سچي محنت جو ڦل!

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2015۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    احسان هاليپوٽو

    هڪ هاريءَ کي ٻه پٽ هئا، هڪ جو نالو رشيد ۽ ٻئي جو وسيم هيو، جڏهن رشيد ۽ وسيم پڙهڻ لائق ٿيا ته سندس والد کين اسڪول مولڪيو.

    رشيد کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، رشيد روزانو اسڪول ويندو هو، وقت جو قدر ڪندو هو ۽ هر ڪم وقت کي صحيح سليقي ۽ طريقي سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. وقت تي اسڪول وڃڻ ۽ گهر ۾ اسڪول جو هوم ورڪ ڪرڻ سندس پرهيان ڪم هوندا هئا. تنهن کان پوءِ گهر جا ٻيا ڪم به ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پيءَ کي به ٻنيءَ جي ڪمن ۾ مدد ڪندو هو. خدا تعاليٰ رشيد کي ذهن به ڏاڍو سٺو ڏنو هو. پڙهڻ ۾ ڏاڍو هوشيار هوندو هو، تنهن ڪري رشيد کي سندس استاد به ڀائيندا هئا. رشيد جو حافظو به ڏاڍو تيز هو، رشيد کي سنڌي، اردو، انگريزي ۽ عربيءَ ۾ جيڪو به سبق ملندو هو ته ان کي ايترو ته پڙهندو هو جو اُهو سبق، لفظن جي معنيٰ، سوالن جا جواب به ياد ٿي ويندا هئس. رياضي جي حسابن کي سمجهڻ سان گڏ وڌيڪ مشقون سکڻ يا پيءَ جا ٻنيءَ جا حساب حل ڪندو رهندو هو. رشيد هر سال هر امتحان ۾ پاس ٿيڻ سان گڏ ڪلاس ۾ پهريون نمبر به کڻندو هو.

    ٻئي طرف وسيم وري رشيد جي بلڪل ابتڙ هو. وسيم کي پڙهڻ جو شوق بلڪل به نه هو. اسڪول کان گسائيندو رهندو هو. يا رسيس ۾ گهر هليو ويندو هو يا وري ڪو بهانو ڪري اسڪول کان موڪلون ڪندو هو. اسڪول جو هوم ورڪ طور مليل ڪم لکڻ، پڙهڻ يا سبق ياد بلڪل به نه ڪندو هو. وسيم علم پرائڻ ۾ بلڪل دلچسپي نه وٺندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي پيءَ کي چيائين بابا هاڻي مان ڪونه پڙهندس نه ئي وري اسڪول ويندس. مون کي توهان نه پڙهايو، سندس پيءَ چيس: پٽ وسيم! تون پڙهه، ڇو ته علم سڀ کان وڏو ۽ قيمتي خزانو آهي، پٽ وسيم! پڙهڻ سان پنهنجو مسقتبل ۽ معاشري کي سنواري سگهين ٿو، ان سان گڏ تون پنهنجي تي اولاد جي به سٺي پرگهور لهي سگهندي. وڌيڪ تنهنجي مرضي پڙهين يا نه…؟ پيءُ کيس گهڻو ئي سمجهايو پر وسيم سندس هڪ به نه ٻڌي. وسيم پڙهڻ ڇڏي ڏنو ۽ پيءُ سان گڏ ٻنيءَ جي ڪم ۾ لڳي ويو ۽ هڪ هاري بڻجي ويو.

    هڪ ڏينهن رسيم، رشيد کي چيو: ادا رشيد! تون پڙهين ٿو، تون سخت محنت به ڪرين ٿو، جيڪڏهن توکي پنهنجي محنت جو ڦل نه ملي يا ڪير حسد ۾ اچي تنهنجي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏي ته پوءِ تون ڇا ڪندي؟ توکي ته ڪجهه به حاصل نه سگهندو، پوءِ تنهنجي پڙهڻ ۽ سخت محنت ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟

    رشيد پهرين ٿورڙو کليو، پوءِ کيس جواب ڏنائين: خدا تعاليٰ ڪنهن جي به سچي محنت تي پاڻي ڦيريندو ناهي، پر خدا سچي محنت ڪرڻ وارن کي سچي محنت جو ڦل ضرور ڏيندو آهي. مون کي خدا تي ڀروسو آهي ته مون کي خدا منهنجي سچي محنت جو ڦل ضرور ڏيندو. تون ڏسجانءِ وسيم! مان هڪ ڏينهن ڊاڪٽر بڻجندس، غريب مريضن جو علاج ڪري انهن جون دعائون به کٽيندس.

    وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو، ڏينهن، هفتا، مهينا ۽ سالن بدلجندا رهيا، رشيد پڙهندو رهيو، سخت محنت ڪندو رهيو…. ۽ نيٺ هڪ ڏينهن ڊاڪٽر بڻجي ويو. جڏهن وسيم کي خبر پئي ته رشيد ڊاڪٽر بڻجي ويو آهي ته خوشيءَ مان رشيد کي ڀاڪر پائي چيائين: ادا رشيد! تنهنجي ڳالهه سچي هئي ته خدا تعاليٰ ڪنهن جي به محنت تي پاڻي ناهي ڦيريندو. پر خدا سچي محنت جو ڦل ضرور ڏيندو آهي. اڄ تو کي تنهنجي سچي محنت جو ڦل ملي ويو آهي. تون ڊاڪٽر بڻجي وئين، تو کي مبارڪون هجن… مبارڪون…
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بيشڪ مولا ڪريم ڪنهنجي به محنت ضايع ناهي ڪندو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو