مولوي حاجي احمد ملاح

'سنڌي شاعري' فورم ۾ چانڊيو عبدالرحيم طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2015۔

  1. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    مولوي صاحب جن جي ولات
    سنڌ جي آخري ضلع بدين جي ساحلي پٽئ ۾ دودي سومري جي ماگ روپا ماڙي کان ميل ٻ ڏکڻ طرف هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو نالي “ڪنڊو“ ۾ ٿي.
    ڏکڻ ۾ واڪا ڪندڙ سڃ ۽ رڃ جا ڀوائتا منظر ڏسي انتهائي حيرت ٿئي ٿي ت اهڙين اٿاھ اونداهين مان
    احمد ملاح صاحب جهڙي عظيم شخصيت جو علم و دانش جي آسمان تي هڪ تڙڪائو سج جيان اُڀرڻ هن سنڌي قوم مٿان رب پاڪ جو بي بها احسان آهي.
    ڀل اسان جي جيئڻ لاء ڪيترائي جڳ ڇو ن جڙن
    بقول مولوي صاحب جي.
    هن هزاري حسن تان صدقي حياتيون صد بار.
    هڪ حياتي هت ن ٿيندي. حق ادائي جو سبب.

    قرآن پاڪ جو سنڌي زبان ۾ منظوم ترجمو .هڪ عظيم الشان شاهڪار .مولوي صاحب جو هڪ اهڙو بين الاقوامي ڪارنامو آهي جنهن جي متالعي ڪرڻ سان.وڏن وڏن ڏات ڌڻين جون اکيون ب کيريون ٿيو پون.۽انهن جي عقل جا طوطا ب اڏامي وڃن ٿا.
    ڇا عربي زبان جي وسعت. ڇا ڪلام خداوندئ جو جلال ۽ ڇا وري مولوي صاحب جو آيات الاهئ کي اشعار سان ٺيٺ سنڌئ ۾ سمائڻ ۽ ادا ڪرڻ .ڪيئن چئجي ت اهو انساني ڪسب ۽ ذهني ڪوشش جو نتيجو آهي.
    ڪجھ ب کڻي چئجي . پر اهو درخشان باب اسان سنڌ واسين لاء قدرت جي اها خاص عطا آهي جنهن سنڌي ٻولئ کي سموري عالم جي افق مٿان هڪ سهڻي سانوڻي انڊلٺ جيان جرڪائي ڇڏيو آهي.
    جنهن شه پاري اڳيان.
    فردوسي جو شاه نامو ۽ ملان فيضئ جو بي نقاط تفسير شه مات کائيندي نظر اچن ٿا.
    احد جي امداد سان ٖاحمد“ ڪهيو جو ڪلام.
    شعر ڏسندي شرط سو. شاباس شيرازئ ڪئي.

    ن عاشق ٻئي مٿي “احمد“اکيون عالم وچان تو ۾.
    مٺا ماڻھن ڪيس مشهور.ڪجھ مشهور تون پڻ ڪر.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    تمام سُهڻو ليک...
    ائين ئي معلومات شيئر ڪري اسان جي علم ۾ اضافو ڪندا رهو...

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    بسم الله احد الله.حاضر.ناضر.سو هر گاھ
    صدقو تنهن تان ساھ پساھ. لائق صاحب کي ساراھ.
    واھ واھ؛واحد کي واھ واھ؛ ناھي ڌڻئ ري ڪا درگاھ
    لاالُِه الا اللّه
    خالق خلقي خلق خلق سموري. ماڻهو.جن ملڪ حُضوري
    اُڀ.زمينون.نکٽ نوري.ماڻڪ.موتي مشڪ کٿوري
    راتيون ڏينهن. مُندون ۽ ماھ.ناهي ڌڻئ ري ڪا درگاھ
    لا الاه الّا الله

    عجب اوپائي ڪئين اوپاج.دُر.ياقوت.عميق ۽ عاج
    کير.کٽونبا.کُنڀيون کاج.آمان.انب.انجير.اناج
    وڻ ٽڻ.وليون.وونئڻ ڪپاھ.ناھي ڌڻئ ري ڪا درگاھ
    لاالاه الاالله
    اھِ اصل ۾ آب مَني، جنهن مان گُل ٿيا گهوٽ وني
    ڪي ڪي غربا،ڪي ڪي غني،رنگ برنگي جوڙ بني
    صافي رنگ سفيد، سياھ،ناهي ڌڻئ ري ڪا درگاھ
    لاالاه الاالله
    عربي ٻولي،عجمي ڳالھ،لڳن سکڻ ۾ جنهن جي سال
    قادر جا ڏس ڪم ڪمال،جهڙي مائٽ ڪَنِ مقال
    تهڙي وات ڳڀورن ڳاھ،ناهي ڌڻئ ري ڪا درگاھ
    لاالاه الاالله
    مني ڪِنئ جون ڏِس تون موجون،گادئ چڙهيو گُل ڪري گوجون
    شاه سڏائي،شامل فوجون،الله ڏيارس اِي اوجون
    قدرت حق تي ڪل گواه، ناهي ڌڻئ ري ڪا درگاه
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    ادا جمالي صاحب انشاالله مولوي صاحب جي شاعري لکندو رهندس
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    الله جل جلالهُ، اڪبر عم نوالهُ،
    قادر قام ڪمالهُ، داور دام جمالهُ،
    مالڪ ملڪن جو مختيار،ٻانهان؛ٻئي در پاند مَ ڍار،
    آگو تنهنجو عالم پار،

    زمن زمين ظهور ڌڻئ جو،سج سُهائو نُور ڌڻئ جو،
    اسم غني،غفور ڌڻئ جو،حاصل ڪر حضور ڌڻئ جو،
    ٻئي کان گوشي يار؛گُزار،ٻانهان ٻئي در پاند مَ ڍار،آگو تنهنجو عالم پار،

    پاليو ڄاڻي بر.بحر ۾،ساريو پهچي سُڃ.شھر ۾.
    عام عنايت اندر،ٻھر ۾،لطف ڪنان سڀ لوڪ لهر ۾،
    سرور سڀني جو سردار،ٻانهان ٻئي در پاند مَ ڍار،آگو تننجو عالم پار،

    مير محمد نور نبي، نُور نبئ تي راز ربي،
    راز ربي سو افضل عربي،افضل عربي،مير مُرَبي،
    مير مُربئ ملڪ مَدَارُ،ٻانهان ٻئي در پاند مَ ڍار،آگو تنهنجو عالم پار،

    آهي آبُ اِهو انساني،جنهن مان جوڙيائين توکي جاني،
    وھ واھ جلوو جوت جواني،اي سڀ توتي رنگ رباني،
    وِلها؛تنهن جا وڙ مَ وِسار،ٻانهان ٻئي در پاند مَ ڍار، آگو تنهنجو عالم پار،

    ڇا توتي اهڙي وار ن هئي؟ جڏهن تنهنجي تار تنوار ن هئي،
    رفتار ن هئي، گفتار ن هئي،ماءُ کي سار سنڀار ن هئي،
    ت پيٽ اندر ڪيئن پلجي ٻار،ٻانهان ٻئي در پاند مَ ڍار،آگو تنهنجو عالم پار،

    جوڙيائين تنهنجي شڪل شڪم ۾،قادر هڪڙو تنهنجي ڪم ۾،
    حاڪم ڪُلي سندس حڪم ۾،پوءِ رولو وجھ مَ رقم ۾،
    ڀانئين ٻئي کي ڀائيوار،ٻانهان ٻئي در پاند مَ ڍار،آگو تنهنجو عالم پار،

    خلقت ساري، سگھ ستاري،سگھ ستاري بي شماري،
    بي شماري بخشش باري،بخشش باري ڀيڄ بهاري،
    ڀيڄ بهاري بار و بار،ٻانهان ٻئي در پاند مَ ڍار،آگو تنهنجو عالم پار،

    نعمت الله تي نعمت تنهنجي، عفو ڪرين اُن عادت تنهنجي،
    آخر توڏي آوت منهنجي، سائينم ساعت سا ڪِج سنهنجي،
    ڪلمي سين ڪِج قلب قرار،ٻانهان ٻئي در پاند مَ ڍار آگو تنهنجو عالم پار
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏28 سيپٽمبر 2015
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    [​IMG]

    مولوي حاجي احمد ملاح جي يادگار تصوير
     
  8. علي عباس

    علي عباس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام بهترین
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو