاجيز اچڻ ڪري زندگي گذارڻ جا طريقا پڻ تبديل ٿيا آهن.. هاڻي ماڻهون عيد ملهائڻ کي به رواجي طريقي سان پيا ڏسن...
    عيد جي حوالي سان هڪ دفعي محترم دوست عبدالحفيظ لغاري جن سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته انهن هڪ ڪتابي ذڪر ڪندي ٻڌايو ته اسان عيد جو انتظار ڪافي ڏينهن کان ڪندا آهيون.. ۽ پوءِ عيد ڏينهن نوان ويس ڪري دوستن يارن سان ملندا به آهيون.. پر جيئن ته ڪجهه معاشرتي ۽ مذهبي رڪاوٽون موجود آهن ان ڪري عيد خوشيءَ جو اظهار وڃي کاڌي کائڻ تي ڪندا آهيون.. ۽ ان کان پوءِ جڏهن ڪابه خوشي ملهائڻ جي شيء نه رهندي آهي ته پوءِ چوندا آهيون ته “عيد ته ٻارن جي ٿيندي آهي....”
    هتي مان اڄ دوستن اڳيان عيد جهڙي پر مسرت موقعي کي خوب انجوائي ڪرڻ خاطر ڪجهه سٺن عملن کي ڪرڻ ۽ ڪجهه خراب عملن کان روڪڻ جي صلاح ڏيندس ته جئين عيد جون خوشيون درست طريقي سان حاصل ڪري سگهجن...

    بهتر عمل

    1. مائٽن مٽن ڏانهن وڃڻ
    اهو بهترين خيال آهي ته عيد جهڙي پر مسرت موقعي تي عزيزن، مائٽن مٽن ۽ رشتيدارن ڏانهن گهمڻ وڃجي.. ۽ ڏسجي ته هُو عيد کي ڪهڙي طرح ملهائي رهيا آهن... عيد تي انهن جي تياري، کاڌي خوراڪ جون عمده ڊشز ۽ ملڻ ملائڻ جو رواج هوُ ڪهڙي نموني نڀائي رهيا آهن...


    [​IMG]

    2. مائٽن مٽن کي دعوت ڏيڻ..
    جيڪڏهن توهان جو وڃڻ ممڪن يا مناسب نه هجي ته عزيزن، مائٽن مٽن يا رشتيدارن کي پاڻ وٽ گهرايو ... سوٽن، ماساتن، ماروٽن ۽ پڦاٽن سان ڪچهريون ڪريو.. چاچي، ماسي، مامي يا پڦيءَ سان گڏجي مزيدار ڊشز ٽيسٽ ڪريو..


    [​IMG]

    3. پنهنجي پراڻن ساٿين کي ياد ڪريو...
    هڪ وڌيڪ بهتر خيال اهو آهي ته پنهنجي ڪجهه پراڻن ساٿين، ڪلاس ميٽ، دوستن، ڪليگس، باسز، ماتحتن يا انهن ماڻهن کي ڪال ڪري کين عيد واڌايون پيش ڪريو جن جا نمبر توهان جي موبائيل ۾ محفوظ ته آهن پر توهان انهن کي شايد ئي ڪال ڪندا هجو...


    [​IMG]

    4. قرباني جي عمل ۾ هٿ ونڊايو...
    هي عمل ته انتهائي شاندار آهي.. اسان مان ڪيترائي دوست عيد الاضحى تي قرباني ڪندا آهن.. پر اڪثر قرباني جي عمل ۽ گوشت ٺاهڻ جي عمل کي پاڻ ڪرڻ بجاءِ ڪاسائي کان ئي ڪرائيندا آهن .. ايتري قدر جو قرباني جي گوشت جي ورهاست به ڪاسائي کان ئي ڪارائين... پر اهو سمورو عمل پنهنجي هٿن سان ڪرڻ هڪ تسڪين حاصل ڪرڻ وارو ثابت ٿي سگهي ٿو...


    [​IMG]

    5. خانداني فوٽو سيشن ڪرڻ
    عيد ڏهاڙي جڏهن گهر جا سڀ ڀاتي نوان نوان ويس وڳا پائي خوب سينگاريل هوندا آهن ته اهو بهترين موقعو هوندو آهي جڏهن سڀني کي گڏ ڪري بهتر ترتيب سان هڪ جامع ۽ خانداني تصوير وٺجي.. ان سلسلي ۾ بهتر ڪيمرا هٿ ڪري تصوير کي يادگار بڻائي سگهجي ٿو.. اڄ ڪلهه ته موبائيل ۾ موجود ڪيمرا به بهتر پڪسل ۾ موجود آهن..


    [​IMG]

    6. باربي ڪيو
    اهو اڄ ڪلهه فيشن بڻجندو پيو وڃي ته گوشت کي روايتي طريقي بجائي مختلف طريقن خاص طور ڪوئلن تي سيڪي باربي ڪيو ٽائيپ بڻائي کائجي ۽ وري وڏي عيد تي گوشت جي فراواني ان عمل جو ڀرپور موقعو پڻ ڏئي ٿي ته ته باربي ڪيو ذريعي مزيدار کاڌو خاندان ۽ دوستن سان گڏ کائيندي مزا ماڻجن


    [​IMG]

    7. ڪنهن ويجهي تفريح گاه گهمجي...
    مٿين عملن ڪرڻ باوجود جيڪڏهن توهان جو ڪو وقت بچي ٿو ته ٻارن يا دوستن سان گڏجي ڪنهن ويجهي تفريح گاهه تي وڃجي.. گهر ۾ بستري ۽ صوفن تي ويهي وقت گذارڻ کان ڪئي دفعا بهتر آهي ته ٻاهر ڪنهن درياء، ڪنهن پارڪ يا ڪنهن اهڙي هنڌ گهمڻ وڃجي جتي ماڻهن جي رونق هجي..


    [​IMG]

    8. قبرستان وڃي دعا گهرو
    عيد جهڙي پرمسرت موقعي تي پنهنجي انهن عزيزن کي ڪڏهن به نه وسارجو جيڪي گذريل سال يا عرصو اڳ توهان سان گڏ هئا... کين لاءِ دعائون ڪرڻ جو خاص اهتمام ڪندي قبرستان وڃي سندن قبرن تي گل نڇاور ڪجن ۽ ڪجهه وقت سندن لاءِ خاموشي اختيار ڪري دعائون گهرجن...


    ڪسا (خراب) عمل

    1. ٻين کان بچڻ
    پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏڻ ... ايسيتائين جو عيد لاءِ تيار ڪيل نوان ڪپڙا به نه پائڻ ... بس عيد جو سمورو ڏينهن پنهنجي بيڊ روم ۾ گذارڻ

    2. سمهڻ
    اڪثر ڏٺو ويو آهي ته عيد جهڙي موقعي تي به ماڻهون پنهنجي ڪمري ۾ يا بيڊ تي ننڊ ڪري پورو ڏينهن گذريو ڇڏين...


    3. فيس بوڪ تي وقت گذارڻ

    جڏهن کان اسان پنهنجو وقت ننڍين سڪرين تي گذارڻ شروع ڪيو آهي ته انهن ڳالهين جا عادي ٿي ويا آهيون.. ايتري قدر جو عيد جي ڏهاڙي به ماڻهون فيس بوڪ کي اسڪرول ڪندا رهندا آهن... جن ۾ ٻين جون تصويرون ڏسڻ ۽ عيد جا ڪوڙا احساس ورهائڻ به شامل آهي...


    4. ڪمپيوٽر گيم ڪرڻ

    هڪ وڌيڪ بورنگ عمل ڪمپيوٽر تي گيم ڪرڻ سو به عيد ڏهاڙي .. اهو عمل ته توهان اڳ به روز ڪندا هوندو پر عيد ڏينهن به ... افففف

    5. ٽي وي ڏسڻ
    اڪثر ماڻهون ٻاهرين سائيڊ کان سوشلائيز ناهن ٿيندا ان ڪري حقيقي دنيا ڏسڻ بجاءِ ٽي وي ۽ انٽرنيٽ کي ترجيح ڏيندا آهن.. ڇڏيو يارو .. ڪجهه ٻاهر نڪرو ۽ دنيا کي لطف وٺندي ڏسو ۽ پاڻ به مزا ماڻيو...

    6. ٽويٽر تي مصروف رهڻ
    فيس بوڪ وانگر اڄ ڪلهه ماڻهن کي ٽويٽر سوشل نيٽ ورڪ استعمال ڪرڻ جي عادت به عام آهي.. ۽ ٽويٽر جا عادي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ فيس بوڪ تي ويهندڙن وانگر وقت ضايع ڪندا رهندا آهن..

    7. ڪلاڪ ڪلاڪ وار ڪال ڪرڻ...
    جڏهن ماڻهن جا ڪنهن چاهيندڙ سان نوان نوان رابطا ٿيا هجن ته فونن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گفتگو ڪندا رهندا آهن.. خبر ناهي اهي ڪهڙيون ڳالهيون هونديون آهن جيڪي ڪلاڪن تائين هلڻ باوجود ختم ناهن ٿينديون ..


    8. رات جو مووي وڃي ڏسڻ

    فيملي يا دوستن سان گڏجي مووي ڏسڻ جو مزو ته سمجهه ۾ اچي ٿو پر جيڪڏهن توهان پنهنجن ڪجهه بورنگ دوستن سان گڏ بس عيد جو وقت مووي تي صرف ڪرڻ جو سوچيو پيا ته اهو عمل عيد جي ٻين شاندار سرگرمين کان ڀلو نه رهندو...


    اميد ته ساٿي هي تفصيلي موضوع پڙهي ... ڪو سبق پرائيندا ۽ مٿي ٻڌايل بهتر عملن تي هلندي پنهنجي موجوده عيد جا خوب مزا ماڻيندا...
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هي عمل شايد ئي ڪو ڪندو هُجي.. ان شا الله هي عمل ڪندس.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب اوهانجا . سهڻا خيال پيش ڪيا اٿو . سدا سلامت هجو . ايڊوانس عيد مبارڪ قبول پوي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    واه سائين واه
    تمام بهترين ٽپس، ايڊوانس ۾ عيد مبارڪ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پيارا ضروري ناهي ته جيڪو عمل توهان نه ڪندا هجو اهو ڪير به نه ڪندو هوندو...
    مان جڏهن به عيد نماز پڙهي قبرستان جو رخ ڪندو آهيان ته اتي سوَن جي تعداد ۾ ماڻهون موجود ملندا آهن.. خاص طور ڳوٺان شهرن ڏانهن نوڪرين خاطر ويندڙ ماڻهون جيڪي اڪثر عيدن تي ئي ڳوٺن ۾ ايندا آهن ته ضرور هوندا آهن.. ۽ عيد جي ٽنهي ڏينهن تي قبرستان مان گلن ۽ اگربتين جي خوشبوء موجود ملندي آهي..
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس يار ....... ڪجهه زماني سان به هلڻو ٿو پوي

    ڇو اهڙا ٿيا آهيو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو