• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منى ۾ شهيد ٿيلن جو مذاق ۽ قربانيءَ تي اعتراض ڇو؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اها افسوس جھڙي ڳالهه آهي ته اسان جا ڪجھه هٿ ٺوڪيا سنڌي قومپرست جن لاءِ ڪجھه دوستن، حوالي خاطر ديسي لبرل جا لفظ به ڪتب آندا آهن، تن منى ۾ 717 حاجين جي شهادت جو مذاق اڏائيندي فيس بوڪ تي لکيو آهي: شيطان انهن حاجين کي جوابي پٿريون هنيون آهن وغيره وغيره، اهڙي ريت کين انسانن جي مرڻ تي ڪوبه افسوس ڪونه ٿيو آهي ـ اهڙن قومپرستن کي 717 انسانن جي موت تي اهڙيون ٽوڪون ڪندي ۽ فيس بوڪ تي شيئر ڪندي شرم اچڻ گھرجي ها ـ اهڙا حادثا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ٻين يا سندن سان به ٿي سگھن ٿا ۽ ڪنهن جي موت تي کين خوش ٿيڻ، هڪ ٽنگَ تي نچڻ ۽ اهڙي بيهودي مذاق ڪرڻ ڪونه ٿي سونهين ـ
ساڳن ڪوڙن سنڌي قومپرستن عرف ديسي لبرل کي اهو به پيٽ ۾ سُور جاڳيو آهي ته مسلمان، جانورن جي قرباني ڇو ٿا ڪن؟ ڀلا جيڪڏهن کين جانورن سان ايڏي همدردي آهي ته هو ٻڌائن ته ڇا انهن جانورن ۽ ساهوارن پکين جو ڪڏهن به گوشت ڪونه کاڌو آهي؟ روز ڪڙهائي گوشت ۽ فراءِ گوشت کائڻ کانسواءِ سندن گذر ڪونه ٿو ٿئي ۽ هليا آهن وڏا ليڪچر ڏيڻ ـ اهڙن ماڻهن کي ته مڪمل ويجيٽيرين هئڻ گھرجي ها پر ائين ڪونهي ـ جيڪڏهن سندن نظر ۾ قرباني ڪرڻ ڏوهه آهي ته قرباني ۽ ٻين جانورن جو گوشت کائڻ به ته ڏوهه آهي ـ
قربانيءَ جي گوشت جا ٽي حصا ٿيندا آهن ـ هڪ غريبن ۾ ورهائبو، ٻيو مٽن مائٽن ۽ پاڙيسرين ۽ ٽيون حصو پاڻ وٽ رکبو آهي ـ اهڙي ريت غريبن کي به سال ۾ چاهي هڪ ڀيرو ئي سهي مفت گوشت کائڻ لاءِ ملي ٿو. اعتراض ڪندڙ پاڻ شادين مرادين ۽ ٻين فنڪشنن ۾ لکين روپيا خرچ ڪندا آهن، خوبصورت گھرن ۾ رهندا آهن ۽ قيمتي موٽر گاڏين ۾ گھمندا آهن پر ان وقت کين غريبن ۽ مسڪينن جي ياد ڪونه ايندي آهي ـ هر سال نئون سال ملهائبو آهي ته ان تي به وڏي رقم خرچ ٿيندي آهي پر مجال آهي جو ان تي کين غريب ياد اچن پر جڏهن سال ۾ هڪ ڀيرو قرباني وغيره ٿيندي آهي ته کين غريبن جو دک درد اوچتو پيٽ ۾ جاڳندو آهي ـ
ٿورو وقت اڳ فيس بوڪ توڙي ميڊيا ۾، نيپال ۾ هندن جي سالياني رسم جا فوٽو، ڇپيا هئا جنهن ۾ سوين جانورن جون منڍيون بيدرديءَ سان هڪ ئي هنڌ، جھٽڪن سان الڳ ڪيون ويون هيون ـ ان وقت مون کي به حيرت ٿي ته ڪوڙن قومپرستن توڙي هٿ ٺوڪين ديسي لبرل ان تي ڪي به احتجاجي رمارڪس ڪونه ڏنا ـ اسلام ۾ آهي ته هڪ جانور جي قرباني، ٻئي جي اڳيان نه ڪريو متان ان کي رت ڏسي، تڪليف ٿئي پر نيپال جي هندن ته سوين جانورن کي هڪ ئي وقت بيدرديءَ سان ماريو هو ۽ سڀني جون منڍيون پٽ تي رکيل هيون ـ
ڪنهن دوست فيس بوڪ تي ڪيڏو نه سٺو لکيو آهي ته اهڙن نام نهاد ديسي لبرل کي سمارٽ فون جنهن جي قيمت ٻڪري يا ڳئون جي هڪ پتيءَ کان به گھڻو وڌيڪ آهي، انهن جي رکڻ تي ته کين غريب ڪونه ٿا ياد اچن پر سالياني قرباني ٿيندي آهي ته کين پيٽ ۾ وٽَ پوندا آهن ـ
مان سمجھان ٿو ته اهڙن ماڻهن ۾ جيڪڏهن ذري به غيرت هوندي ته هو اڄ ڏينهن کانپوءِ ڪنهن به ساهواري جو گوشت کائڻ ڇڏي ڏيندا ۽ مڪمل ويجيٽيرين ٿي پوندا، باقي ساهوارن جانورن جو ڪڙهائي گوشت کائي ۽ فراءِ ڪري پنهنجا ڀڀ پيا ڀريندا ۽ مٿان وري وڏا ليڪچر به ڏيندا آهن ـ
^^^^^^^^^^^^^^^^^^^^^^
 
تمام سُٺي ۽ دل جي ڳالھ لکي اٿوَ.
انهن هٿ ٺوڪين قومپرستن هڻي ماڻهن جا ذهن ئي گندا ڪري ڇڏيا آهن.
هڪ شخص آهي فيسبوڪ ۾ منهنجو فرينڊ آهي، عجيب شخص آهي، حج به ڪري پيو پر مڪي ۾ رُڳي سيلفين جي پويان آهي.. وري ڪڏهن ڪڏهن اسلام ۽ مُلن خلاف به بڪ بڪ ڪندو آ، هاڻ اهڙن منافقن کي ڇا ڪريون؟؟

اهي صرف فيسبوڪي ڏيڏر اٿَوَ، اجائي ٽان ٽان ڪري پنهنجو ٽائم پاس پيا ڪَن..
اگر ايتري ئي انسانيت سان محبت اٿن ته پهرين پنهنجن شهرن ۾ غريبن سان رهي ته ڏيکارين، اي.سي ۾ ويهي ٽَچ موبائلن تان ويهي اسلام خلاف بڪ بڪ ڪندا ته ان ۾ انهن جو اميج پيو ڪِري، اسلام کي ڪوبه نقصان ناهي..

ٻي ڳالھ ته جيڪي به زائرين حج تي وڃن ٿا ته اهي ان نيت سان وڃن ٿا ته شل موت به اتي نصيب ٿئي، هاڻ توهان سوچيو، انهن جي شهادت تي هِنن ڏيڏرن کي ڏُک نه ٿيندو؟؟ شيطان ٿوروئي چاهيندو ته ماڻهون شهيد ٿين ۽ الله انهن سان راضي ٿِئي، سو منهنجا سائين! اهي به شيطان جا پيروڪار اٿَوَ..
 
سائين اوهان جو غصي وارو لب و لهجو بلڪل درست آهي يقينن انهن ماڻهن کي اها شئي نه ڪرڻ گهرجي هي امتي الميو آهي ها بجاءِ ان تي اهڙي ٺٺول بازي ڪرڻ جي تعميري تنقيد ٿي سگهي ٿي ۽ اهو حق پڻ آهي ۽ ٿيڻ به گهرجي. ڪربلا ۾ ڪروڙين ماڻهون گڏ ٿين ٿا اتي اهڙا حادثا نه پيا ٿين سواءِ دهشتگردي جي ليڪن اتان جي حڪومتن کي اهڙا پلان ٺاهڻ گهرجن.

جڏهن ته انهن لبرل قومپرستن ويچارن جو ته دين آهي نه ايمان هنن جنهن شئي کي يعني قومپرستي کي چونڊيو آهي اها پڻ هن اسان جي سماج ۾ ايتري ته داغدار آهي جنهن جي مثال نه ٿي ملي. اهي ماڻهون پنهنجي وسندين ۾ ڏاهارين کي پناه، ڪرپٽ ماڻهون پاليندڙ ، ڀتا خور ، چور ۽ جاهل پنهنجي صفن ۾ رکندڙ ماڻهن جا ساٿاري آهن.
باقي قبلا اوهانجو درد به اسان وارو ئي آهي.
وسلام
 
اصل ۾ اهڙا ماڻهو ڪنهن به فلسفي يا مذهب تي قائم ناهن ... ... شڪي طبيعت، هر ڳالهه جي منفي پاسي تي ڌيان ڏيندڙ، اجايا بحث ڪندڙ ۽ دين جي مثبت روين ۽ مثبت ڳالهين واري پنن کي بند ڪري ڇڏيندڙ اهڙا ماڻهو اصل ۾ وڏا واندا آهن .......
 
اصل ۾ اهڙا ماڻهو ڪنهن به فلسفي يا مذهب تي قائم ناهن ... ... شڪي طبيعت، هر ڳالهه جي منفي پاسي تي ڌيان ڏيندڙ، اجايا بحث ڪندڙ ۽ دين جي مثبت روين ۽ مثبت ڳالهين واري پنن کي بند ڪري ڇڏيندڙ اهڙا ماڻهو اصل ۾ وڏا واندا آهن .......


سائين هميشه ائين ٿيندو جڏهن حق کي بجاءِ پنهنجي اوريجن يا مصدر کان ڏسڻ جي جڏهن ماڻهن کان سڃاڻڻ جي ڪوشس ڪندي ه انسان بتال ئي رهندو جيسيتائين انسان حق نه سڃاڻندو تيستائين صاحبِ هق جي سڃاڻپ ممڪن ناهي.
اوهان صحيح پيا فرمايو.
وسلام
 
اصل ۾ اهڙا ماڻهو ڪنهن به فلسفي يا مذهب تي قائم ناهن ... ... شڪي طبيعت، هر ڳالهه جي منفي پاسي تي ڌيان ڏيندڙ، اجايا بحث ڪندڙ ۽ دين جي مثبت روين ۽ مثبت ڳالهين واري پنن کي بند ڪري ڇڏيندڙ اهڙا ماڻهو اصل ۾ وڏا واندا آهن .......
.....پر سائين اهڙي ڪا ڳالهه هندو مذهب سان ٿئي ٿي ته اهي ڪوڙا سنڌي قومپرست، پنهنجا چپ سبي ڇو ٿا سڏن؟ مطلب ته سندن مقصد هڪ دين کي نشانو بڻائڻو آهي، سڀني کي نه ـ
 
Back
Top